Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ سمورن ووٽرن کي ووٽ وجهڻ جي آزادي هجڻ گهرجي.ڊاڪٽر فاروق ستار.


اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ سمورن ووٽرن کي ووٽ وجهڻ جي آزادي هجڻ گهرجي.ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 4/21/2015
اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ سمورن ووٽرن کي ووٽ وجهڻ جي آزادي هجڻ گهرجي.ڊاڪٽر فاروق ستار.
جناح گرائونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اليڪشن ڪيمپ تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھ ٻولھ.
ڪراچي؛ 21 اپريل 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته 23 هين اپريل تي اين اي 246 جي چونڊ جي دوران اليڪشن ڪميشن ان ڳالھ جو خيال رکي ته ڪنهن به سبب جي ڪري ڪوئي به ووٽر ووٽ وجهڻ کان محروم نه رهي ۽ سڀني ووٽرن کي ووٽ وجهڻ جي آزادي هجڻ گهرجي.انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ ۾ مرڪزي ڪيمپ تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪنور نويد جميل ۽ وسيم اختر به انهن سان گڏ هئا.ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اسان جي مخالفن جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف ميڊيا جي ذريعي ڪجھ مڻ گهڙت ۽ ڪوڙا پروفيگنڊا ڪري ماڻهن کي گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن چيو ته مخالف پنهنجي شڪست ڏسي اسان تي اهي الزام هڻي رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن اين اي 246 جي عوام کان انهن جا شناختي ڪارڊ وٺي رهيا آهن.ان الزام کي اسان رڌ ڪندي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي اهو چئون ٿا ته جيڪڏهن ڪوئي اهڙو واقعو ٿيو آهي ته ان جي تحقيقات ڪئي وڃي ۽ جيڪي به ماڻهو ان ۾ ملوث هجن انهن جي خلاف ايف آئي آر درج ڪرائي وڃي. انهن چيو ته اسان پوري ايمانداري سان اليڪشن ڪميشن جي هر مطالبي تي عمل ڪري رهيا آهيون. انهن چيو ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو اليڪشن ۾ پنهنجي شڪست کي واضع ڏسندي ڪٿي اهي هن تڪ ۾ به جوڊيشل ڪميشن جو مطالبو نه ڪري ويهن. انهن چيو ته تحريڪ انصاف جي طرفان اهو چيو پيو وڃي ته گهوسٽ ۽ جعلي پولنگ اسٽيشن به تيار ٿيا آهن ته اليڪشن ڪميشن ان جي به تحقيقات ڪري. انهن تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي جي فرمائشن تي عمل ڪندي اليڪشن ڪميشن ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي به خصوصي اختيار ڏنا ويا آهن. ڪيميرا لڳايا پيا وڃن، پر جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ان ڳالھ کي به ڏسي ته جيڪي جماعتون ڪوڙا پروفيگنڊا ڪري رهيون آهن اها به ڪورٽ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزي آهي ان جو نوٽس ورتو وڃي.انهن چيو ته اين اي 246 جي اليڪشن جي نگراني جي لاءِ ڪنهن به ملڪي ۽ بين الاقوامي مبصر تنظيم کي دعوت نه ڏني وئي آهي، جڏهن ته سمورن اليڪشنن ۾ مبصرين کي دعوت ڏني ويندي آهي. اسان جو مطالبو آهي ته فافين سميت ٻين مبصر تنظيمن کي اليڪشن جي عمل جي نگراني جي لاءِ سڏرايو وڃي ته جيئن ان جي ذريعي اهو پتو لڳايو وڃي ته اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿيا آهن يا نه. انهن چيو ته جيڪڏهن هڪ ڪمري ۾ ٻه پولنگ بوٿ بڻايا ويندا ته اسان سمجهون ٿا ته ووٽنگ جو عمل سستي جو شڪار ٿيندو. ڇو ته 350 ڪمرن ۾ 753 پولنگ بوٿ بڻايا پيا وڃن جيڪو مناسب نه آهي ان سان ووٽر پنهنجي حق کان محروم رهجي ويندا. ميڊيا کي به اسان جي اها ئي درخواست آهي ته ان معاملي کي اجاگر ڪيو وڃي. انهن وڌيڪ چيو ته ڊبل سواري تي پابندي هڻڻ مناسب نه آهي ڇو ته گذريل ڪيترن ئي هفتن کان اهڙو ڪوئي به واقعو پيش نه آيو آهي جنهن کي ڏسندي ڊبل سواري تي پابندي عائد ڪئي وڃي. ڊبل سواري تان پابندي کنئي وڃي ڇو ته اها هڪ سستي سواري آهي جنهن سان اسان جا ووٽر متاثر ٿيندا. ان موقعي تي وسيم اختر چيو ته رينجر جي طرفان چيو ويو آهي ته شهري پنهنجا اوريجنل شناختي ڪارڊ پاڻ وٽ رکن نه ته انهن کي گرفتار ڪيو ويندو.اسان جو مطالبو آهي ته پهرين ان معاملي ۾ عوام کي ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي ڇو ته جيڪڏهن ڪنهن شهري وٽ شناختي ڪارڊ موجود نه آهي يا ڪنهن کان ان جو اوريجنل شناختي ڪارڊ گم ٿي ويو آهي ته اهو شهري ڇا ڪندو. ان معاملي تي به غور ڪيو وڃي. انهن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي قائدي قانون جي مطابق جيڪي ماڻهو 5 وڳي کان پوءِ به پولنگ اسٽيشن جي ٻاهران لائين ۾ هجن انهن کي به ووٽ وجهڻ جو حق ڏيڻ گهرجي. 

7/17/2024 11:15:33 AM