Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سينيئر صحافي ، ڪالم نگار ۽ سابق حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي عبدالقدوس جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.


سينيئر صحافي ، ڪالم نگار ۽ سابق حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي عبدالقدوس جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
 Posted on: 4/23/2015
سينيئر صحافي ، ڪالم نگار ۽ سابق حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي عبدالقدوس جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
عبدالقدوس نه صرف بهترين صحافي. بلڪه مخلص ڪارڪن به هئا جن جي تنظيمي ۽ صحافتي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن؛ 23 اپريل 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سينيئر صحافي ، ڪالم نگار ۽ سابق حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي عبدالقدوس جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اهي اڄ هڪ مخلص ۽ سچي ڪارڪن کان محروم ٿي ويا آهن. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين عبدالقدوس جي تنظيمي ۽ صحافتي خدمتن تي انهن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ فرمايو ته عبدالقدوس نه صرف بهترين صحافي بلڪه هڪ مخلص ڪارڪن به هئا. جن جي تنظيمي ۽ صحافتي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. انهن عبدالقدوس مرحوم جي سوگوار پونئرن، ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جي تمام عهديدارن ، گرين پينل ۽ امن اخبار سميت تمام صحافين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ فرمايو ته عبدالقدوس جي وفات سان مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ دعاگو آهن ته الله تعالٰي عبدالقدوس مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پوئنرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.ان کان علاوه ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي به انهن جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

6/30/2024 7:34:50 AM