Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسٽيبلشمينٽ ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي کليل دل سان تسليم ڪري ۽ ايم ڪيو ايم سان اجايو لڙائي ختم ڪري.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


اسٽيبلشمينٽ ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي کليل دل سان تسليم ڪري ۽ ايم ڪيو ايم سان اجايو لڙائي ختم ڪري.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/25/2015
اسٽيبلشمينٽ ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي کليل دل سان تسليم ڪري ۽ ايم ڪيو ايم سان اجايو لڙائي ختم ڪري.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم ملڪ جي دفاع جي لاءِ اڄ به اوهان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.
جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي سميت سمورين سياسي جماعتن کي دعوت ڏيان ٿو ته اچو لڙائي ختم ڪري هٿ ملايون.
 جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ منعقد ڪيل جشن فتح جي اجتماع کي خطاب.
لنڊن؛ 25 اپريل 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي چيو آهي ته اها ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي کليل دل سان تسليم ڪري، ايم ڪيو ايم کي محب وطن جماعت تسليم ڪري ۽ ايم ڪيو ايم سان اجايو جي لڙائي ختم ڪري، ايم ڪيو ايم ملڪ جي دفاع جي لاءِ اڄ به اوهان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. انهن جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي سميت سمورين جماعتن کي دعوت ڏني ته اسان سڀ ملڪ جا شهري آهيون، اچو ته لڙائي ختم ڪري هٿ ملايون ۽ گڏجي ڪري ملڪ جي خدمت ڪريون. انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ ۾ جشن فتح کي خطاب ڪندي فرمايو. انهن پنهنجي خطاب ۾ فرمايو ته اڄ گهڻڻ ئي اخبارن ۾ اهي رپورٽون شايع ٿي چڪيون آهن ته رينجر جي اهلڪارن ننڍي اليڪشن ۾ ڪهڙي طرح کلي ڪري مداخلت ڪئي. انهن اهي ڪم به ڪيا جيڪي انهن جي اختيار ۾ نه هئا. رينجر وارن کي ٻين کي سزا ڏيڻ جو اختيار ڏنو ويو، پر رينجر وارن جي غلطين تي انهن کي سزا ڏيڻ وارو ڪوئي به نه آهي. انهن رپورٽن جي مطابق رينجر وارن ووٽرن کي تنگ ڪيو، طرح طرح جون رڪاوٽون وڌيون ، جنهن جي ڪري وڏي تعداد ۾ ماڻهو ووٽ وجهڻ کان محروم رهيا. ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ دير سان شروع ٿي . اسان رڙيون ڪري ڪري ٿڪجي پيا سين ته پولنگ جي وقت ۾ اضافو ڪيو وڃي، پر اضافو نه ڪيو ويو. انهن فرمايو ته پولنگ جو وقت وڌائڻ جي معاملي تي پي ٽي آئي شروعات ۾ ته حمايت ڪئي هئي پر پوءِ ڪٿان انهن کي  امپائر جي آنڱر جو اشارو مليو ۽ انهن پولنگ جو وقت وڌائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، ڇو ته انهن کي چڱي نموني خبر هئي ته ايم ڪيو ايم انهن جي هر بال تي ڇڪا هڻي رهي آهي. جنهن جي ڪري انهن جو بال هر هنڌ تان ڦاٽي پيو. جماعت اسلامي جي حالت اڳ ۾ ئي گهڻي خراب ٿي رهي هئي. ان جي ڪري ان پولنگ جو وقت وڌائڻ جي سخت مخالفت ڪئي. جيڪڏهن پولنگ جي وقت ۾ ٻن ڪلاڪن جو اضافو ڪيو وڃي ها ته اسان ٻن لکن کان به وڌيڪ ووٽ حاصل ڪريون ها. انهن عوام کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته اوهان تمام تر مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن جي باوجود جنهن مثالي جرت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم کي 95 هزار کان وڌيڪ ووٽ ڏيئي ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڪراچي جا عوام ڪالھ به ايم ڪيو ايم سان گڏ هئا ۽ اڄ به آهن. عوام ايم ڪيو ايم کي شاندار ڪاميابي سان همڪنار ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي هلايل فلم فلاپ ٿي چڪي آهي ، ۽ ان نيٽو جي هٿيارن، دهشت گردي ۽ ٻيا جيڪي به ڪوڙا الزام لڳايا هئا عوامي عدالت ايم ڪيو ايم کي انهن سمورن الزامن مان بري ڪري ڇڏيو آهي. رينجر جي طرفان تمام تر رڪاوٽن ۽ خوف ڦيلائڻ جي باوجود ڪراچي جا بزرگ، نوجوان، امڙيون ۽ ڀينرون جهڙي طرح ٻاهر نڪتيون ان مان ثابت ٿي چڪو ته انهن کان وڌيڪ بهادر قوم ٻئي ڪائي به نه آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪي تعصب پرست عناصر اهو پروفينگڊا ڪري رهيا هئا ته ايم ڪيو ايم جو گراف ڪري پيو آهي ڪالھ جي انتخابي نتيجن ثابت