سمورا ذميوار ۽ ڪارڪن تڪليفن ۽ مشڪلاتن جي باوجود هن اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي شاندار ڪاميابي تي الله تعالٰي جي حضور شڪر ادا ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 28 اپريل 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخواھ، بلوچستان، قبائلي علائقن ۽ ڪشمير سان تعلق رکندڙ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي چيو آهي ته اهي تمام تر تڪليفن ۽ مشڪلاتن جي باوجود هن اليڪشن ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي الله تعالٰي جي حضور شڪر ادا ڪن ۽ هڪ وقت جو کاڌو ڪنهن به هڪ غريب يا سفيد پوش زندگي گذراڻ وارن ماڻهن جي گهر پهچائين.