Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان پاڪستان سميت سڄي دنيا جي پورهيتن کي زبردست خراج تحسين پيش.


پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان پاڪستان سميت سڄي دنيا جي پورهيتن کي زبردست خراج تحسين پيش.
 Posted on: 4/30/2015
پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان پاڪستان سميت سڄي دنيا جي پورهيتن کي زبردست خراج تحسين پيش.
لنڊن؛ 30 اپريل 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي پورهيتن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جناب الطاف حسين پورهيتن جي نالي پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ فرمايو ته پورهيت طبقو ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکندو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته دنيا جي تمام ترقي يافته ملڪن ۽ معاشرن ۾ پورهيتن کي خاص اهميت ڏني ويندي آهي. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ اڪثريت پورهيت طقبي سان تعلق رکي ٿي جيڪا پنهنجو رت ۽ پگهر وهائي ڪري پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ گذريل 67 سالن جي دوران ڪنهن به حڪومت پورهيتن کي جائز حق فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪي به ٺوس قدم نه کنيا آهن. انهن فرمايو ته هر سال عالمي سطح تي ملهايو ويندڙ پورهيتن جو عالمي ڏينهن پاڪستان جي مزدورن کي انهن جا جائز حق فراهم ڪرڻ جو اعادو ڪن ڪن ٿا. پر اسان ان ڏينهن جي اصل پيغام کي اڄ تائين سمجهي نه سگهيا آهيون. جناب الطاف حسين فرمايو ته حڪومت پورهيتن جي پگهارن ۾ اصافو ڪري ته جيئن ملڪ جي ترقي ۾ اهي وڌيڪ سهڻي طريقي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. 

7/17/2024 11:10:07 AM