Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

تمام تر ظلمن ۽ ڏاڍ جي باوجود اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي شاندار ڪاميابي واضع پيغام آهي ته ڪوئي به ظلم ۽ ڏاڍ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري نه ٿو سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


تمام تر ظلمن ۽ ڏاڍ جي باوجود اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي شاندار ڪاميابي واضع پيغام آهي ته ڪوئي به ظلم ۽ ڏاڍ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري نه ٿو سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/28/2015
تمام تر ظلمن ۽ ڏاڍ جي باوجود اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي شاندار ڪاميابي واضع پيغام آهي ته ڪوئي به ظلم ۽ ڏاڍ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري نه ٿو سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اسٽيبلشمينٽ جا پاليسي ساز ۽ اعلٰي اختاريون عقل کان ڪم وٺن، ايم ڪيو ايم کان نفرت ۽ دشمني ڇڏي ڏين ۽ ايم ڪيو ايم جي وجود کي دل سان تسليم ڪن.
رابطا ڪميٽي ۽ شعبن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 28 اپريل 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته عوام تمام تر ظلمن، ڏاڍ ۽ مشڪلاتن جي باوجود اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۽ ڪنٽومينٽ بورڊ جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم کي جنهن شاندار ڪاميابي سان همڪنار ڪيو آهي، اهو ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي سوچ رکڻ وارن جي لاءِ هڪ واضع پيغام آهي ته ڪوئي به ظلم ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري نه ٿو سگهي.اها ڳالھ انهن رابطا ڪميٽي ۽ شعبن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي.انهن سمورن شعبن جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي اليڪشن ۾ شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ اليڪشن ۾ وڏي محنت سان ڪم ڪرڻ تي انهن کي خراج تحسين به پيش ڪيو. انهن فرمايو ته تمام تر رڪاوٽن جي باوجود عوام جهڙي طرح سان  ايم ڪيو ايم کي ڪامياب ڪرائڻ جي لاءِ نڪتا ۽ ان کي ڪامياب ڪرايو. اهي عقل وارن جي لاءِ نشانيون آهن. اسٽيبلشمينٽ جي پاليسي ساز ۽ تعصب پرست بيوروڪريٽن ۽ اعلٰي اختارين کي گهرجي ته اهي عقل کان ڪم وٺن، ايم ڪيو ايم کان نفرت ۽ دشمني ڇڏي ڏين. اِن کي يا ان کي مائنس ڪرڻ جي پنهنجي پراڻي پاليسي کي ڇڏي ڏين ۽ ايم ڪيو ايم جي وجود کي سچي دل سان تسليم ڪن، انهي ۾ پاڪستان جي بقا و سلامتي آهي ۽ انهي ۾ هر مسئلي کان نجات جو حل به آهي. جناب الطاف حسين اسٽيبلشمينٽ کي مخاطب ڪندي فرمايو ته ايم ڪيو ايم ۾ پنهنجي خود احتسابي جو نظام آهي، پوليس، قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن ۽ سول يا ملٽري ايجنسين کي جيڪڏهن ڪنهن جي باري ۾ اها طلاع آهي ته اهو ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث آهي ته اهي اسان کي ٻڌائين، اسان تحقيقات ڪنداسين ۽ الزام ثابت ٿيڻ تي ان کي تحريڪ کان خارج ڪري ڇڏينداسين. انهن فرمايو ته آپريشن جي نالي تي ماورائي عدالت قتل ۽ حراست جي دوران وحشياڻي تشدد کان پاسو ڪيو وڃي.عدالتون انصاف کان ڪم وٺن ۽ جيڪي جج صاحبَ انصاف سان فيصلو نه ٿا ڪري سگهن ۽ پنهنجي ڪرسي سان انصاف ڪري نه ٿا سگهن ته اهي اسٽعيفٰي ڏيئي ڇڏين. انهن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي به تاڪيد ڪئي ته اهي هر قسم جي ڏوهاري ۽ سماج دشمن سرگرمين ۽ هر قسم جي ڪرپشن کان پنهنجي پاڻ کي پري رکن، عوام سان زور ۽ زبردستي ڪرڻ کان پاسو ڪن. عوام سان محبت سان پيش اچن. پنهنجين غلطين ۽ ڪوتاهين تي نظر وجهن ۽ انهن کي پري ڪن. محنت جي ڪنهن به ڪم ڪرڻ ۾ ڪوئي به عار محسوس نه ڪن. شاگردَ دل لڳائي ڪري تعليم حاصل ڪن. جيڪڏهن نوڪري ڪن ٿا ته پوري ايمانداري سان ڪن، گٽڪي، پان ۽ سگريٽ سميت ڪنهن به نشي واري شي کان پاسو ڪن ۽ پاڻ کي معاشري جو مثالي فرد بڻائين.

6/30/2024 7:37:05 AM