Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي صوبي جو مطالبو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين نه پر عوام جي طرفان ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبرَ.


ڪراچي صوبي جو مطالبو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين نه پر عوام جي طرفان ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبرَ.
 Posted on: 4/25/2015
ڪراچي صوبي جو مطالبو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين نه پر عوام جي طرفان ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبرَ.
ڪراچي؛ 25 اپريل 2015 
             ايم ڪيو ايم جي حق پرست اسيمبلي ميمبرن چيو آهي ته وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، ڪراچي صوبي جو مطالبو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان نه بلڪه پنهنجن حقن کان محروم عوام جي طرفان ڪيو ويو آهي. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن وزير اعلٰي سنڌ جي ان بيان تي ته ڪراچي صوبي جو مطالبو افسوسناڪ آهي، تي تبصرو ڪندي انهن چيو ته سيد قائم علي شاھ ڪوڙ ڳالهائڻ کان پاسو ڪن، قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هرگز به ڪراچي صوبي جو مطالبو نه ڪيو آهي بلڪه اهو حقن کان محروم عوام جي طرفان جناح گرائونڊ ۾ ڪيو ويو جنهن تي جناب الطاف حسين جي طرفان چيو ويو ته ڪراچي جي عوام جي محرومي وڌي رهي آهي ۽ اهي پنهنجن جائز حقن جي لاءِ ڪراچي کي صوبو بڻائڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ۽ اهڙي طرح جتي جتي به صوبن جا مطالبا ڪيا پيا وڃن اتي عوام جي خواهشن جي مطابق صوبا بڻايا وڃن. انهن چيو ته سيد قائم علي شاھ عوام جي مطالبي کي جناب الطاف حسين سان منسوب ڪري قوم سان ڪوڙ ڳالهايو آهي.

6/30/2024 7:33:50 AM