جمهوري وطن پارٽي جي سربراھ طلال اڪبر بگٽي جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 27 اپريل 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين نواب زاده اڪبر بگٽي جي پٽ ۽ جمهوري وطن پارٽي جي سربراھ طلال اڪبر بگٽي جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحوم جي پونئرن، جمهوري وطن پارٽي جي ڪارڪنن ۽ بگٽي قبيلي جي سمورن ماڻهن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهر ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.