Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزير اعلٰي سنڌ بغير ڪنهن سوچڻ ۽ سمجهڻ کان سواءِ پنهنجو رڌ عمل ظاهر ڪرڻ جي بجاءِ جناب الطاف حسين جو پورو خطاب ٻڌن.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوير نديم نصرت.


وزير اعلٰي سنڌ بغير ڪنهن سوچڻ ۽ سمجهڻ کان سواءِ پنهنجو رڌ عمل ظاهر ڪرڻ جي بجاءِ جناب الطاف حسين جو پورو خطاب ٻڌن.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوير نديم نصرت.
 Posted on: 4/25/2015
وزير اعلٰي سنڌ بغير ڪنهن سوچڻ ۽ سمجهڻ کان سواءِ پنهنجو رڌ عمل ظاهر ڪرڻ جي بجاءِ جناب الطاف حسين جو پورو خطاب ٻڌن.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوير نديم نصرت.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪراچي سان گڏو گڏ ملڪ جي ٻين صوبن ۾ به انتظامي يونٽن جي قيام جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. نديم نصرت.
لنڊن؛ 25 اپريل 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت ڪراچي جي حوالي سان وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جي بيان تي سخت رڌ عمل جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان کي حقيقتن جي خلاف قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته وزير اعلٰي سنڌ کي گهرجي ته اهي بغير ڪنهن سوچڻ ۽ سمجهڻ کان سواءِ رڌ عمل ظاهر ڪرڻ جي بجاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو پورو خطاب ٻڌن  يا ان جو مطالعو ڪن . صوبي جو مطالبو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پيش نه ڪيو بلڪه اجتماع جي لکين شرڪاء  ڪيو هو جنهن تي جناب الطاف حسين ڪراچي سان گڏو گڏ ملڪ جي ٻين صوبن ۾ به انتظامي يونٽن جي قيام جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. انهن چيو ته وزير اعلٰي سنڌ جنهن تيزي سان قائد تحريڪ جي بيان تي پنهنجو رڌ عمل ظاهر ڪيو آهي ڪاش اهائي تيزي شهري سنڌ جي مسئلن جي حل جي لاءِ به ڏيکارين ته عوام کي صوبي جو مطالبو ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها. انهن چيو ته وزير اعلٰي سنڌ ڪراچي صوبي جي مخالفت جو حق رکن ٿا پر ڪراچي جا عوام به انهن کان اهو سوال ڪرڻ جو حق رکن ٿا ته بحيثيت وزير اعلٰي انهن هن شهر کي ڇا ڏنو آهي. ڪراچي ، حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص، نواب شاھ ايستائين جو پي پي جي باني ذوالفقار علي ڀٽي جو اٻاڻو شهر لاڙڪاڻو به کنڊر ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي.صحت و صفائي جو نظام تباھ ٿي چڪو آهي ۽ پوري صوبي ۾ ڪنهن به سطح تي ترقياتي ڪم نظر نه اچي رهيا آهن. نديم نصرت چيو ته آئين جي مطابق ملڪ ۾ هر ڏهن سالن کان پوءِ آدمشاري ڪرائي وڃڻ گهرجي ته جيئن آبادي جي تناسب سان وسيلن جي منصفانه تقسيم ڪئي وڃي. پر شهري سنڌ جي عوام کي 1998 جي آدمشماري جي مطابق به انهن جو جائز حق نه پيو ڏنو وڃي. وزير اعلٰي سنڌ عوام کي جواب ڏين ته سنڌ ۾ آدمشماري ڪڏهن ڪرائي ويندي.انهن فرمايو ته ڪراچي جي ٽيڪسن سان پورو ملڪ خصوصن سنڌ صوبو هلي ٿو پر حق پرست ميمبرن جي بار بار مطالبن جي باوجود قائم علي شاھ جي حڪومت ڪراچي ۾ عوامي مسئلن جي حل جي لاءِ ڪوئي به منصوبو منظور نه ڪيو آهي. ڪراچي جي پوليس ۾ ڪراچي جي نوجوانن کي نه ٿو ورتو وڃي، رينجر ۾ ڪراچي جا نوجوان نه آهن. سرڪاري نوڪرين ۾ ڪراچي وارن کي ڌڪا ڏنا پيا وڃن. ڪوٽا سسٽم جي نالي تي ڪراچي ئي جي تعليمي ادارن جا دروازا ڪراچي جي اهل نوجوانن جي لاءِ بند آهن، ڪراچي ۾ پاڻي ۽ بجلي جي سخت قلت آهي پر وفاقي ۽ صوبائي حڪومت انهن مسئلن جو ڪوئي به نوٽس نه وٺي رهي آهي. اربين روپيا ٽيڪس ڏيڻ جي باوجود هن شهر جا عوام هائيڊرنٽ مافيا کان وڏن پيسن ۾ پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. انهن چيو ته وزير اعلٰي سنڌ ٻڌائين ته ڪراچي کي ماس ٽرانزٽ سسٽم ڪڏهن ملندو؟ صوبي ۾ مڪاني اليڪشن ڪڏهن ٿيندا؟ ڪراچي جي نوجوانن جي لاءِ تعليم ۽ روزگار جا دروازا ڪڏهن کلندا؟ نديم نصرت وزير اعلٰي سنڌ کي چيو ته اهي شهري سنڌ جي جائز مطالبن جي مخالفت ڪرڻ جي بجاءِ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر، نواب شاھ، سانگهڙ ۽ ٽنڊو الهيار سميت سنڌ جي سمورن علائقن جي عوام جي ڦٽن تي مرهم رکن. 

6/30/2024 7:33:35 AM