Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ جي شهري عوام جي طرفان اها گڏيل رائي سامهون اچي رهي آهي ته هاڻي سنڌ ۾ مسئلن جي مستقل حل جي لاءِ هڪ نئون صوبو تمام ضروري آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


سنڌ جي شهري عوام جي طرفان اها گڏيل رائي سامهون اچي رهي آهي ته هاڻي سنڌ ۾ مسئلن جي مستقل حل جي لاءِ هڪ نئون صوبو تمام ضروري آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/27/2015
سنڌ جي شهري عوام جي طرفان اها گڏيل رائي سامهون اچي رهي آهي ته هاڻي سنڌ ۾ مسئلن جي مستقل حل جي لاءِ هڪ نئون صوبو تمام ضروري آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڀلي ان الڳ صوبي جو نالو ڪراچي صوبو هجي، شهري صوبو هجي، سنڌ ون يا سنڌ ٽو هجي يا ٻيو ڪجھ به رکيو وڃي.
سنڌ ۾ الڳ صوبي جي بنياد سنڌ جي تعصب پرست حڪمرانن انهي وقت رکي ڇڏي هئي جڏهن 1973 ۾ ٻهراڙي سنڌ جي لاءِ 60 سيڪڙو ۽ شهري سنڌ جي لاءِ 40 سيڪڙو جو ڪوٽا مقرر ڪيو ويو هو.
رابطا ڪميٽي پاڪستان و لنڊن ۽ ٻين شعبن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 27 اپريل 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته سنڌ جي شهري عوام جي طرفان اها گڏيل راءِ سامهون اچي رهي آهي ته هاڻي سنڌ ۾ مسئلن جي مستقل حل جي لاءِ هڪ نئين صوبي جو قيام تمام ضروري آهي. ڀلي ان الڳ صوبي جو نالو ڪراچي صوبو هجي ، شهري صوبو هجي، سنڌ ون هجي يا سنڌ ٽو هجي يا ٻيو ڪوئي به نالو هجي. عوام جي راءِ ۾ هاڻي سنڌ ۾ هڪ نئين صوبي جو قيام مقدر بڻجي چڪو آهي. اها ڳالھ انهن رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جي ميمبرن ۽ شعبن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته شهري سنڌ جي جن ماڻهن کي سنڌ جون حڪومتون گذريل 67 سالن کان نظر انداز ڪنديون پيون اچن ۽ متعصبانه سلوڪ جو نشانو بڻائينديون پيون اچن، ان متعصبانه رويي کي ڏسندي سنڌ جي هر شهري جي اها آواز آهي ته سنڌ ۾ حق پرستن جو هڪ الڳ صوبو هجڻ گهرجي ۽ اها آواز شهري سنڌ ۾ رهڻ واري هر ماڻهو جي دل جي ڌڙڪن بڻجي چڪي آهي ڀلي اهو اردو ڳالهائڻ وارو هجي، حق پرست سنڌي يا بلوچي هجي، ڀلي شهري سنڌ ۾ مستقل طور تي آباد پنجابي،پختون، هزاري وال، سرائيڪي، گلگتي بلتستاني يا ڪشميري هجي يا ٻئي ڪنهن به قوم سان تعلق رکندڙ هجي، الڳ صوبو هر ماڻهو جي دل جي آواز آهي. انهن فرمايو ته مان عوام کي چوان ٿو ته اهي الڳ صوبي جو بهتر کان بهتر نالو تجويز ڪري وٺن، ڇو ته اهو ايم ڪيو ايم جو نه بلڪه عوام جو مطالبو آهي. ان جي ڪري عوام ئي نئين صوبي جو بهتر نالو تجويز ڪري سگهن ٿا. انهن فرمايو ته حق پرست عوام جو اهو به چوڻ آهي ته سنڌ ۾ الڳ صوبي جي بنياد سنڌ جي تعصب پرست حڪمرانن ان وقت ئي رکي ڇڏي هئي جڏهن 1973 ۾ سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين ۽ داخلائن ۾ ٻهراڙي سنڌ جي لاءِ 60 سيڪڙو ۽ شهري سنڌ جي لاءِ 40 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪيو ويو هو. اهو ڪوٽا 10 سالن جي لاءِ مقرر ڪيو ويو هو، پر هر فوجي ۽ نام نهاد جمهوري حڪومتن ان کي وڌائي ڪري اڄ 2015 تائين آندو آهي. ان ڪوٽا سسٽم جي چڪي ۾ پيسجڻ وارا هاڻي اهو به چئي رهيا آهن ته وقت اچي ويو آهي ته انهي 40 ۽ 60 سيڪڙي  جي بنياد تي سنڌ ۾ الڳ صوبو قائم ڪيو وڃي. اڄ شهري سنڌ جا عوام اهو چئي رهيا آهن ته “جيئڻ جو منصوبو تڏهن هوندو جڏهن 40 هن سيڪڙي وارن جو صوبو هوندو” انهن فرمايو ته شهري عوام جو هاڻي اهو به فيصلو آهي ته الڳ صوبي جي قيام جي لاءِ انهن کي ڪيتريون ئي قربانيون ڇو نه ڏيڻيون پون اهي ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندا ۽ سڀ الڳ صوبي جي جدوجهد ۾ شامل ٿيندا. جناب الطاف حسين عوام کي چيو ته اهي سنڌ ۾ الڳ صوبي جي قيام ۽ نئين صوبي جي نالي جي حوالي سان پنهنجي راءِ هن اي ميل ايڊريس تي ڏين.

6/30/2024 7:33:10 AM