Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ننڍي چونڊ جي دوران عوام خصوصن عورتن وڏو جرتمندانه ڪردار ادا ڪيو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ننڍي چونڊ جي دوران عوام خصوصن عورتن وڏو جرتمندانه ڪردار ادا ڪيو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/23/2015
ننڍي چونڊ جي دوران عوام خصوصن عورتن وڏو جرتمندانه ڪردار ادا ڪيو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
انشاء الله تعالٰي  ايم ڪيو ايم جو نامزد اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندو.
جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اليڪشن سيل ۾ موجود ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 23 اپريل 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڪراچي جو عوام مقبوضه ڪشمير جو عوام نه آهي، عوام جي خلاف طاقت جو ناجائز استعمال ڪري يا انهن کي خوفزده ڪري ماڻهن جي دلين کي کٽي نه ٿو سگهجي. انهن فرمايو ته روح سان روح ۽ دل سان دل جو رشتو هوندو آهي. مان ماڻهن جي دلين ۾ رهان ٿو ۽ طاقت جو ناجائز استعمال ڪري عوام جي دلين مان منهنجي محبت ختم نه ٿي ڪري سگهجي ۽ نه ئي ماڻهن کي خوفزده ڪري سگهجي ٿو. انهن خيالن جو اظهار انهن جناح  گرائونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اليڪشن سيل ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمايو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي جي حوالي سان اسان پراعتماد آهيون. جيڪڏهن قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن ۽ انتظاميه جي طرفان عوام کي ووٽ وجهڻ جي حق جي استعمال ۾ تاخيري حربا استعمال نه ڪيا ويا ته انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم جو نامزد اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندو ۽ ايم ڪيو ايم ماضي جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندي. انهن فرمايو ته ميڊيا واضع طور تي ٻڌائي رهيو آهي ته ننڍي چونڊ جي دوران رينجر جي طرفان آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪئي وئي آهي، رينجر جي اهلڪارن جي طرفان عوام کان اهو پچيو پيو وڃي ته اهي ڪنهن کي ووٽ ڏيندا جيڪو بلڪل ناقابل قبول آهي. انهن فرمايو ته ڪراچي جا شهري فتح ڪيل ماڻهو نه آهن، عوام جي خلاف طاقت جو ناجائز استعمال ڪري يا انهن کي خوفزده ڪري ماڻهن جي دلين کي فتح نه ٿو ڪري سگهجي. انهن فرمايو ته روح جو روح سان ۽ دل جو دل سان رشتو هوندو آهي، مان ماڻهن جي دلين ۾ رهان ٿو ۽ طاقت جو ناجائز استعمال ڪري عوام جي دلين مان منهنجي محبت ختم نه ٿي ڪري سگهجي ۽ نه ئي ماڻهن کي خوفزده ڪري سگهجي ٿو. انهن فرمايو ته الله تعالٰي جي ڪرم، امڙين ۽ ڀينرن جي دعائن ۽ شهيدن جي قربانين جي صدقي ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪئي ويندڙ سازشون ناڪام  ٿينديون. ايم ڪيو ايم جي همدرد عوام کي زنده لاشون چيو ويو  پر اڄ 90 ۽ 95 سالن جا بزرگ ۽ بزرگ عورتون پنهنجن ٻچن جي ڪڇن ۾ پولنگ اسٽيشن پهتا ۽ ايم ڪيو ايم جي حق ۾ ووسٽ ڪاسٽ ڪيو. جنهن تي الله تعالٰي جو جيترو به شڪر ادا ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي. انهن فرمايو ته ڪجھ شين جي تعريف جي لاءِ لغت ۾ لفظ ئي نه ٿا ملن ۽ تعريفي لفظ گهٽ پئجي وڃن ٿا. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 246 جي ننڍي چونڊ جي دوران عوام خصوصن عورتن تمام تر مشڪلاتن جي باوجود جيڪي جرتمنداڻه ڪردار ادا ڪيو آهي ان جي مثال نه ٿي ملي. ايترا بهادر بزرگ، امڙيون، ڀينرون ۽ ساٿي ايم ڪيو ايم کان سواءِ ٻئي ڪنهن به جماعت ۾ نه آهن. انهن محنت سان ڏينهن رات ڪم ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي تمام ذميوارن، چونڊيل نمائندن، ڪارڪنن ۽ همدردن کي دل جي گهرائين سان زبردست خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته مان اوهان سڀني کي سيني سان لڳائي ڪري اوهان جي مٿن تي هزارين چميون ڏيئي رهيو آهيان ۽ سڀني کي شاباش ڏيئي رهيو آهيان. جناب الطاف حسين ايماندارانه رپورٽنگ ڪرڻ تي ميڊيا جي نمائندن کي به خراج تحسين پيش ڪيو. 

6/30/2024 7:32:31 AM