يورپي يونين جي ٻه رڪني وفد جو ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو ۽ خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد جو دورو.
وفد جو رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار،اسيمبلي ميمبرن سيد سردار احمد۽ فيصل سبز واري استقبال ڪيو.
ڪراچي؛ 21 اپريل 2015
يورپي يونين جي ٻه رڪني وفد ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو ۽ خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو. وفد ۾ يورپي يونين جو ايڪٽنگ هيڊ برائي پاڪستان اسٽيفنو گيٽو ۽ سياسي معاملن جو فرسٽ سيڪريٽري ڪيونٽن ويلر شامل هئا. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار، اسيمبلي ميمبرن سيد سردار احمد ۽ فيصل سبز واري وفد جو جناب الطاف حسين جي طرفان استقبال ڪيو، ملاقات جي دوران پاڻ ۾ پاڪستان جي گڏيل صورتحال، ملڪ کان دهشت گردي جي خاتمي، ايم ڪيو ايم جي جدوجهد ۽ ڪردار، ملڪ ۾ تعليم، صحت، غربت جي خاتمي ۽ انساني وسيلن سميت ملڪ ۾ يورپي يونين جي امداد سان وضع ڪيل منصوبن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي وفد معزز مهمانن کي ايم ڪيو ايم جي مختلف تنظيمي آفيسن جو دورو به ڪرايو.