Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسٽيلبشمينٽ تعصب جي عينڪ لاهي ۽ پنهنجو مائنڊ سيٽ تبديل ڪري. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


اسٽيلبشمينٽ تعصب جي عينڪ لاهي ۽ پنهنجو مائنڊ سيٽ تبديل ڪري. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/29/2015
اسٽيلبشمينٽ تعصب جي عينڪ لاهي ۽ پنهنجو مائنڊ سيٽ تبديل ڪري. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم جا هٿ پير ٻڌي ڪراچي کي پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو ويو آهي.
وقت اچي ويو آهي ته احتساب جي لاءِ ايماندار ۽ پاڪ ۽ صاف جنرلن کي سامهون اچڻ گهرجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 29 اپريل 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جا هٿ پير ٻڌي ڪراچي کي پابندي وڌل تنظيمن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو ويو آهي. وقت جو تقاضا آهي ته اسٽيبلشمينٽ تعصب جي عينڪ لاهي ۽ پنهنجو مائنڊ سيٽ تبديل ڪري. اها ڳالھ انهن هڪ ٽي وي چينل سان خصوصي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي.جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن تي افسوس جو اظهار ڪندي فرمايو ته پهرين انساني حقن جي ڪارڪن سبين محمود کي ٽارگيٽ ڪلنگ  جو نشانو بڻايو ويو ۽ اڄ دستگير ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي اسٽنٽ پروفيسر وحيد الرحمٰن کي گوليون هڻي ڪري شهيد ڪيو ويو. انهن فرمايو ته پهرين هڪ سازش جي تحت ڪراچي جي هر واقعي جي ذميواري ايم ڪيو ايم تي عائد ڪئي ويندي هئي. ايستائين جو شهر ۾ جيڪڏهن ڪوئي ڪتو يا ٻلي به مري ته ان جو الزام به ايم ڪيو ايم کي ڏنو وڃي ٿو ۽ انهي بنياد تي ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪاروائيون ڪيون ويون ۽ ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. اڄ ڪراچي شهر جي چئني طرف پيرا ملٽري رينجر جا اهلڪار تعينات آهن. ان جي ڪري اسان اهو سوال ڪرڻ جو حق رکون ٿا ته هاڻي ڪراچي ۾ بي گناھ شهرين کي ڪير قتل ڪري رهيو آهي؟ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي ايم ڪيو ايم جي حامين جو شهر آهي پر آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جا هٿ پير ٻڌي  شهر ۾ القائده، داعش ۽ طالبان دهشت گردن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڇوٽ ڏني وئي آهي ۽ شهر جي عوام کي پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو ويو آهي. انهن فرمايو ته وقت جو تقاضا آهي ته حڪمران طبقو ۽ اسٽيبلشمينٽ حقيقتن کي تسليم ڪري، تعصب جي عينڪ لاهي ۽ حالتن جو جائزو ورتو وڃي ۽ مائنڊ سيٽ تبديل ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته جڏهن مان چيو هو ته  سابق آرمي چيف جنرل ڪياني ۽ سابق چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري ٻنهي لانگ مارچ جي ذريعي جنرل پرويز مشرف کي هٽائڻ جي سازش ڪئي آهي ته ڪنهن به منهنجي ڳالھ نه ٻڌي. پر اڄ سمورن ٽي وي چينلن تي اها ڳالھ چئي پئي وڃي . انهن فرمايو ته وقت اچي ويو آهي ته احتساب جي لاءِ ايماندار ۽ پاڪ ۽ صاف جنرلن کي سامهون اچڻ گهرجي. ڪوئي منهنجي ان ڳالھ تي اهو چوي ته الطاف حسين مارشلا کي دعوت ڏيئي رهيو آهيان ته چوندو رهي پر مان ملڪ جي سلامتي ۽ بقا جي ڳالھ ڪندو رهندس.

6/30/2024 7:36:15 AM