Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عمران خان جي طرفان ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزام سراسر ڪوڙ ۽ قابل مذمت آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


عمران خان جي طرفان ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزام سراسر ڪوڙ ۽ قابل مذمت آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/28/2015
عمران خان جي طرفان ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزام سراسر ڪوڙ ۽ قابل مذمت آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
عمران خان ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزامن تي قوم کان معافي وٺن.
جيڪڏهن عمران خان جي ڳالھ ۾ صداقت آهي ته اهي ٽي وي تي اچي ڪري قوم کي ٻڌائين ته اهي سيتاوائيٽ جي نياڻي جا والد آهن يا نه ؟
عمران خان ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزامن جا ثبوت ۽ شاهديون پيش ڪن يا عدالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڻ کي تيار ڪري وٺن.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 28 اپريل 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان گذريل ڏينهن هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ ايم ڪيو ايم تي جيڪي الزام لڳايا آهن اهي ڪوڙا ۽ قابل مذمت آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته عمران خان گذريل ڏينهن هڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته جڏهن اهي اين اي 246 ۾ ماڻهن جي گهرن تي ويا ته اتان جي عوام انهن سان تشڪر جو اظهار ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم وارا ان کان اڳ ڀتو وٺڻ ايندا هئا ۽ اڄ اوهان جي ڪري اهي ووٽ گهرڻ عوام جي گهرن تائين وڃي رهيا آهن. انهن فرمايو ته بغير ڪنهن ثبوت جي ڪنهن جماعت تي الزام لڳائڻ قتل ڪرڻ جي برابر آهي ۽ جيڪڏهن عمران خان جي ڳالهين ۾ صداقت آهي ته مان انهن کي چوندس ته اهي ٽي وي تي اچي ڪري قوم کي ٻڌائين ته اهي آمريڪا جي هڪ جمناسٽڪ جي ماهر عورت سيتاوائيٽ جي ٻارڙي ٽرين جيڊ جا والد آهن يا نه. جيڪڏهن آهن ته قوم کي ٻڌائين ۽ جيڪڏهن نه آهن تڏهن به قوم کي ٻڌائين ته جيئن مان ثبوتن ۽ شاهدين سان گڏ پنهنجي بيان جي سچائي کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ پنهنجن آئيني ۽ قانوني ماهرن جي ذريعي عدالت ۾ پٽيشن دائر ڪري سگهان. انهن فرمايو ته عمران خان ايم ڪيو ايم تي ٻيو الزام اهو لڳايو ته نصير الله بابر ڪراچي ۾ جيڪو آپريشن ڪيو هو ان آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس وارن کي ماريو ويو آهي۔ ڪراچي ۾ پوليس ڪجھ به ڪري نه ٿي سگهي ان جي لاءِ اسان رينجر جي موجودگي ۾ اين اي 246 جا اليڪشن وڙهيا. جناب الطاف حسين عمران خان کان سوال ڪيو ته ڇا اهي ايم ڪيو ايم جي متعلق پنهنجي ان الزام کي عدالتن ۾ وٺي وڃي سگهن ٿا. انهن فرمايو ته تحريڪ انصاف جي سربراھ ايم ڪيو ايم تي هڪ ٻيو الزام اهو به لڳايو ته ايم ڪيو ايم ماڻهن کي ننڍين ننڍين ڳالهين تي به ماري ڇڏي ٿي. جيڪو بلڪل ڪوڙ آهي. ڇو ته جيڪڏهن اهڙو هجي ها ته ايم ڪيو ايم اين اي 246 ۾ رينجر اهلڪارن جي پولنگ اسٽيشنن ۽ پولنگ بوٿن جي اندر ۽ ٻاهر موجودگي ۾ تقريبن هڪ لک ووٽ حاصل نه ڪري سگهي ها؟ جناب الطاف حسين فرمايو ته عمران خان ايم ڪيو ايم تي  لڳايل پنهنجن الزامن تي قوم کان معافي وٺن ،عدالتن ۾ الزامن کي ثبوتن ۽ شاهدين سان ثابت ڪن يا عدالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃن.

7/17/2024 11:18:22 AM