Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عوام ننڍي چونڊ ۾ شاندار ڪاميابي سان همڪنار ڪري ايم ڪيو ايم تي لڳايل سمورن من گهڙت، بيهوده الزامن کي ۽ ان جي ميڊيا ٽرائل کي رڌ ڪري ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


عوام ننڍي چونڊ ۾ شاندار ڪاميابي سان همڪنار ڪري ايم ڪيو ايم تي لڳايل سمورن من گهڙت، بيهوده الزامن کي ۽ ان جي ميڊيا ٽرائل کي رڌ ڪري ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/23/2015
عوام ننڍي چونڊ ۾ شاندار ڪاميابي سان همڪنار ڪري ايم ڪيو ايم تي لڳايل سمورن من گهڙت، بيهوده الزامن کي ۽ ان جي ميڊيا ٽرائل کي رڌ ڪري ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
عوام ايم ڪيو ايم کي پنهنجو وڏو منيڊيٽ ڏيئي ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته حق پرست عوام ۽ ايم ڪيو ايم لازم و ملزوم آهن.
ڇا مخالف هاڻي به چوندا ته ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ جعلي آهي؟ ڇا اهي هاڻي به چوندا ته ايم ڪيو ايم ڌانڌلي سان کٽيو آهي؟
جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ننڍي چونڊ جي خوشي ۾ مبارڪباد ڏيڻ جي لاءِ جمع ٿيندڙ عوام کي خطاب.
لنڊن؛ 23 اپريل 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اڄ لياقت آباد ۽ فيڊرل بي ايريا جي عوام اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي حق ۾ فيصلو ڏيئي ڪري ۽ ايم ڪيو ايم کي هڪ ڀيرو ٻيهر شاندار ڪاميابي سان همڪنار ڪري ايم ڪيو ايم تي لڳايل سمورن من گهڙت، بيهوده الزامن کي ۽ ان جي ميڊيا ٽرائل کي رڌ ڪري ڇڏيو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم کي پنهنجو وڏي مينڊيٽ ڏيئي ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته حق پرست عوام ۽ ايم ڪيو ايم لازم و ملزوم آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ننڍي چونڊ جي ڪاميابي جي خوشي ۾ مبارڪباد ڏيڻ جي لاءِ جمع ٿيندڙ عوام جي هڪ تمام وڏي هجوم کي خطاب ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين الله تعالٰي جو شڪر ادا ڪندي فرمايو ته بيشڪ حق اچڻ جي لاءِ ۽ باطل مٽجڻ جي لاءِ آهي. انهن انتهائي جذباتي انداز ۾ فرمايو ته اي الله سائين بس تو ئي سڀني کان عظيم آهين، تنهنجي طاقت ئي سڀني کان وڏي طاقت آهي. دنيا جي ڪائي به وڏي کان وڏي طاقت ڀلي ڪهڙا ئي منصوبا بڻائي وٺي پر تنهنجي قدرت جي اڳيان ڪنهن جي به منصوبي جي ڪائي حيثيت نه آهي. اي الله سائين اسان کي ڪالھ به تنهنجي ئي مدد حاصل هئي ۽ اڄ به اسان توکان ئي مدد گهرون ٿا. انهن فرمايو ته مان اليڪشن مهم جي ڪيترائي ڀيرا عوام جي سامهون سوره ڪوثر پيش ڪئي هئي. جنهن ۾ الله سائين جو فرمان مبارڪ آهي ته بيشڪ اسان توکي ڪوثر عطا فرمائي. بس پوءِ تو پنهنجي رب جي راھ ۾ قرباني ڪر، بيشڪ تنهنجو دشمن ابتر رهندو. اسان جي دشمنن سمورا هٿڪنڊا استعمال ڪيا. پر الله سائين اسان جي عزت رکي. اسان کي فتح سان همڪنار فرمايو ۽ مخالفن کي ابتر ڪيو. بيشڪ الله سائين جنهن کي چاهي ٿو عزت عطا فرمائي ٿو ۽ جنهن کي چاهي ٿو ذلت ڏيئي ٿو. الله سائين هر شي تي قادر آهي. انهن فرمايو ته الحمد لله اڄ لياقت آباد ۽ فيڊرل بي ايريا جي عوام ايم ڪيو ايم جي حق ۾ فيصلو ڏيئي ڪري ۽ ايم ڪيو ايم کي هڪ ڀيرو ٻيهر شاندار ڪاميابي سان همڪنار ڪري ايم ڪيو ايم تي لڳايل سمورن من گهڙت الزامن ۽ ان جي ميڊيا ٽرائل کي رڌ ڪري ڇڏيو آهي. اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر عوام ايم ڪيو ايم جي حق ۾ فيصلو