Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

تحريڪ صوبي هزاره جي قائد ۽ بزرگ رهنما بابا حيدر زمان جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي فون.


تحريڪ صوبي هزاره جي قائد ۽ بزرگ رهنما بابا حيدر زمان جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي فون.
 Posted on: 4/29/2015
تحريڪ صوبي هزاره جي قائد ۽ بزرگ رهنما بابا حيدر زمان جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي فون.
نون صوبن جي قيام جي آواز اٿارڻ تي هزاره وال عوام جي طرفان انهن جو شڪريو ادا ڪيو.
مان هميشه مظلوم هزاري وال عوام سان گڏ آهيان ۽ چاهيان ٿو ته هزاره صوبو بڻايو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 29 اپريل 2015 
           تحريڪ صوبا هزاره جي قائد ۽ بزرگ رهنما بابا حيدر زمان ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي فون ڪري نون  صوبن جي قيام جي آواز اٿارڻ تي هزاري وال عوام جي طرفان انهن جو شڪريو ادا ڪيو. بابا حيدر زمان چيو ته ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام جي حوالي سان اوهان جيڪو موقف اختيار ڪيو آهي. اهو حقيقت پسندانه آهي ۽ اسان ان معاملي ۾ دامي، درمي، قدمي ۽ سخني اوهان سان گڏ آهيون. بابا حيدر زمان جناب الطاف حسين کي چيو ته اسان ته چئون ٿا ته سڀني کان پهرين ڪراچي کي صوبو بڻايو وڃي.اها اتان جي عوام جي ڊمانڊ آهي. اهڙي طرح هزاره صوبو بڻايو وڃي. سرائيڪي صوبو بڻايو وڃي. عوام پاڪستان ۾ نون صوبن جو قيام چاهين ٿا. بابا حيدر زمان جناب الطاف حسين کي چيو ته هزاره صوبي جي قيام جي لاءِ هزاره وال عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اوهان هزاره صوبي جي ڳالھ ڪري هزاري وال عوام جا دل کٽي ورتا آهن ۽ اسان اوهان جا شڪر گذار آهيون. جناب الطاف حسين بابا حيدر زمان سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمايو ته مان محروم عوام جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهيان ۽ مان عوام جون محروميون چڱي نموني سمجهان ٿو. انهن فرمايو ته مان هميشه مظلوم هزاري وال عوام سان گڏ آهيان ۽ چاهيان ٿو ته هزاره صوبو بڻايو وڃي ۽ هزاري وال عوام کي انهن جا جائز حق ڏنا وڃن. 

7/17/2024 11:12:55 AM