ڪنيڪٽ وٿ ايم ڪيو ايم جي عنوان سان ميمبر سازي مهم جو باقائده آغاز ٿي چڪو آهي. ترجمان شعبه اطلاعات.
ڪراچي؛ 27 اپريل 2015
ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي ترجمان چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي تحت ڪنيڪٽ وٿ ايم ڪيو ايم جي عنوان سان ميمبر سازي مهم جو باقائده آغاز ٿي چڪو آهي ۽ هن مهل تائين دنيا جي مختلف ملڪن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن وڏي تعداد ۾ ميمبر سازي فارم ڀريا آهن. تفصيلات جي مطابق پنجاب، ڪي پي ڪي، سنڌ ، بلوچستان ، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي منشور جي مطابق ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو هو ۽ جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي ويب سائيٽ تي ميمبر سازي جو فارم اپ لوڊ به ڪيو ويو آهي. ان جو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ وڏو خير مقدم ڪيو پيو وڃي ۽ هن مهل تائين ايم ڪيو ايم جي ويب سائيٽ تي ميمبر سازي جا فارم وڏي تعداد ۾ ڀريا ويا آهن.