Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪي فور منصوبي جي تڪميل جي لاءِ سنڌ حڪومت جي مجرمانه غفلت جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي. سينيٽر نسرين جليل.


ڪي فور منصوبي جي تڪميل جي لاءِ سنڌ حڪومت جي مجرمانه غفلت جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي. سينيٽر نسرين جليل.
 Posted on: 4/27/2015
ڪي فور منصوبي جي تڪميل جي لاءِ سنڌ حڪومت جي مجرمانه غفلت جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي. سينيٽر نسرين جليل.
ڪراچي؛ 27 اپريل 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر نسرين جليل وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو آهي ته ڪراچي جي شهرين کي پاڻي جي فراهمي جي سلسلي ۾ ڪي فور منصوبي جي تڪميل جي لاءِ سنڌ حڪومت جي مجرمانه غفلت جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي. اهو مطالبو محترمه نسرين جليل وزير اعظم ميان نواز شريف کي هڪ لکيل خط ۾ ڪيو آهي. انهن چيو ته ڪراچي کي 620 ايم جي ڊي اضافي پاڻي جي فراهمي جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي درخواست تي  وزير اعظم ڪي فور پراجيڪٽ جا پنجاھ سيڪڙو فنڊ فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. ان منصوبي جي لاءِ وفاقي بجيٽ ۾ 80 ملين روپيا به جاري ڪيا ويا هئا ۽ اهو منصوبو 2014 ۾ مڪمل ٿيڻو هو. پر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي طرفان ڪي فور جي پراجيڪٽ جي ٽنيڊر جي باوجود سنڌ حڪومت اها رقم چئن مهينن تائين جاري نه ڪئي. جنهن جي ڪري اهو ڪينسل ٿي ويو. انهن وڌيڪ چيو ته ان کان علاوه سنڌ حڪومت جي طرفان ڪي فور جي پراجيڪٽ جي لاءِ 420  ملين روپيا به ادا نه ڪيا ويا آهن. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي قلت جي ڪري شهرين  کي پهچندڙ مشڪلاتن جو نوٽس ورتو وڃي. 

6/30/2024 7:35:31 AM