Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي صوبي جو مطالبو منهنجو نه پر سنڌ جي شهري علائقن جي عوام جو مطالبو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ڪراچي صوبي جو مطالبو منهنجو نه پر سنڌ جي شهري علائقن جي عوام جو مطالبو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/26/2015
ڪراچي صوبي جو مطالبو منهنجو نه پر سنڌ جي شهري علائقن جي عوام جو مطالبو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
عوام جو مطالبو آهي ته سنڌ جي جاگرافيائي حدن جي 26 هن متوازي خطن تي هڪ الڳ صوبو بڻايو وڃي.
پاڪستان ۾ انتظامي معاملن کي بهتر انداز ۾ هلائڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 20 صوبا بڻايا وڃن.
اسٽيبلشمينٽ ڪراچي وارن کي طاقت ۽ بندوق سان دٻائڻ جي پاليسي کي ختم ڪري ڇڏي.
جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ڪنٽومينٽ جي اليڪشن جي سلسلي ۾ جشن فتح جي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 26 اپريل 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڪراچي صوبو منهنجو نه بلڪه سنڌ جي شهري علائقن جي عوام جو مطالبو آهي. الڳ صوبو صرف مهاجرن جو نه بلڪه شهري سنڌ ۾ آباد تمام پنجابين، پختونن، سنڌين، بلوچن، سرائيڪين، ڪشميرين، هزاري وال ۽ سمورين نسلي ۽ لساني قومن ۽ برادرين جو صوبو هوندو. دنيا جي تمام ملڪن ۾ وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي نوان صوبا قائم ڪيا ويا آهن، ان جي ڪري وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۾ به انتظامي معاملن کي بهتر انداز ۾ هلائڻ ۽ عوام کي هيٺين سطح تي اختيار ۽ حق فراهم ڪرڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 20 صوبا قائم ڪيا وڃن.انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ڪنٽومينٽ جي اليڪشن جي سلسلي ۾ جشن فتح جي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. ان موقعي تي جناح گرائونڊ کان وٺي مڪا چوڪ ۽ عائشه منزل تائين جا روڊ ۽ رستا عوام سان ڀريل هئا.پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪي تعصب ڪندڙ صحافي ۽ تجزيه نگار ايم ڪيو ايم تي هٿيارن ۽ بندوق جي سياست جو الزام لڳائن ٿا انهن کي پنجاب ۾ مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آئي جا هٿيار بند ڪارڪن فائرنگ ڪندي نظر ڇو نه ٿا اچن؟ رينجر وارن نائن زيرو تي ڇاپي جي دوران نيٽو جا هٿيار برآمد ڪرڻ جو الزام لڳايو پر اڄ انهن کي مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آئي جا هٿيار نظر ڇو نه آيا؟ انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جو خناس ذهنن مان ڪڍيو وڃي ڇو ته اسان انهن جون اولادون آهيون جن پاڪستان بڻايو هو، جيڪڏهن انهن کي ختم ڪيو ويو ۽ انهن کي سمنڊ ۾ اڇلايو ويو ته پوءِ سڀ ڪجھ سمنڊ ۾ لڙهي ويندو.انهن فرمايو ته ملڪ ۾ انصاف جي حڪومت قائم ڪئي وڃي.ايم ڪيو ايم جي خلاف طاقت جو استعمال بند ڪيو وڃي، قانون نافذ ڪرڻ وارا قانون جي حفاظت ڪن ۽ ظلم نه ڪن. الله تعالٰي کي ظلم پسند نه آهي. حضرت علي عليه السلام جو قول مبارڪ آهي ته ڪفر جي حڪومت تي قائم رهي سگهي ٿي پر ظلم جي حڪومت قائم رهي نه ٿي سگهي.