سينيئر صحافي ، ڪالم نگار ۽ سابق حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي عبدالقدوس کي سوين آلين اکين سان گڏ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي انچارج ڪهف الورٰي،رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ بين جي شرڪت.
ڪراچي؛ 24 اپريل 2015
سينيئر صحافي ، ڪالم نگار ۽ سابق حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي عبدالقدوس مرحوم کي عيسٰي نگري جي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان گڏ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم جي جنازي نماز گلشن اقبال بلاڪ 14 ۾ ادا ڪئي وئي . جنازي نماز ۽ تدفين ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي انچارج ڪهف الورٰي ، رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر فاورق ستار، سي اي سي ميمبرن امين الحق، احمد سليم صديقي، حق پرست اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين کان علاوه پي ايف يو جي جي صدر راڻا عظيم، سيڪريٽري جنرل امين يوسف، ڪراچي پريس ڪلب جي سابق صدر امتياز خان فاران ۽ ڪارڪنن کان علاوه مرحوم جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان کان علاوه مرحوم جو ٽيجهو 26 اپريل بروز آچر تي انهن جي رهائشگاھ گلشن اقبال ۾ ٻيپهري جي نماز کان پوءِ ٿيندو.