Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي آپريشن جي باري ۾ عمران خان جا خيال افسوسناڪ ۽ ڪراچي جي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهن. ايم ڪيو ايم ترجمان.


ڪراچي آپريشن جي باري ۾ عمران خان جا خيال افسوسناڪ ۽ ڪراچي جي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهن. ايم ڪيو ايم ترجمان.
 Posted on: 4/27/2015
ڪراچي آپريشن جي باري ۾ عمران خان جا خيال افسوسناڪ ۽ ڪراچي جي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهن. ايم ڪيو ايم ترجمان.
ڪراچي؛ 27 اپريل 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي ترجمان چيو آهي ته ڪراچي ۾ آپريشن جي باري ۾ عمران خان جا خيال نهايت افسوسناڪ آهن ۽ ڪراچي جي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته هڪ ٽي وي چينل تي عمران خان جي ڏنل انٽرويو جنهن ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ نصير الله بابر جي آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس وارن کي ماريو ويو آهي. ترجمان چيو ته اسان کي ان ڳالھ تي سخت افسوس آهي ته عمران خان انهن پوليس وارن جو ته ذڪر ڪيو پر انهن ڪراچي جي هزارين مهاجرن جو ڪوئي به ذڪر نه ڪيو جن کي ڪراچي آپريشن جي دوران وحشياڻو تشدد ڪري ماورائي عدالت قتل ڪري شهيد ڪيو ويو هو.سرڪاري حراست ۾ انهن جو اکيون ڪڍيون ويون، انهن جي جسمن تان کلون لاتيون ويون ۽ انهن جي جسمن تي استريون گهمايون ويون. ترجمان چيو ته عمران خان جواب ڏين ته اڄ ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجر وارن کي ڪير ماري رهيو آهي.انهن تي حملا ڪير ڪري رهيو آهي ، عمران خان انهن طالبان ۽ پابندي وڌل تنظيمن جا نالا وٺڻ کان ڇو پاسو ڪري رهيا آهن. جيڪي دهشت گردي ڪري ان جي کلي عام ذميواري به قبول ڪن ٿا. ترجمان چيو ته عمران خان کي انهن جي پاليسين جي ڪري ئي ڪراچي جي عوام رڌ ڪري ڇڏيو آهي. 

7/17/2024 10:47:38 AM