Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حق پرست اسيمبلي ميمبر سنڌ اسيمبلي ۾ ڀرپور اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


حق پرست اسيمبلي ميمبر سنڌ اسيمبلي ۾ ڀرپور اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/27/2015
حق پرست اسيمبلي ميمبر سنڌ اسيمبلي ۾ ڀرپور اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
سنڌ جا عوام بنيادي مسئلن جو شڪار آهن، پاڻي جي ڪمي، بجلي جي لوڊشيڊنگ، مهانگائي ۽ بيروزگاري جو شڪار آهن.
جيڪڏهن سنڌ حڪومت، بيوروڪريسي ۽ عدالت به عوام کي رليف فراهم نه ڪري ته عوام پرامن احتجاجي مظاهرا ڪري پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائين.
گذريل ڪجھ ڏينهن ۾ هزارين ماڻهن ايم ڪيو ايم ۾ شموليت جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، ان جي ڪري رابطا ڪميٽي فوري طور تي سڄي ملڪ خصوصن سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر سازي مهم شروع ڪري.
جناح گرائونڊ عزيز آباد، لانڍي، ڪورنگي ۽ قصبه علي ڳڙھ ڪالوني ۾ جشن فتح جي اجتماعن کي هڪ ئي وقت ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 27 اپريل 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اسٽيبلشمينٽ  کان مطالبو ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي حاصل عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪيو وڃي ۽ مهاجرن کي به محب وطن پاڪستاني تسليم ڪيو وڃي. انهن ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن کي هدايت فرمائي ته اهي سنڌ اسيمبلي ۾ ڀرپور 2ڪن ۽ عوامي مسئلن جي حل جي لاءِ همت ۽ جرت سان ڄمي ڪري آواز اٿارين.انهن فرمايو ته مان رابطا ڪميٽي کي هدايت ڪريان ٿو ته اها فوري طور تي سڄي ملڪ خصوصن سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر سازي مهم شروع ڪري. اها ڳالھ انهن جناح گرائونڊ عزيز آباد، لانڍي، ڪورنگي ۽ قصبه علي ڳڙھ ڪالوني ۾ حق پرست اميدوارن جي شاندار ڪاميابي جي خوشي ۾ منعقد ٿيندڙ جشن فتح جي اجتماعن کي هڪ ئي وقت ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو .اجتماعن ۾ بزرگن، عورتن، نوجوانن ۽ ٻارن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميوزيڪل پروگرام به منعقد ڪيا ويا. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اين اي 246 جي ننڍي اليڪشن ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي سپورٽ حاصل رکڻ وارين جماعتن کي شڪست ٿي اهي ملڪي ۽ غير ملڪي طاقتون ڪن جماعتن کي ننڍي چونڊ ۾ ڪامياب ڪرائڻ چاهين پيون، پر الله تعالٰي ايم ڪيو ايم کي ڪامياب ڪيو، تمام تر مشڪلاتن، رڪاوٽن، ميڊيا ٽرائل ۽ ڪوڙن الزامن جي باوجود ايم ڪيو ايم کي تاريخي فتح حاصل ٿي.گذريل ڏينهن ڪنٽومينٽ بورڊ جي اليڪشن ۾ به ايم ڪيو ايم کي پهريون ڀيرو تاريخي فتح حاصل ٿي. جنهن تي مان هڪ ڀيرو ٻيهر حق پرست عوام کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جي طرفان عوام جي ترقي ۽ ڀلائي جي منصوبن کي سرخ ڦيتي جي ور چاڙهيو وڃي ٿو. مان چونڊيل ميمبرن کي تلقين ڪريان ٿو ته عوامي مسئلن جي حل جي رستي ۾ بيوروڪريسي جيڪي به مشڪلاتون بيهاري ته وزير اعلٰي ۽ گورنر سنڌ کي آگاھ ڪيو وڃي. جيڪڏهن پوءِ به عوامي مسئلن جي حل جي راھ ۾ رڪاوٽون پري نه ڪيون وڃن ته ايم ڪيو ايم جي ليگل ايڊ ڪميٽي جي ذريعي مقدمو دائر ڪيو وڃي ته حڪومت انهن کي عوامي مسئلن پاڻي، بجلي، صحت و صفائي جا ڪم ڪرڻ نه ٿي ڏيئي.