Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خيبرپختونخواھ ۾ برساتن ۽ طوفان جي ڪري وڏي پيماني تي ٿيندڙ جاني و مالي نقصانن تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.


خيبرپختونخواھ ۾ برساتن ۽ طوفان جي ڪري وڏي پيماني تي ٿيندڙ جاني و مالي نقصانن تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
 Posted on: 4/27/2015
خيبرپختونخواھ ۾ برساتن ۽ طوفان جي ڪري وڏي پيماني تي ٿيندڙ جاني و مالي نقصانن تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
بي گناه ڪارڪنن جي قانوني مدد، متاثرن جي امداد، ننڍي چونڊ ۽ ڪنٽومينٽ بورڊز جي اليڪشن ۾خرچن جي ڪري ايم ڪيو ايم سخت مالي بحران جو شڪار آهي.
حق پرست عوام خصوصن مخير حضرات وڌي چڙهي ڪري ايم ڪيو ايم جي مالي مدد ڪن.جناب الطاف حسين جي اپيل.
لنڊن؛ 27 اپريل 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين خيبرپختونخواھ ۾ تيز  برساتن ۽ طوفان جي ڪري وڏي پيماني تي ٿيندڙ جاني و مالي نقصانن تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين حق پرست عوام کي پرزور اپيل ڪئي ته اهي ڪي پي ڪي ۾ قيامت خيز طوفان ۽ برساتن ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي لاءِ دعا ڪن ته الله تعالٰي انهن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ متاثرن جي مالي نقصانن جي لاءِ غيب سان مدد فرمائي ۽ الله تعالٰي وڌيڪ طوفانن ۽ برساتن جي تباهين کان پاڪستان کي محفوظ رکي. ان کان علاوه جناب الطاف حسين عوام خصوصن مخير حضرات کي مخاطب ڪندي فرمايو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري آپريشن جي دوران گرفتار ڪيل بي گناھ ڪارڪنن جي قانوني مدد، متاثرن جي امداد، ننڍي چونڊ ۽ ڪنٽومينٽ بورڊ جي اليڪشن ۾ ٿيندڙ خرچن جي ڪري  ايم ڪيو ايم هن وقت سخت مالي بحران جوشڪار آهي. انهن حق پرست عوام خصوصن مخير حضرات کي اپيل ڪئي ته اهي وڌي چڙهي ڪري ايم ڪيو ايم جي مالي مدد ڪن ۽ پنهنجا عطيا فيڊرل بي ايريا بلاڪ 14 ۾ ڪي ڪي ايف يا نائن زيرو تي جمع ڪرائين. انهن مالي مدد ڪرڻ وارن عوام ۽ مخير حضرات کي چيو ته اهي هڪ روپيو ڏين يا لک روپيا ڏين پر پنهنجن عطين جي رسيد ضرور حاصل ڪن ۽ بغير ڪنهن رسيد جي ڪنهن کي به عطيو نه ڏين.

7/17/2024 11:14:42 AM