Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ پاڻي جي بحران کي سياسي ايجنڊا جي طور تي ڏٺو ويو ته اسان ڪراچي جي عوام جي سخت احتجاج کي روڪي نه سگهنداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار.


ڪراچي ۾ پاڻي جي بحران کي سياسي ايجنڊا جي طور تي ڏٺو ويو ته اسان ڪراچي جي عوام جي سخت احتجاج  کي روڪي نه سگهنداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 4/29/2015
ڪراچي ۾ پاڻي جي بحران کي سياسي ايجنڊا جي طور تي ڏٺو ويو ته اسان ڪراچي جي عوام جي سخت احتجاج  کي روڪي نه سگهنداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار.
پاڻي جي نالي تي ٿيندڙ فساد لساني فسادن جي شڪل اختيار ڪري سگهن ٿا.
سنڌ ۾ 7 سالن کان پي پي جي حڪومت آهي ۽ اسان 7 سالن کان وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي پاڻي جي بحران کان آگاھ ڪري رهيا آهيون.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 29 اپريل 2015 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي جي ڪمي دور نه ڪئي وئي، پاڻي جي تقسيم کي منصفانه نه بڻايو ويو ۽ ان کي سياست جي ور چاڙهيو ويو ته اسان ڪراچي جي عوام جي سخت احتجاج کي روڪي نه سگهنداسين. ڪراچي ۾ پاڻي جي نالي تي فساد لساني فسادن جي شڪل اختيار ڪري سگهن ٿا. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ ڪيو. ان موقعي تي حيدر عباس رضوي، محترمه خوش بخت شجاعت، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن ۽ ٻيابه موجود هئا.پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ڪراچي هن وقت پاڻي جي وڏي بحران جي ڪري ڪربلا جو منظر پيش ڪري رهيو آهي،ايم ڪيو ايم وٽ پاڻي جي ان بحران جي خاتمي جي لاءِ اختيار نه آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم اپوزيشن ۾ آهي. پر سنڌ حڪومت اڄ تائين ايم ڪيو ايم سان مشورا ڪرڻ ته ٺهيو پر ڳالھ ڪرڻ به گوارا نه ڪئي آهي. انهن چيو ته شهر ۾ پاڻي جي گهرج هڪ هزار ملين گيلن آهي، جيڪو پاڻي هن وقت ملي رهيو آهي اهو 520 ملين گيلن روزاني جي حساب سان آهي. انهن چيو ته 520 ملين گيلن پاڻي به جيڪڏهن منصفانه طريقي سان تقسيم ڪيو وڃي ۽ وال آپريشنز کي صحيح طريقي سان مانيٽر ڪيو وڃي ته ڪمي کي دور ڪري سگهجي ٿو. انهن چيو ته شهر ۾ پاڻي جي بحران تي صوبائي حڪومت، وزير اعلٰي سنڌ ۽ شرجيل ميمڻ توجه ڏيڻ جي بجاءِ گوسڙو ملازمن ۽ شادي هالن جي پويان پيل آهن.انهن چيو ته سنڌ ۾ 7 سالن کان پي پي جي حڪومت آهي ۽ 7 سالن کان ئي اسان وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي پاڻي جي بحران کان مسلسل  آگاھ ڪري رهيا آهيون ۽ ٻين منصوبن ڏانهن به توجه ڏياري رهيا آهيون. انهن چيو ته جيڪڏهن ايم ڊي واٽر بورڊ ڪنهن سياسي ايجنڊي تي ڪم ڪري رهيو آهي ته ان جو مطلب آهي ته پي پي جي حڪومت ڪراچي جي پاڻي کي به سياسي بنيادن تي هلائي رهي آهي ۽ هٿرادو بحران کي پنهنجي مجرمانه غفلت جي ذريعي وڌيڪ سنگين بڻائي رهي آهي. انهن چيو ته اهو آصف علي زرداري ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جي لاءِ واضع پيغام آهي يعني پاڻي جي تقسيم جي نالي تي لساني فساد ٿيا ته اهي شهر کي فساد ڏانهن وٺي ويندا. انهن چيو ته ڪراچي ۾ پنج وڏا پمپنگ اسٽيشن آهن هتي جيڪو ڪنٽرول هجڻ گهرجي اهو نه آهي. اهڙي طرح 180 جي ويجهو پمپنگ اسٽيشن ۽ والز آهن جيڪڏهن انهن جي صحيح نگراني نه ٿي ۽ انهن کي به سياسي ور چاڙهيو ويو ته ڪراچي جي عوام جي سخت احتجاج کي اسان روڪي نه ٿا سگهون ۽ ان رڌعمل سان واٽر بورڊ جون آفيسون به محفوظ رهي نه سگهنديون ۽ ان جي تمام تر ذميواري پي پي ۽ سنڌ حڪومت تي عائد ٿيندي.