انهن حق پرست عوامي نمائندن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته عوام اوهان کي پنهنجي نمائندگي جو حق ڏنو آهي، اوهان کي قومي يا صوبائي اسيمبلي جي ميمبر شپ ان جي لاءِ نه ملي آهي ته اوهان جي زندگي جو طريقو ئي بدلجي وڃي، عوام مسئلن جو شڪار آهن، انهن جا مسئلا حل ڪرڻ اوهان جي فرضن ۾ شامل آهي. جيڪڏهن
اپوزيشن جو ڪردار ادا سنڌ حڪومت جا حڪمران اوهان جي مدد نه ڪن ، بيوروڪريسي جي طرفان عوامي مسئلن جي حل ۾ رڪاوٽون بيهاريون وڃن ۽ مقدمو دائر ڪرڻ جي باوجود به عدالت عوام کي رليف نه ڏيئي ته اوهان پرامن احتجاجي مظاهرا ڪري پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرايو. جيڪڏهن حق پرست عوامي نمائندن پنهنجن فرضن جي ادائگي ۾ غفلت جو مظاهرو ڪيو ته پارٽي جي طرفان انهن کي نوٽس ڏنو ويندو ۽ پوءِ به انهن جيڪڏهن پنهنجي اصلاح نه ڪئي ته پوءِ انهن کان اسٽعيفٰي ورتو ويندو، ڇو ته نمائشي ماڻهو نه بلڪه ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو گهرجن. انهن فرمايو ته اڄ  جشن فتح جناح گرائونڊ کان علاوه لانڍي ، ڪورنگي ۽ قصبه علي ڳڙھ ڪالوني ۾ ملهايو پيو وڃي، انهن علائقن جي عوام تحريڪي جدوجهد ۾ وڏا ڏک ڏٺا آهن، انهن جي علائقن جي ڪارڪنن تحريڪ جي خاطر پنهنجين جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. مان تحريڪ جي تمام شهيدن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي واحد لبرل ، روشن خيال ۽ ترقي پسند جماعت آهي. جيڪا پاڪستان کان فرسوده ۽ جاگيرداراڻه نظام جي خاتمي ۽ ملڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. ايم ڪيو ايم جي پرامن جدوجهد سان عوامي سطح تي شعوري بيداري جو آغاز ٿي رهيو آهي ۽ ملڪ جي غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو ۽ گهڻڻ ئي مذهبي جماعتن جا ڪارڪن به فرسوده جاگيرداراڻه  نظام ، موروثي سياست ۽ ڪرپٽ سياسي ڪلچر کان بيزاري جو اظهار ڪري رهيا آهن. انهن فرمايو ته گذريل ڪجھ ڏينهن ۾ هزارين ماڻهن ايم ڪيو ايم ۾ شموليت جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. انهن رابطا ڪميٽي کي چيو ته اها فوري طور تي ملڪ خصوصن سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر سازي مهم شروع ڪري.انهن فرمايو ته رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي منشور جي مطابق ڪم ڪرڻ جي خواهشمند ماڻهن جي لاءِ ويب سائيٽ ۽ فيس بڪ تي ميمبر سازي مهم جو فارم اپ لوڊ ڪري ڇڏيو آهي. اهو فارم جلد ئي نائن زيرو تي به دستياب هوندو. انهن فرمايو ته سنڌ جا عوام بنيادي مسئلن جو شڪار آهن. پاڻي جي قلت، بجلي جي لوڊشيڊنگ، مهانگائي ۽ بي روزگاري جو شڪار آهن ۽ حڪومتي سطح تي مسئلن جي حل جي لاءِ ڪي به ڪوششون ڏسڻ ۾ نه ٿيون اچن. مان حق پرست اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪريان ٿو ته اهي سنڌ اسيمبلي ۾ ڀرپور اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪن ۽ عوامي مسئلن جي حل جي لاءِ ڀرپور آواز اٿارين. انهن پشاور ۾ طوفاني برساتن ۽ آنڌي جي ڪري جاني و مالي نقصانن تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار به ڪيو .انهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته اهي هنگامي بنيادن تي متاثره خاندانن جي نقصانن جو ازالو ڪن ۽ متاثرن جي بحالي جي لاءِ قدم کڻڻ.انهن انساني حقن جي مقبول ڪارڪن سبين محمود جي قتل جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته سبين محمود جي قتل جي تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ قاتلن کي گرفتار ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي. انهن بلوچستان ۽ قبائلي علائقن ۾ آپريشن جي ڪري  بي گهر ٿيندڙ خاندانن سان به دلي همدردي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته متاثره خاندانن جي بحالي جي لاءِ قدم کنيا وڃن. انهن ڪنٽومينٽ بورڊ جي اليڪشن ۾ ٻين جماعتن سان تعلق رکندڙ اميدوارن ۽ انهن جي جماعتن جي رهنمائن کي به دلي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ فرمايو ته ايم ڪيو ايم سڀني جماعتن جي مينڊيٽ کي تسليم ڪري ٿي ۽ چاهي ٿي ته ايم ڪيو ايم کي حاصل مينڊيٽ جو به احترام ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم حڪومت، اسٽيبلشمينٽ، فوج، پيراملٽري فورس، قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن ۽ ايجنسين جي ماڻهن جي غلط پاليسين جي مخالفت ضرور ڪري ٿي، پر انهن کي غدار يا ملڪ دشمن قرار نه ٿي ڏيئي. بلڪه محب وطن سمجهي ٿي. انهن حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کان وڏي ادب سان مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي عوامي مينڊيٽ کي کليل دل سان تسليم ڪرڻ سان گڏو گڏ مهاجرن کي به محب وطن پاڪستاني تسليم ڪيو وڃي.انهن فرمايو ته رينجر کي نائن زيرو تي هٿيار نظر اچن ٿا پر ڪالھ ڪنٽومينٽ جي اليڪشن ۾ پنجاب ۾ جيڪا هٿيارن جي نمائش ڪئي وئي، جهڙي طرح ڇتي فائرنگ ڪئي وئي، اهي هٿيار نه ته اسٽيبلشمينٽ کي نظر آيا، نه حڪومت کي نظر آيا ۽ نه پوليس کي نظر آيا۽ نه ئي آئي بي کي نظر آيا. اهو کليل تعصب آهي. مان حڪومت، اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻين ادارن کي چوان ٿو ته خدا جي واسطي اها تعصب جي باھ ختم ڪريو. ڪٿي ائين نه ٿئي جو ان تعصب جي باھ ۾ پورو ملڪ سڙي ڪري رک ٿي وڃي. انهن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي چيو ته اهي ڪنهن سان به زور زبردستي يا ڪنهن کي به نقصان نه پهچائين، جيڪڏهن تنظيم جي ڪنهن ماڻهو ائين ڪيو ته ايم ڪيو ايم اوهان جي حمايت ۾ بلڪل نه ايندي. انهن پوليس. رينجر ۽ ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن ۽ سرڪاري ايجنسين کي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن تي ڪوئي الزام آهي ته اوهان ان کان تفتيش ضرور ڪريو پر ان تي تشدد نه ڪريو، ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڪري ماورائي عدالت قتل نه ڪريو. جيڪڏهن ڪوئي به ان ماورائي عدالت قتل ۾ ملوث هجي ته ان کي به قتل جي ڏوھ ۾ قانون جي مطابق سزا ڏني وڃي. ڀلي ان جو تعلق پوليس  سان هجي، رينجر سان هجي يا فوج سان هجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪجھ اينڪر پرسن ايم ڪيو ايم تي هٿيارن ۽ دهشت گردي جو الزام لڳائن ٿا. اهڙن اينڪر پرسنن کي پنجاب ۾ اهي هٿيار نظر ڇو نه آيا؟