ڏيئي ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته حق پرست عوام ۽ ايم ڪيو ايم لازم و ملزوم آهن. انهن فرمايو ته اهي تمام ايم ڪيو ايم دشمن عناصر جيڪي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ايم ڪيو ايم جو گراف ڪرڻ ۽ ان جي مقبوليت ختم ٿيڻ جو پروفيگنڊا ڪري رهيا هئا ۽ اهو چئي رهيا هئا ته عوام الطاف حسين جو ساٿ ڇڏي ڏنو آهي. الطاف حسين جي گرفت ڪمزور ٿي وئي آهي. مان انهن سمورن ماڻهن کي چوان ٿو ته عوام ۽ الطاف حسين جو رشتو هڪ اهڙو رشتو آهي جنهن کي  متعصب عناصر نه ڪالھ سمجهي سگهيا هئا ۽ نه اڄ سمجهي سگهن ٿا. الطاف حسين ۽ حق پرست عوام جو اهو رشتو جسم و جان جو رشتو آهي. اهو روح سان روح جو اهڙو رشتو آهي جيڪو ميڊيا ٽرائل سان ڪمزور ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي رياستي ظلم ۽ ڏاڍ ان کي ختم ڪري سگهي ٿو. شهري سنڌ جي عوام کي نه ئي مائنس فارمولو قبول آهي ۽ نه ئي اهي ايم ڪيو ايم کان پري ٿي سگهن ٿا. انهي جي ڪري مان چوان ٿو زبان خلق کي نقاره خدا سمجهو. انهن فرمايو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ڪراچي آپريشن جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام جي زندگي تنگ ڪئي وئي هئي. نائن زيرو ، منهنجي بيوه وڏي ڀيڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي مرڪز تي چاپو هنيو ويو. ڪراچي ۾ گهر گهر گرفتاريون ڪيون ويون. سوين بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ڪوڙن مقدمن ۾ ملوث ڪري قيد ڪيو ويو. اڄ به ايم ڪيو ايم جا درجنين ڪارڪن مختلف جيلن ۾ تڪليفون برداشت ڪري رهيا آهن. پر رياستي طاقت جي ناجائز استعمال جي باوجود ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ حق پرست عوام کي خوف زده نه ڪري سگهيا. انهن فرمايو ته اين اي 246 جي ننڍي چونڊ کان اڳ علائقي ۾ خوف و هراس ڦيلايو ويو. دفعه 144 نافذ ڪئي وئي. ان علائقي ۾ ڊبل سواري تي پابندي عائد ڪئي وئي. صرف ڪراچي جي شهرين کي حڪم ڏنو ويو ته اهي پنهنجن کيسن ۾ اصل شناختي ڪارڊ رکي ڪري هلن. غير قانوني هٿيار پوري ملڪ ۾ موجود آهن. پر اهو حڪم صرف ڪراچي ۾ ڏنو ويو آهي ته ڏهن ڏينهن جي اندر اندر غير قانوني هٿيار جمع ڪرايو وڃي. نه ته غير قانوني هٿيار رکڻ وارن کي 14 سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي ويندي. انهن فرمايو ته هر پولنگ بوٿ جي ٻاهران ۽ اندي رينجر تعينات هئي، عوام کي مختلف طريقن سان تنگ ڪيو ويو، انهن کي ووٽ وجهڻ کان روڪيو ويو. انهن جي خلاف تاخيري حربا استعمال ڪيا ويا. پر عوام تمام تر رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن جي باوجود وڏي بهادري ۽ همت ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو آهي. جنهن جو ڪوئي تصور به نه ٿو ڪري سگهي. انهن امڙين، ڀينرن، نوجوانن ۽ معصوم ٻارڙن کي شاباش پيش ڪندي فرمايو ته اوهان جنهن جرت ۽ بهادري سان سختين کي منهن ڏنو پر باطل قوتن جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪايو ، ڪنهن به ظلم کان خوفزده نه ٿيا، ان تي الطاف ڀاءُ وٽ شڪريو ادا ڪرڻ جي لاءِ لفظ نه آهن. انهن ڪارڪنن کي مخاطب ڪري انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته مان هميشه کان چوندو رهيو آهيان ته پرعزم ۽ بهادر ڪارڪن ۽ عوام ئي منهنجو فخر آهن ۽ اڄ توهان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي الطاف ڀاءُ جو سر فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي. توهان انسان ٿي ڪري جنن وانگر ڪم ڪيو