Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قومي اسيمبلي جي ميمبر جمشيد دستي جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان فون تي رابطو.


قومي اسيمبلي جي ميمبر جمشيد دستي جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان فون تي رابطو.
 Posted on: 4/26/2015
قومي اسيمبلي جي ميمبر جمشيد دستي جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان فون تي رابطو.
انهن ڪراچي ۾ اين اي 246 ۽ سنڌ ڪنٽومينٽ بورڊز جي اليڪشن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي تي جناب الطاف حسين کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي.
لنڊن؛ 26 اپريل 2015 
             ڏکڻ پنجاب جي غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبر جمشيد دستي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو ڪري انهن کي ڪراچي ۾ اين اي 246 ۽ سنڌ ۾ ڪنٽومينٽ بورڊ جي اليڪشن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. جمشيد دستي جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم ڀرپور عوامي طاقت آهي ، اليڪشن ۾ اوهان جي شاندار ڪاميابي ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزامن کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم جي خلاف منفي پروفيگنڊا ڪرڻ وارين تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي کي بري طرح سان شڪست ٿي آهي ۽ حق جي فتح ٿي آهي. جنهن تي مان اوهان، اوهان جي جماعت جي رهنمائن، ڪارڪنن ۽ همدردن کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين جمشيد دستي جو شڪريو ادا ڪندي انهن کي به مبارڪباد پيش ڪئي. انهن فرمايو ته اها ڪاميابي سڄي ملڪ جي غريب ۽ وچولي طبقي جي ڪاميابي آهي. پاڪستان ۾ ٻه سيڪڙي جاگيردار طبقي پاڻ ۾ مٽي مائٽيون ڪري هڪ خاندان جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي ۽ ڪجھ خاندان اقتدار ۾ اچي ڪري سڄي ملڪ جي مظلوم عوام جي بنيادي حقن کي ڇنندا رهيا آهن. وقت جو تقاضا آهي ته ملڪ جا غريب ۽ وچولي طبقي جا محڪوم عوام به متحد ٿي ڪري هڪ خاندان جي شڪل اختيار ڪن ۽ ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام، ظالم ۽ سفاڪ جاگيردارن، وڏيرن ۽ سردارن کان نجات جي لاءِ جدوجهد ڪن. جمشيد دستي جناب الطاف حسين جي خيالن سان مڪمل اتفاق ڪندي چيو ته ملڪ کان ڏاڍ ۽ فرسوده نظام جي خاتمي کان سواءِ پاڪستان ۽ ان جا عوام ترقي نه ٿا ڪري سگهن. ٻنهي رهنمائن جي وچ ۾ ٻين دلچسپي جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. 


7/17/2024 11:14:25 AM