Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪنٽومينٽ بورڊ جي اليڪشن جي دوران پنجاب جي مختلف شهرن ۾ جهيڙن ۽ فائرنگ جي واقعن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جو زخمي ٿيڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ڪنٽومينٽ بورڊ جي اليڪشن جي دوران پنجاب جي مختلف شهرن ۾ جهيڙن ۽ فائرنگ جي واقعن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جو زخمي ٿيڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 4/25/2015
ڪنٽومينٽ بورڊ جي اليڪشن جي دوران پنجاب جي مختلف شهرن ۾ جهيڙن ۽ فائرنگ جي واقعن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جو زخمي ٿيڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 25 اپريل 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪنٽومينٽ بورڊ جي اليڪشن جي دوران پنجاب جي مختلف شهرن ۾ فائرنگ ۽ جهيڙن جي واقعن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ انهن واقعن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ ئي ڪراچي ۾ اين اي 246 جي سيٽ تي ٿيندڙ اليڪشن انتهائي پرسڪون ماحول ۾ ٿيا ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪنٽومينٽ بورڊ ۾ به اليڪشن ٿيا پر الله سائين جي ڪرم سان اتي به ڪو جهيڙو ۽ هٿيارن جي استعمال جو ڪوئي به واقعو نه ٿيو،  پر اڄ لاهور، ساهيوال، سيالڪوٽ، راولپنڊي ۽ پنجاب جي ٻين شهرن ۾ مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي وچ ۾ هٿيارن جو آزادانه استعمال ٿيو ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. پر افسوس جو ڪنهن به سياسي و مذهبي جماعت، سياسي تجزيه نگارن ۽ اينڪر پرسنن جي طرفان انهن جماعتن جي ويڙهاڪ ونگز جي خاتمي ۽ پنجاب جي شهرن کان غير قانوني هٿيارن جي بازيابي جا مطالبا نه پيا ڪيا وڃن. رابطا ڪميٽي چيو ته ملڪ جون سياسي و مذهبي جماعتون ۽ ڪجھ متعصب سياسي تجزيه نگارن جي طرفان ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙا الزام عائد ڪيا ويا ۽ منفي پروفيگنڊا ڪري ايم ڪيو ايم کي عوام جي نظر ۾ بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پر اڄ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ جهيڙن ۽ هٿيارن جي نمائش اها حقيقت هڪ ڀيرو ٻيهر واضع ڪري ڇڏي آهي ته مسلم 
ليگ ن ۽ پي ٽي آئي سميت تمام جماعتن ۾ ويڙهاڪ ونگز آهن ۽ انهن جماعتن وٽ وڏي تعداد ۾ غير قانوني هٿيار به موجود آهن. پر حڪومت ۽ انتظاميه جي طرفان امن و امان جي آڙ ۾ صرف ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ تعصب جي بنياد تي پوري ملڪ کي ڇڏي ڪري صرف ڪراچي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جا مطالبا ڪيا پيا وڃن. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي طرفان ٽي سال اڳ ئي قومي اسيمبلي ۾ پوري ملڪ کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جو بل جمع ڪرايو ويو هو پر  سياسي و مذهبي جماعتن جي طرفان ان بل جي حمايت جي لاءِ ڪنهن به قسم جون ڪوششون ڏسڻ ۾ نه آيون. جنهن مان اها حقيقت واضع آهي ته سموريون سياسي و مذهبي جماعتون پنهنجا ويڙهاڪ ونگز ختم ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهن ۽ نه ئي پوري ملڪ کي غير قانوني هٿيارن کان پاڪ ڏسڻ چاهين ٿيون. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته پاڪستان کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي متعلق ايم ڪيو ايم جو بل قومي اسيمبلي مان پاس ڪيو وڃي. پوري ملڪ کان قانوني ۽ غير قانوني هٿيار هٿ ڪيا وڃن ۽  پاڪستان کي هٿيارن کان پاڪ معاشرو بڻائڻ جي لاءِ صرف زباني ڳالهيون ڪرڻ جي بجاءِ عملي ڪوششون به ڪيون وڃن ۽ پوري ملڪ کان قانوني ۽ غير قانوني هٿيارن جي خاتمو جو آغاز ڪيو وڃي. 

7/17/2024 11:11:56 AM