انهن اسٽيبلشمينٽ کي چيو ته اهي ڪراچي وارن کي طاقت ۽ بندوق سان دٻائڻ جي پاليسي کي ختم ڪن، بندوق جي طاقت تي غرور نه ڪن ۽ اهو ياد رکن ته جڏهن عوام جو طوفان اٿندو ته اهي سڀ شيون بيڪار ٿي وينديون. انهن فرمايو ته قانون جي تحت سزائي موت جي ڪنهن به قيدي جي جڏهن انهن جي مائٽن سان آخري ملاقات ڪرائي وڃي ٿي ته پوءِ انهن جي ڪنهن سان به ملاقات ڪرائي نه ٿي سگهجي ۽ انهن کي ڦاهي ڏيڻ تائين ڊيٿ سيل ۾ بند رکيو وڃي ٿو، پر اسٽيبلشمينٽ  ايم ڪيو ايم دشمني ۾ قانون کي ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيو، جو سزائي موت جي قيدي کي ڊيٿ سيل مان ڪڍي ڪري انهن جو انٽرويو ريڪارڊ ڪيو ويو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم تي ڪوڙا الزام عائد ڪيا ويا هئا. پوءِ ان انٽرويو جي وڊيو سمورن ٽي وي چينلن تي نشر ڪرائي وئي ته جيئن ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪيو وڃي ۽ عوام کي ايم ڪيو ايم کان بدظن ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته اسٽيبلشمينٽ جي جن ماڻهن اهو ڪم ڪري آئين ۽ قانون کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪيو آهي انهن تي آئين ۽ قانون جي آرٽيڪل 6 جي تحت آئين ٽوڙڻ جو مقدمو هلڻ گهرجي. انهن فرمايو ته تعصب پرست عناصر چون ٿا ته ايم ڪيو ايم جو گراف ڪري پيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم کي 2013 جي مقابلي ۾ گهٽ ووٽ مليا آهن، انهن کي ميڊيا جون اهي رپورٽون نظر نه ٿيون اچن جن جي مطابق رينجر ووٽنگ جي عمل کي ڄاڻي واڻي سست ڪيو ، ماڻهن کي ووٽ وجهڻ وقت تنگ ڪيو ويو. انهن کي شناختي ڪارڊ جي چيڪنگ جي نالي تي پريشان ڪيو ويو. انهن کي ووٽ وجهڻ کان روڪيو ويو، اهي رپورٽون اخبارن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن ۽ ان جا هزارين ثبوت موجود آهن. آخر رينجر وارن ائين ڇو ڪيو، اهي ان پيراملٽري فورس کي ڇو بدنام ڪري رهيا آهن. مان انهن کي چوان ٿو ته اهي خدا جي واسطي پاڪستان تي رحم ڪن. انهن سماجي ڪارڪن سبين محمود جي قتل جي سخت مذمت ڪندي فرمايو ته سبين محمود جو ڏوھ اهو هو ته اهي مظلومن جي لاءِ آواز اٿاري رهيون هيون. ، انهن ان موقعي تي فيض احمد فيض جو اهو مصرعو به پڙهيو، چلي هي رسم که ڪوئي نه سر اٽهاڪي چلي.انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف خطرناڪ آپريشن، گرفتارين ۽ تمام تر ظلمن جي باوجود عوام جهڙي طرح ايم ڪيو ايم کي اين اي 246 جي سيٽ ۽ ڪنٽومينٽ جي اليڪشن ۾ شاندار ڪاميابي سان همڪنار ڪيو آهي ان تي ۽ سنڌ ۾ پهريون نمبر حاصل ڪرڻ تي عوام ۽ سمورن ڪارڪنن کي زبردست مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، انهن ڪنٽومينٽ جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي سمورن اميدوارن ، انهن جي گهر وارن ۽ ساٿين کي به خراج تحسين پيش ڪيو. انهن پوري ملڪ خصوصن پنجاب جي سياسي ڪارڪنن کي فرمايو ته اهي جعلي ۽ ڪوڙين جماعتن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان گڏ ٿي وڃن نه ته ملڪ ۾ ميوزيڪل چيئر جو گيم هلندو رهندو ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو پنهنجن حقن کان محروم ٿيندا رهندا.انهن فرمايو ته اڄ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ چيو ته الطاف حسين جو ڪراچي صوبي جو مطالبو ناجائز آهي ۽ اهو ڪنهن به صورت ۾ منظور ٿي نه ٿو سگهي. انهن فرمايو ته مان واضع ڪري ڇڏيان ته ڪراچي صوبي جو مطالبو مان نه پر اجتماع جي عوام ڪيو آهي.