ڪراچي انٽر بورڊ جي امتحانن ۾ ڪاپي ڪرڻ جي اطلاعن تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 29 اپريل 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي انٽر بورڊ جي امتحانن ۾ ڪاپي ڪرڻ جي اطلاعن تي وڏي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تلقين ڪئي ته اهي ڪاپي ڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ محنت ڪري امتحان ۾ پاس ٿين. ڪاپي ڪرڻ سان ڊگري ته حاصل ٿي سگهي ٿي پر علم نه. انهن اعلٰي آفيسرن ۽ استادن کي به گذارش ڪئي ته اهي ڪاپي جي روڪٿام جي لاءِ سخت قدم کڻڻ. انهن ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي به هدايت فرمائي ته اهي انٽربورڊ جي اعلٰي آفيسرن ۽ استادن سان گڏجي ڪري ڪاپي جي روڪٿام جي لاءِ ڪوششون ڪن.