ڪري ڇڏيو ته ايم ڪيو ايم جو گراف ڪريو نه آهي، بلڪه اهڙو چوڻ وارن جي دماغي حالت خراب آهي،انهن اسٽيبلشمينٽ کي چيو ته اها ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي کليل دل سان تسليم ڪري. ايم ڪيو ايم کي محب وطن جماعت تسليم ڪري ۽ ايم ڪيو ايم سان اجايو جي لڙائي ختم ڪري، ايم ڪيو ايم ملڪ جي دفاع جي لاءِ اڄ به اوهان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري ملڪ دشمنن سان وڙهڻ جي لاءِ تيار آهي. انهن فرمايو ته مان جماعت اسلامي جي گهڻي عزت ڪندو هيس ۽ اڄ به ڪريان ٿو. مان انهن کي پهرين به چيو هو ته اوهان عزت وارا ماڻهو آهيو اوهان اليڪشن کان دستبردار ٿي وڃو پر انهن منهنجي ڳالھ نه مڃي ۽ انهن جي ضمانت ضبط ٿي وئي. مان پي ٽي آئي وارن کي به سمجهايو هو پر انهن جي به سمجھ ۾ نه آيو. انهن جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي سميت سمورين مخالف سياسي جماعتن کي دعوت ڏني ته اسان سڀ ملڪ جا شهري آهيون، اچو ته لڙائي ختم ڪري هٿ ملايون ۽ گڏجي ڪري ملڪ جي خدمت ڪريون. مان تمام پاڪستانين کي چوان ٿو ته سڀ پنهنجن پنهنجن دلين کي ڪشادو ڪن، مان سڀني جي لاءِ پنهنجيون ٻانهون ڦيلايان ٿو ۽ سڀني کي سيني سان لڳائي ڪري دوستي جي دعوت ڏيان ٿو. انهن سابق صدر آصف علي زرداري ۽ پي پي جي قيادت کي به دعوت ڏني ته اچو ته اسان سڀ گڏجي ڪري سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جي خدمت ڪريون. انهن فرمايو ته وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ معاملن جو نوٽس ته وٺن ٿا پر ڪجھ ڪرڻ کان بلڪل قاصر آهن، اهي چون ٿا ته مون وٽ ڊبل سواري ختم ڪرڻ جو اختيار نه آهي. ڪراچي جي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ ۽ پوليس ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ جو اختيار نه آهي. هاڻي اسان ڌانھ ڏيون ته ڪنهن کي ڏيون، انصاف گهرون ته ڪنهن کان گهرون، انهن وزير اعظم ميان نواز شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته جيڪڏهن اوهان ملڪ جي شهرين کي انصاف فراهم نه ٿا ڪري سگهو ته اوهان جي ضمير جو تقاضا آهي ته اوهان اسٽعيفٰي ڏيئي 
ڇڏيو ۽ دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو ته اوهان الله سائين کان سواءِ ڪنهن به طاقت کان نه ٿا ڊڄو، انهن وڌيڪ فرمايو ته مان وزير اعظم ، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن، صوبائي گورنرن ۽ وڏن وزيرن کي چوان ٿو ته جيڪڏهن ڪرسي تي ويهڻ جي باوجود اوهان جي اختيار ۾ ڪجھ به نه هجي ته اوهان پنهنجي عهدي سان اسٽعيفٰي ڏيئي ڪري الڳ ٿي وڃو. انهن فرمايو ته جن جن جي دور اقتدار ۾ ماورائي عدالت قتل ٿيا، جيڪڏهن  اهي قاتلن کي سزا نه ٿا ڏياري سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ عوام کان معافي ئي گهري وٺن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي جي عوام ۾ محرومي وڌي رهي آهي ۽ اهي پنهنجن حقن جي لاءِ متحد ٿي ڪري ڪراچي کي صوبو بڻائڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. ان جي ڪري ڪراچي کي صوبو بڻايو وڃي. اهڙي طرح حيدرآباد ، سکر ۽ ميرپورخاص کي به صوبو بڻايو وڃي. جنوبي پنجاب ۽ سرائيڪي وارن علائقن کي به صوبو بڻايو وڃي، هزاره کي صوبو بڻايو وڃي، گلگت بلتستان کي صوبو بڻايو وڃي. اهڙي طرح پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخواھ ۽ فاٽا ۾ به جتي جتي عوام مطالبو ڪري رهيا آهن ته اتي عوام  جي خواهشن جي مطابق صوبا بڻايا وڃن. انهن مطالبو ڪيو ته مڪاني نظام کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي. جناب الطاف حسين اليڪشن جي دوران عوام جي جذبن جي ترجماني ڪرڻ وارن تجزيه نگارن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽  حالتن جي ڏاڍ جي ڪري ٻاهرين ملڪ وڃڻ وارن ۽ اتان ويهي ڪري حق ۽ سچ لکڻ وارن کي به خراج تحسين پيش ڪيو. انهن پوڙهن والدين کي ڪڇ ۾ کڻي ڪري ووٽ وجهڻ جي لاءِ آڻڻ وارن نوجوانن کي به شاباش ڏني ۽ فرمايو ته اهي منهنجي طرفان پنهنجين بزرگ امڙين جا پير چمين. انهن اليڪشن ۾ ساٿ ڏيڻ وارن تمام مذهبن ، فقهن ۽ مسلڪن سان تعلق رکڻ وارن عالمن سڳورن ۽ عوام جو به شڪريو ادا ڪيو. انهن ايم ڪيو ايم جي تمام تنظيمي شعبن جي ساٿين کي به خراج تحسين پيش ڪيو ۽ تحريڪ جي شهيدن کي به خراج عقيدت پيش ڪيو. 

7/17/2024 10:55:47 AM