اهو مطالبو ڪراچي جي عوام نه ڪيو هو، حيدرآباد جي عوام نه ڪيو هو، سکر جي عوام نه ڪيو هو، ميرپورخاص جي عوام نه ڪيو هو، نواب شاھ جي عوام نه ڪيو هو، انهن جناح گرائونڊ ۽ اتان کان وٺي ڪري مڪا چوڪ ۽ ڀائي جان چوڪ تائين موجود عوام کي مخاطب ڪندي انهن کا پچيو ته ڇا اوهان صوبو چاهيو ٿا؟ ان تي لکين ماڻهن يڪ راءِ ٿي ڪري چيو ته جي ها اسان کي صوبو گهرجي. ان موقعي تي عوام يڪ راءِ ٿي ڪري نعرا هنيا ته ساڊي به مجبوري هي شهري صوبا ضروري هي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي صوبو صرف مهاجرن جو نه بلڪه اهو ڪراچي ۾ آباد تمام پنجابين، سنڌين، پختونن، بلوچن، سرائيڪين، ڪشميرين، هزاري وال ۽ سمورين نسلي ۽ لساني قومن ۽ برادرين جو صوبو هوندو.ڪراچي صوبو ڪنهن هڪ مسلڪ يا فقه وارن جو نه پر ڪراچي ۾ آباد سمورن مسلڪن ۽ فقهن جي مڃڻ وارن سان گڏو گڏ هندن، عيسائين، سکن، پادرين، احمدين ۽ سمورين مذهبي اقليتن جو به صوبو هوندو.انهن فرمايو ته عوام جو اهو به چوڻ آهي ته سنڌ جي جاگرافيائي حدن جي 26 هن متوازي خطن تي هڪ الڳ صوبو قائم ڪيو وڃي. دنيا جي تمام ملڪن ۾ وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي نوان صوبا قائم ڪيا ويا آهن. ان جي ڪري وقت اچي ويو آهي ته 
پاڪستان ۾ به انتظامي معاملن کي بهتر انداز ۾ هلائڻ ۽ عوام کي هيٺين سطح تي اختيار ۽ حق فراهم ڪرڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 20 صوبا قائم ڪيا وڃن. پنجاب ۾ صوبا بڻايا وڃن، بهاولپور صوبو بڻايو وڃي، ملتان صوبو بڻايو وڃي، سرائيڪي۽ پوٺوهار کي صوبو بڻايو وڃي. اهڙي طرح بلوچستان ۾ ڏکڻ پشتونخواھ صوبو بڻايو وڃي. خيبرپختونخواھ ۾ هزاره صوبو بڻايو وڃي، فاٽا کي صوبو بڻايو وڃي. گلگت بلتستان کي صوبو بڻايو وڃي. انهن وڌيڪ فرمايو ته وڌيڪ انتظامي يونٽ قائم ٿين ته جيئن عوام کي هيٺين سطح تي اختيار منتقل ٿين،تعليم جي شرح بلند ٿئي. ڀارت جي رياستن ۾ شرح خواندگي 100 سيڪڙو آهي. پر اسان جي ملڪ جي ڪجھ علائقن ۾ هن مهل تائين تمام گهٽ آهي. انهن فرمايو ته ڪراچي صرف مهاجرن جو نه پراهو هتي رهندڙ پنجابين، پختونن، بلوچن، سنڌين، سرائيڪين، هزاري وال، ڪشميرين، گلگتي بلتستانين ۽ ٻين سڀني قومن جو به آهي.انهن فرمايو ته هاڻي ڪراچي جي حقن جي لاءِ صرف مهاجر ئي نه بلڪه هتان جو پنجابي به وڙهندو، پختون به وڙهندو، سنڌي به وڙهندو، بلوچ به وڙهندو، هزاري وال به وڙهندو، سرائيڪي، گلگتي بلتستاني ۽ ڪشميري به وڙهندو. شيعه، سني ، ديوبندي، بريلوي ۽ اهل حديث به وڙهندو. بوهري ۽ اسماعيلي به وڙهندو، هندو، سک، پارسي، عيسائي ۽ احمدي به وڙهندو. سڀ هڪ آواز ٿي ڪري ڪراچي جي حقن جي لاءِ وڙهندا.اڄ مهاجرن سميت سمورين قومن ، برادرين، فقهن ۽ مسلڪن ۽ مذهبن جا ماڻهو هڪ جهنڊي هيٺان گڏ ٿي چڪا آهن ۽ جناح گرائونڊ ۾ هڪ خاندان وانگر گڏ ويٺا آهن ۽ اهو چئي رهيا آهن ته اس جهنڊي ڪي سائي تلي هم ايڪ هين هم ايڪ هين. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي اسان جي اتحاد کي دشمنن ۽ حاسدن جي شر کان محفوظ رکي. انهن تمام تر مشڪلاتن جي باوجود اليڪشن ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر سمورن ڪارڪنن ۽ عوام کي زبردست مبارڪباد پيش ڪئي ۽ انهن جي لاءِ دعا به ڪئي. 

6/30/2024 7:33:31 AM