انهن فرمايو ته ٽي وي اينڪرَ ۽ تجزيه نگار ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪن، اهو انهن جو جمهوري حق آهي، پر ايم ڪيو ايم تي ڪوڙا الزام نه لڳائن. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم اين اي 246 جي اليڪشن ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي.ڪنٽومينٽ جي اليڪشن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ان تي اسان ٽن ڏينهن جو جشن ملهائي رهيا آهيون. پر ان دوران ڪٿي به هٿيارن جي نمائش نه ٿي ۽ هڪ به گولي نه هلي. انهن ٽي وي مالڪن کي چيو ته اسان کي تنقيد تي ڪوئي به اعتراض نه آهي. پر جيڪڏهن اوهان بغير ڪنهن ثبوت جي ڪوڙا الزام لڳائيندو ته اسان جواب ۾ اوهان تي الزام لڳائڻ جي بجاءِ اوهان کي ڪوڙو، ڌوڪي باز ۽ اسٽيبلشمينٽ جو ايجنٽ ضرور چونداسين. انهن فرمايو ته تعصب پرست اينڪر چون ٿا ته ڪراچي ۾ جن پوليس وارن آپريشن ۾ حصو ورتو،اهي سڀ مارجي ويا. جيڪي اينڪر اهو الزام لڳائن ٿا، جيڪڏهن خدانخواسته انهن اينڪرن جي ڀاءُ يا پٽ کي قتل ڪري ان جي لاش کي ٽڪڙا ڪري اڇلايو وڃي ته ڇا اهي ان تي ڪنهن به قسم جو رڌ عمل ظاهر ڪرڻ جي بجاءِ خوشي ۾ ڊانس ڪندا.اوهان پوليس وارن جي مرڻ جو ته ذڪر ڪريو ٿا پر اسان جو سوال اهو آهي ته ايم ڪيو ايم جي جن هزارين بي گناھ ڪارڪنن کي مهاجر هجڻ جي بنياد تي قتل ڪيو ويو ڇا اهي انسان نه هئا. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي اسان جي ملڪ جي اينڪرن ۽ تجزيه نگارن کي نفرت ۽ تعصب کان پاڪ ڪري. انهن ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ حق ۽ سچ ڳالهائڻ وارن تجزيه نگارن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. انهن ڪراچي آپريشن جي دوران ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ ذميوارن جي گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي تمام بي گناھ گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪيو وڃي. انهن عدالت جي ججن کي به درخواست ڪئي ته اهي مظلوم ماڻهن کي پنهنجي ضمير جي مطابق انصاف فراهم ڪن ، ڀلي ان جي لاءِ انهن کي پنهنجو منصب ئي ڇڏڻو ڇو نه پوي. انهن حڪومت ۽ پيمرا کان به مطالبو ڪيو ته تمام ٽي چينلن ۽ اخبارن سان برابري وارو سلوڪ ڪيو وڃي ۽ صحافين جي لاءِ ويج بورڊ ايوارڊ جي نفاذ کي به يقيني بڻايو وڃي. انهن نوجوانن کي تلقين ڪئي ته اهي پنهنجي تعليم تي توجه ڏين. عورتن، استادن ۽ بزرگن جو احترام ڪن. امڙين ۽ ڀينرن جي عزت ڪن،انهن جي عزت ڪرڻ اسان جي بزرگن جي تعليم ۽ اسان جي تهذيب ۽ ثقافت جو حصو آهي. انهن نوجوانن کي چيو ته اهي محنت ۽ مزدوري جو ڪم ڪن. پر چوري ۽ غلط طريقن سان پيسو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن. محنت ۽ حق حلال جو کائن، ڏوهن کان پري رهن، پان، گٽڪي يا ٻئي ڪنهن به نشي جي شي کان پري رهن.انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تلقين ڪئي ته اهي ڪاپي ڪرڻ کان پاسو ڪن، محنت ڪن ۽ ڪاميابي حاصل ڪن ۽ اهو ياد رکن ته جيڪي قومون ڪاپي جو سهارو وٺن ٿيون. اهي اصل نه ٿيون سکن ۽ جيڪي اصل نه ٿيون سکن اهي پوئتي رهجي وڃن ٿيون. جناب الطاف حسين اين اي 246 جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي شاندار ڪاميابي تي عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر به مبارڪباد پيش ڪئي. 

6/30/2024 7:30:16 AM