سابق صدر پاڪستان جنرل پرويز مشرف جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.
انهن ننڍي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي تي جناب الطاف حسين کي مبارڪباد پيش ڪئي.
لنڊن؛ 24 اپريل 2015
آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراھ ۽ سابق صدر پاڪستان جنرل پرويز مشرف ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ فون ڪري ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ انهن کي اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي طرفان شاندار ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي انهن کي مبارڪباد پيش ڪئي. انهن فرمايو ته ان ڪاميابي تي مان پنهنجي آل پاڪستان مسلم ليگ جي طرفان اوهان کي، ايم ڪيو ايم جي تمام رهنمائن ۽ چونڊيل نمائندن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين جنرل پرويز مشرف جو شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن جي والده محترمه جي صحت و تندرستي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. ٻنهي رهنمائن هڪ ٻئي جي خيريت به دريافت ڪئي.