Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ووٽنگ جي عمل ۾ رڪاوٽون بيهاري ڪري اسان جي کٽڻ جي مارجن کي گهٽ ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار.


ووٽنگ جي عمل ۾ رڪاوٽون بيهاري ڪري اسان جي کٽڻ جي مارجن کي گهٽ ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 4/23/2015
ووٽنگ جي عمل ۾ رڪاوٽون بيهاري ڪري اسان جي کٽڻ جي مارجن کي گهٽ ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
جناح گرائونڊ ۾ صحافين کي پريس بريفنگ.
ڪراچي؛ 23 اپريل 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ووٽنگ جي عمل ۾ رڪاوٽون بيهاري ڪري اسان جي فتح جي مارجن کي گهٽ ڪيو پيو وڃي. اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ پولنگ جي عمل کي تيز ڪري ووٽرن کي وڌ کان وڌ ووٽ وجهڻ جو حق استعمال ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي. ننڍي چونڊ ۾ ووٽنگ جو ٽرن آئوٽ غير معمولي ۽ تاريخي آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ ۾ صحافين کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي حيدرعباس رضوي، عارف خان، وسيم اختر ۽ ميان عتيق  به موجود هئا.انهن چيو ته ميڊيا جا ڪيميرا سڄي دنيا ۾ اين اي 246 جي چونڊ ۾ ووٽرن جو جوش و خروش ۽ ٽرن آئوٽ ڏيکاري رهيا آهن جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايم ڪيو ايم جو اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ پيو وڃي. انهن چيو ته ڪجھ هنڌن تي اهڙيون به اطلاعون مليون آهن ته پولنگ اسٽيشنن تي رينجر ۽ پوليس جا اهلڪار انهن جي اليڪشن جي متعلق ڄاڻ به حاصل ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ٻئي طرف اليڪشن جي ضابطه اخلاق جي خلاف عورتن جي پولنگ بوٿن ۾ مرد سرڪاري اهلڪار موجود آهن. ان جي ڪري اتي عورت اهلڪارن جي تعيناتي کي يقيني بڻايو وڃي. انهن چيو ته اهڙو عمل ڪري ووٽرن کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته اهي سخت گرمي ۾ 
پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي وڃن. انهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، انتظاميه ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کان مطالبو ڪيو ته اهي هڪ هڪ ووٽر کي ووٽ وجهڻ جو پورو موقعو ڏين. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي اميدوار ڪنور نويد جميل کي پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هڪ اميدوار جو داخلا ايترو مشڪل آهي ته ووٽرن جو داخلا آسان ڪيئن ٿيندو.انهن چيو ته جيڪڏهن ووٽرن کي ووٽ وجهڻ کان روڪيو ويو ته ان جو ذميوار اليڪشن ڪميشن هوندو. انهن چيو ته اسان جو ڊي جي رينجر بلال اڪبر سان رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ اسان پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اهڙو تاثر ڏنو پيو وڃي ته تصديق جي نالي تي اليڪشن جي پوري عمل کي مشڪوڪ بڻايو پيو وڃي. انهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته ووٽنگ دير سان شروع ٿيڻ جي ڪري پولنگ جي وقت ۾ 3 ڪلاڪن جو اضافو ڪيو وڃي ۽ جيڪي ووٽر پولنگ جي وقت جي دوران لائين ۾ بيهجي وڃن ته انهن کي به وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ ووٽ وجهڻ جي اجازت ڏني وڃي. انهن اليڪشن ڪميشن، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ ڊي جي رينجر سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي ووٽنگ جي دوران سامهون ايندڙ شڪايتن جو فوري طور تي ازالو ڪن ۽ اهڙي ڪنهن به عمل جو خاتمو ڪن جنهن سان ووٽر جي توهين ٿيندي هجي.

7/17/2024 11:49:30 AM