Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جماعت اسلامي حقيقت ۾ پي ٽي آئي جو ٻيو چهرو آهي. جيڪا چاهي ٿي ته طالبان جون ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ آفيسون کولرايون وڃن.


جماعت اسلامي حقيقت ۾ پي ٽي آئي جو ٻيو چهرو آهي. جيڪا چاهي ٿي ته طالبان جون ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ آفيسون کولرايون وڃن.
 Posted on: 4/21/2015
جماعت اسلامي حقيقت ۾ پي ٽي آئي جو ٻيو چهرو آهي. جيڪا چاهي ٿي ته طالبان جون ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ آفيسون کولرايون وڃن.
 عالمن سڳورن، مفتي صاحبان ۽ ٻين ذميوارن جي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس.
ڪراچي ؛ 21 اپريل 2015 
             اين اي 246 جي حق پرست اميدوار ڪنور نويد جميل سان گڏ خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي مفتي شميم ۽ ٻين عالمن سڳورن، مفتي صاحبان ۽ ٻين تنظيمن جي ذميوارن تمام ملت اسلاميه کي اپيل ڪئي آهي ته جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي هن شهر ۽ ملڪ جي لاءِ خدمتون ڪنهن کان به لڪيل نه آهن. انهن چيو ته هن وقت اين اي 246 جي اليڪشن جو ماحول عروج تي آهي. ان سان ائين لڳي رهيو آهي ته جيئن پاڪستان جي تاريخ جو سڀني کان وڏو اليڪشن ٿي رهيو هجي . انهن جماعت اسلامي تي تنقيد ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم کان پهرين جماعت اسلامي جنهن قدر اقتدار ۾ رهي ته ان جهادي ڪلچر کي فروغ ڏنو ۽ اڄ پوري دنيا ۾ جهادي جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا. انهن چيو ته جماعت اسلامي پي ٽي آئي جو اصل چهرو آهي جيڪا طالبان جون آفيسون ڪراچي ۾ کولرائڻ چاهي ٿي ته جيئن طالبان ڪراچي سميت پوري ملڪ تي قبضو ڪري وٺن. پر انهن جي ڳالھ ڪنهن به نه ٻڌي. انهن چيو ته اوهان جي ووٽ تي منحصر آهي ته اوهان کي ڪنهن جو ڪراچي گهرجي طالبان جو يا لبرل ۽ سيڪيورل ماڻهن جو.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم گذريل 28 سالن کان ڪراچي جي نمائنده جماعت آهي ۽ هر بري ۽ سٺي وقت ۾ بغير ڪنهن فرق جي عوام سان گڏ رهي آهي. انهن چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي رهنما طارق محبوب جي جنازي نماز ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ صرف ۽ صرف جناب الطاف حسين طارق محبوب جي لاءِ آواز اٿاري. عالمن سڳورن ۾ مولانا اسد ديوبندي، علامه سيد فيض رسول شاھ قادري، سيد يعقوب علي شاھ، علامه مشتاق گيلاني ۽ ٻيا به شامل هئا. آخر ۾ انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي ڪنور نويد جميل کي وڏي اڪثريت ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرائين. ان موقعي تي ڪنور نويد جميل عالمن سڳورن جو شڪريو به ادا ڪيو. 

7/17/2024 11:48:29 AM