Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

زمباوي ڪرڪيٽ ٽيم جي طرفان پاڪستان جي دوري جي موقعي تي ڪراچي کي بلڪل نظر انداز ڪرڻ کليل ڪراچي دشمني آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


زمباوي ڪرڪيٽ ٽيم جي طرفان پاڪستان جي دوري جي موقعي تي ڪراچي کي بلڪل نظر انداز ڪرڻ کليل ڪراچي دشمني آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 4/27/2015
زمباوي ڪرڪيٽ ٽيم جي طرفان پاڪستان جي دوري جي موقعي تي ڪراچي کي بلڪل نظر انداز ڪرڻ کليل ڪراچي دشمني آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 27 اپريل 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي طرفان زمباوي ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان دوري جي موقعي تي ڪراچي کي بلڪل نظر انداز ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان فيصلي کي کليل ڪراچي دشمني قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪرڪيٽ بورڊ زمباوي جا سڀئي ميچ لاهور ۾ رکيا آهن. جڏهن ته ملڪ جي ٻين شهرن ۾ ڪوئي به ميچ نه رکيو ويو آهي. ايستائين جو سيڪيورٽي جو بهانو بڻائي ڪري ملڪ جي سڀني کان وڏي شهر ڪراچي کي به نظر انداز ڪيو ويو آهي، رابطا ڪميٽي چيو ته سريلنڪن ٽيم تي حملو ٻئي ڪنهن شهر ۾ نه بلڪه لاهور ۾ ٿيو هو پر اهو ڪهڙو مذاق آهي جو زمباوي جا سڀئي ميچ به لاهور ۾ ئي رکيا ويا آهن. رابطا ڪميٽي سوال ڪيو ته زمباوي جي ٽيم پاڪستان جي دوري تي اچي رهي آهي يا لاهور جي دوري تي؟ رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته گذريل پوين ڏينهن ۾ ترڪي جي صدر طيب اردگان کي به صرف لاهور جي دوري تي گهرايو ويو هو، اهڙي طرح چين جي صدر جي دوري جي موقعي تي به صرف پنجاب جي وزيرن کي اهميت ڏني وئي. رابطا ڪميٽي چيو ته جيڪڏهن حڪمرانن جي طرفان هر شعبي ۾ صرف سينٽرل پنجاب جي مفاد ۾ اهڙي طرح ئي پاليسيون بڻايون ويون ۽ باقي ملڪ کي اهڙي طرح ئي نظر انداز ڪيو ويو ته اهو ملڪ جي يڪجهتي جي لاءِ وڏو نقصان ڪار ٿيندو.

6/30/2024 7:30:01 AM