Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جيڪڏهن اين اي 246 جي پولنگ جي دوران سرڪاري اهلڪارن جي طرفان رڪاوٽون نه وڌيون وڃن ها ۽ ووٽرن کي تنگ نه ڪيو وڃي ها ته ايم ڪيو ايم ٻن لکن کان به وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري وٺي ها.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


جيڪڏهن اين اي 246 جي پولنگ جي دوران سرڪاري اهلڪارن جي طرفان رڪاوٽون نه وڌيون وڃن ها ۽ ووٽرن کي تنگ نه ڪيو وڃي ها ته ايم ڪيو ايم ٻن لکن کان به وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري وٺي ها.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/28/2015
جيڪڏهن اين اي 246 جي پولنگ جي دوران سرڪاري اهلڪارن جي طرفان رڪاوٽون نه وڌيون وڃن ها ۽ ووٽرن کي تنگ نه ڪيو وڃي ها ته ايم ڪيو ايم ٻن لکن کان به وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري وٺي ها.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم پنجاب جي صدر ميان عتيق ۽ لاهور آفيس ۾ ايم ڪيو ايم جي سينٽرل پنجاب ۽ جنوبي پنجاب جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 28 اپريل 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته جيڪڏهن اين اي 246 جي پولنگ جي دوران سرڪاري اهلڪارن جي طرفان رڪاوٽون نه وڌيون وڃن ها ۽ ووٽرن کي تنگ نه ڪيو وڃي ها ته ايم ڪيو ايم ٻن لکن کان به وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري ها. اها ڳالھ انهن اڄ ايم ڪيو ايم پنجاب جي صدر ميان عتيق ۽ لاهور آفيس ۾ ايم ڪيو ايم جي سينٽرل پنجاب ۽ جنوبي پنجاب جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته تمام تر ظلمن ، سازشي هٿڪنڊن، منفي پروفيگنڊن ۽ وڏي پيماني تي ٿيندڙ ميڊيا ٽرائل جي باوجود اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۽ ڪنٽومينٽ جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم کي شاندار ڪاميابي ٿي آهي. اها الله تعالٰي جي فضل و ڪرم سان حاصل ٿي آهي. ان مان هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿي چڪو آهي ته سچ ۽ حق جي تحريڪ کي ظلم، ڏاڍ ۽ ميڊيا ٽرائل جي ذريعي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. انهن هن اليڪشن ۾ شاندار ڪاميابي تي پنجاب جي هڪ هڪ ڪارڪن کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ڏکين حالتن جي باوجود ثابت قدم رهڻ تي خراج تحسين به پيش ڪيو. ان موقعي تي تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن به جناب الطاف حسين کي هڪ هڪ ٿي ڪري مبارڪباد پيش ڪئي. 

7/17/2024 10:56:09 AM