Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين ۽ عوام جو رشتو نظرياتي بنيادن تي مضبوط ۽ پيار و محبت جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهي. ايم ڪيو ايم ڪراچي مضافاتي آرگنائزنگ ڪميٽي.


جناب الطاف حسين ۽ عوام جو رشتو نظرياتي بنيادن تي مضبوط ۽ پيار و محبت جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهي. ايم ڪيو ايم ڪراچي مضافاتي آرگنائزنگ ڪميٽي.
 Posted on: 4/26/2015
جناب الطاف حسين ۽ عوام جو رشتو نظرياتي بنيادن تي مضبوط ۽ پيار و محبت جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهي. ايم ڪيو ايم ڪراچي مضافاتي آرگنائزنگ ڪميٽي.
ڪراچي؛ 26 اپريل 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي ڪراچي آرگنائيزنگ ڪميٽي اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۽ ڪنٽومينٽ بورڊ جي اليڪشن ۾ حق پرست ميمبرن جي ڪاميابي کي جناب الطاف حسين تي تمام قومن ۽ مسلڪن جي عوام جي وڏي اعتماد جو مظهر قرار ڏنو آهي، پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ ان چيو ته ملڪ تي قابض ٻه سيڪڙي استحصالي طبقي ۽ ان سان لاڳاپيل نام نهاد سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي رهنمائن هميشه ايم ڪيو ايم جي عوامي مينڊيٽ جي توهين ڪئي آهي،ان چيو ته نام نهاد سياسي و مذهبي جماعتن جي رهنمائن ۽ ملڪ تي قابض جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام جي مالڪن کي اهو ڄاڻي وٺڻ گهرجي ته عوام جي خواهشن جي خلاف ڪيتريون ئي سازشون ڪري وٺجن پر اهي ڪڏهن به عوامي رائي کي تبديل نه ٿا ڪري سگهن.انهن اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۽ ڪنٽومينٽ بورڊ جي اليڪشن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي سڄي ملڪ جي مظلوم عوام کي مبارڪباد به پيش ڪئي ۽ چيو ته ايم ڪيو ايم سياسي ۽ جمهوري انداز ۾ پنهنجي پرامن جدوجهد جاري رکندي ۽ انشاء الله تعالٰي اهو وقت پري نه آهي جڏهن حق پرستي جو قافلو پنهنجي منزل تي پهچندو.

7/17/2024 11:50:35 AM