آهي. ان تي دنيا جي تمام دولت به جيڪڏهن مان توهان کي ڏيئي ڇڏيان ته اها به توهان جو انعام ٿي نه ٿي سگهي. انهن فرمايو ته اڄ 80 ۽ 90  سال جا بزرگن ۽ امڙين پنهنجي تمام تر ضعيفي ۽ ڪمزوري ۽ علالت جا باوجود وهيل چيئرن تي به وڃي ڪري ايم ڪيو ايم کي ووٽ ڏنو، جنهن تي مان انهن کي سلام تحسين پيش ڪريان ٿو. انهن فرمايو ته اڄ جي ڪاميابي تحريڪ جي شهيدن جي قربانين جي طفيل آهي، جن تحريڪ جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي پر تحريڪ جو ساٿ نه ڇڏيو. اها عظيم الشان فتح سيد وقاص علي شاھ شهيد سميت تمام شهيدن جي قربانين جو نتيجو آهي. الله تعالٰي تمام شهيدن جا درجات بلند فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي آمين. اها ڪاميابي منهنجن وفادار ساٿين جي نالي آهي جن گرفتارين کان پوءِ سرڪاري حراست ۾ وڏو تشدد برداشت ڪيو. پر پنهنجي تحريڪ سان بيوفائي نه ڪئي. مان تمام اسير ڪارڪنن کي انهن جي قربانين تي زبردست خراج تحسين ۽ سلام پيش ڪريان ٿو،انهن وڌيڪ فرمايو ته اڄ جي ڪاميابي انهن تمام بهادر ۽ وفادار ساٿين جي محنت جي بدولت آهي جيڪي تمام تر مشڪلاتن ۽ ظلمن جي باوجود تحريڪ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. اهي منهنجا پيارا ۽ منهنجو مان آهن مان انهن کي سلوٽ پيش ڪريان ٿو.انهن جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي کي به  ڀرپور اليڪشن مهم هلائڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. انهن فرمايو ته انهن تمام جماعتن جي رهنمائن اسان کي تمام گهڻو گهٽ وڌ ڳالهايو. ڪوڙا الزام لڳايا، ڪراچي وارن کي زنده لاشون چيو ويو، پر اڄ ڪراچي وارن ثابت ڪري ڇڏيو ته اسان زنده لاشون نه بلڪه زنده انسان آهيون. جن کي ڪوئي به ظلم، ڪائي طاقت، رياست جو ڪئي هٿڪنڊو نه ٿو جهڪائي سگهي . انهن فرمايو ته اهي سڀ ايم ڪيو ايم مخالف جن اڄ تائين ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي تسليم نه ڪيو. جيڪي اهي بهتان هڻندا آيا آهن، ته ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ جعلي آهي ايم ڪيو ايم ڌانڌلي سان ووٽ حاصل ڪري ٿي. مان انهن کي چوان ٿو ته اوهان فوج لڳائي ڪري ڏٺي، رينجر جي نگراني ۾ اليڪشن ڪرائي ڪري ڏٺا، پولنگ اسٽيشنن ۽ پولنگ بوٿ جي ٻاهران ۽ اندر رينجر لڳائي ڪري ڏٺي، سي سي ٽي وي ڪيميرا  لڳايا،ووٽن جي ڳڻپ به رينجر جي نگراني ۾ ڪرائي.سڀ ڪجھ ڪري ڏسي ورتو، پوءِ به ايم ڪيو ايم وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي وئي. ڇا هاڻي به اوهان اهو چوندو ته ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ جعلي آهي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم هميشه ٻين جي مينڊيٽ کي کليل دل سان تسليم ڪيو آهي. خدا جي واسطي ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي به دل سان تسليم ڪيو وڃي.ان کي نفرت ۽ تعصب جي ور نه چاڙهيو وڃي. ان کي طاقت جي ذريعي ڪڇلڻ جي روش ختم ڪئي وڃي. ماڻهو چريا نه آهن، جو گذريل 28 سالن کان تمام تر رياستي ظلمن جي باوجود ۽ سازشن ۽ پروفيگنڊن جي باوجود ايم ڪيو ايم کي مينڊيٽ ڏيئي رهيا آهن. ايم ڪيو ايم ڊرائنگ روم جي پارٽي نه آهي، بلڪه ڪروڙين ماڻهن جي پارٽي آهي. خدا جي اوسطي انهن جي درد کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، خدا جي واسطي مهاجرن جي زخمن تي مرهم رکي وڃي. انهن کي انهن جا انهن جا جائز حق ڏنا وڃن. انهن کي به برابر جو پاڪستاني سمهجيو وڃي. مهاجرن جي لاءِ بکيا، ننگا، ڪارا ڌانگي، تليئر، مڪڙ، مٽروي ۽ زنده لاشون جهڙا توهين وارا لفظ استعمال ڪرڻ ۽ انهن کي گاريون ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي. انهن ڪنور نويد جميل کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان اڄ کان پوءِ پنهنجي تڪ جي ماڻهن جا نمائندا آهيو ڀلي انهن جو تعلق ڪنهن به سياسي يا مذهبي جماعت سان هجي.