Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي يونيورسٽي جي اسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر وحيد الرحمٰن جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ڪراچي يونيورسٽي جي اسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر وحيد الرحمٰن جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/29/2015
ڪراچي يونيورسٽي جي اسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر وحيد الرحمٰن جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 29 اپريل 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين دستگير ۾ دهشت گردن جي هٿان ڪراچي يونيورسٽي جي شعبي ابلاغ عامه جي اسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر وحيد الرحمٰن جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ڊاڪٽر وحيد الرحمٰن جي وحشي قاتلن کي سخت ترين سزا ڏني وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ان کان اڳ به ڪراچي ۾ ڊاڪٽرن، پروفيسرن ۽ زندگي جي ٻين شعبن جي ماهرن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻائي ڪري شهيد ڪيو ويو آهي. پر اڄ تائين انهن قتلن جي وارڌاتن ۾ ملوث دهشت گردن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. انهن فرمايو ته هڪ طرف ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ عوام جي چونڊيل جماعت ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ ان جي بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ٻئي طرف وحشي دهشت گردن کي شهرين جي جان و مال سان کيڏڻ جي کليل ڇوٽ ڏني وئي آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. جناب الطاف حسين پروفيسر ڊاڪٽر وحيد الرحمٰن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي پروفيسر ڊاڪٽر وحيد الرحمٰن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد کان مطالبو ڪيو ته اهي پروفيسر ڊاڪٽر وحيد الرحمٰن جي وحشياڻي قتل جو سختي سان نوٽس وٺن ۽ وحشي دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي. 

7/17/2024 11:14:23 AM