انهن چيو ته هائيڊرينٽس جي تحت جيڪو هڪ ٽينڪر 700 کان 800 روپين ۾ ملندو هو، اهو هاڻي 1500 روپين تائين ملي رهيو آهي. ان جي لاءِ ضروري آهي ته هائيڊرينٽس جي نظام کي به مانيٽر ڪيو وڃي ۽ غير قانوني هائيڊرينٽس ختم ڪيا وڃن. انهن چيو ته پاڻي جي بحران جي منصوبن تي اسان جون تحريڪ التوائون سنڌ اسيمبلي ۾ جمع آهن پر انهن کي بلڊوز ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي ڪراچي جي عوام کي حق ڏيڻ کان قاصر آهي ته آئنده اسان اهو فيصلو ڪنداسين ته ان اسيمبلي ۾ پنهنجن چونڊيل نمائندن کي موڪلڻ بند ڪري ڇڏيون ۽ اسان سنڌ اسيمبلي جي حدن  ۾ پنهنجي هڪ الڳ اسيمبلي لڳايون ۽ اتي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. انهن چيو ته اڍائي سو ملين گيلن پاڻي روزاني جي حساب سان اضافي پاڻي جي منصوبي ڪي فور جو هن مهل تائين ڪجھ به نه ٿيو آهي. 65 ملين گيلن يوميه پاڻي جي فراهمي جو منصوبو اسان نواز شريف کي ڏنو جيڪو وچولي مدت جو هو.انهن چيو ته پي پي ڏھ ملين گيلن يوميه پاڻي جي لاءِ ساڍا ڇھ ارب روپيا خرچ ڪيا پر 65 ملين گيلن يوميه پاڻي جي فراهمي جو منصوبو جنهن تي ڇھ ارب روپيا لاڳت اچي ها اهو سرخ ڦيٿي جي نظر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته آر او پلانٽ به ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي. انهن چيو ته لياري جا عوام اکيون کولين جو انهن کي ٻن اربن جا پلانٽ ڏنا ويا ۽ 4 اربن جي لٽ مار ڪئي وئي آهي. انهن چيو ته ڪي اي ايس سي واٽر بورڊ سان پنهنجا معاملا درست ڪري، واٽر بورڊ کان پاڻي جي فراهمي جا اگھ ڪمرشل بينادن تي ورتا پيا وڃن بل وڌڻ سان ڪي اليڪٽرڪ واٽر بورڊ کي بليڪ ميل ڪري ٿي. انهن چيو ته ڪراچي 70 سيڪڙو ٽيڪس اسلام آباد ۽ 90 سيڪڙو سنڌ کي ڏيئي ٿو.ان جي باوجود به ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ آبادي واري شهر سان اهو سلوڪ ڪيو پيو وڃي.انهن چيو ته ڪراچي جي عوام کي گمراھ ڪرڻ جي لاءِ گوسڙو ملازمن ۽ شادي هالن کي ڪيرائڻ جو شوشو ڇڏيو ويو. سنڌ حڪومت ۽ پي پي ڪراچي سان مخلص آهي ته ڪي فور جو منصوبو جيڪو منظور شده آهي جنهن جي لاءِ بجيٽ ۾ پيسو به اچي چڪو آهي ان کي ليز ڪري. انهن چيو ته پاڻي جي لائين جي تنصيب ۽ ان جا منصوبا ڏهن مهينن کان پوءِ به مڪمل نه ٿيڻ جي وڏي وجه ڪراچي ۾ مقاني حڪومتن جو نه هجڻ آهي. انهن چيو ته ڪراچي پاڪستان جي معيشت جو مرڪز ۽ انجڻ آهي پر لڳي ائين ٿو ته ان کي جمهوري ليز تي اکيون بند ڪري پي پي کي ڏنو ويو آهي ته جيئن اهي ڪراچي جي عوام جو سودو ڪري سگهن. انهن چيو ته پاڻي جي بحران کي شدت سان اٿارڻ جو مقصد اهو آهي ته ايم ڪيو ايم ان مسئلي تي عوام جي احتجاج ۽ ڌرڻڻ جي ذميواري کان پوئتي هٽي رهي آهي. عوام ڌرڻن جو پلان ڪندا ته ايم ڪيو ايم جا نمائندا انهن جو  ساٿ ڏيندا. ان سلسلي ۾ اسان عوام کان به راءِ وٺي رهيا آهيون ۽ هاڻي پرامن احتجاج کان سواءِ ٻيو ڪوئي به رستو نه آهي. 

7/17/2024 11:11:06 AM