اوهان صرف مهاجرن جي نه بلڪه پنجابين، سنڌين ، پختونن، بلوچن،هزاري وال،ڪشميرين،گلگتي بلتستاني  ۽ سرائيڪن جا نمائندا به آهيو. اوهان شيعه، سني، بريلوي، اهل حديث، ديوبندي ۽ ٻين مڪاتب فڪر جا به نمائندا آهيو. هندو، عيسائي ، سک، پارسي ۽ احمدي سڀني جا نمائندا آهيو. انهن فرمايو ته ننڍي چونڊ ۾ عوام جن جماعتن کي رڌ ڪيو آهي اانهن جي رهنمائن کي معلوم هجڻ گهرجي ته سوشل ميڊيا ۽ جلسا جلوسن ۾ سياستدانن،دانشورن ۽ تجزيه نگارن ۽ اينڪرپرسنن کي گارگند بڪڻ سان عوام جي دلين ۾ گهر نه ٿو ڪري سگهجي. عوام جي دلين ۾ گهر ڪرڻ جي لاءِ خدمت ڪئي وڃي ٿي. ۽ خلق خدا جي خدمت سڀني کان وڏي عبادت آهي. انهن ڪراچي جي مسئلن جو ذڪر ڪندي فرمايو ته ڪراچي پاڪستان جو سڀني کان وڏو ۽ دنيا جو ستون وڏو شهر آهي. جنهن جي آبادي سوا ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي.اهو شهر پاڪستان جي قومي خزاني ۾ سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪري ٿو. ان شهر جي ٽيڪسن سان ملڪ هلي ٿو، پر بدقسمتي سان هن شهر کي هر دور حڪومت ۾ نظر انداز ڪندي آئي آهي. ڪراچي زخم کاڌل آهي، ان جي زخمن تي مرهم رکڻ جي ضرورت آهي. ان شهر کي پاڻي، بجلي، صفائي جي نظام، پلن ، فلائي اوورز ۽ ٽرانسپورٽ جي نظام جي ضرورت آهي. لنڊن، دهلي،لاهور، نيويارڪ ۽ پيرس سميت دنيا جي تمام وڏن شهرن ۾ ماس ٽرانزٽ سسٽم موجود آهي، پر ڪراچي ان ماس ٽرانزٽ سسٽم کان محروم آهي. انهن مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ فوري طور تي ماس ٽرانزٽ سسٽم آنڌو وڃي ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي کي بحال ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته مڪاني حڪومتن جو نظام جمهوريت جي نرسري آهي پر افسوس جي ڳالھ آهي اڄ تائين ڪنهن به جمهوري جي دعويدار حڪومت جي طرفان مڪاني حڪومت جي قيام جي لاءِ مڪاني اليڪشن نه ڪرايا ويا. جنهن جي ڪري ملڪ جي عوام پنهنجي بنيادي مسئلن جي لاءِ ٿاٻا کائيندا پيا وتن،  سڄي ملڪ ۾ فراهمي آب و نڪاس جو نظام تباهي جو شڪار آهي. لوشيڊنگ جي ڪري ملڪ جا عوام سخت ذهني اذيت جو شڪار آهن. انهن وفاقي حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو ته عوام جي بنيادي مسئلن جي فوري حل جي لاءِ ڪراچي سميت ملڪ جي جلد کان جلد مڪاني اليڪشن ڪرايا وڃن ۽ 2001 جو مڪاني نظام بحال ڪيو وڃي. ڪراچي ۾ امن و امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ ، پوليس ۽ شهرين جي وچ ۾ هم آهنگي جي فروغ ۽ ڏوهن جي روڪٿام جي لاءِ شهر جي تمام ٿاڻن ۾ مقامي پوليس جي نظام جو عمل ۾ آندو وڃي ۽ هر ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي تعيناتي ۾ مقامي شهري کي فوقيت ڏني وڃي. ڪراچي ۾ صاف پاڻي جي فراهمي جي لاءِ ڪي فور منصوبو التوا جو شڪار آهي ۽ حڪومت جي طرفان ان منصوبي جي تڪميل جي لاءِ سستي کان ڪم ورتو پيو وڃي. انهن مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ وڌندڙ آبادي جي نظر ۾ رکندي شهرين کي صاف پاڻي جي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪي فور منصوبو جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. 

6/30/2024 7:30:56 AM