Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

منهنجا ساٿي، منهنجا بزرگ ۽ منهنجيون امڙيون ئي منهنجي طاقت آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


منهنجا ساٿي، منهنجا بزرگ ۽ منهنجيون امڙيون  ئي منهنجي طاقت آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/21/2015
منهنجا ساٿي، منهنجا بزرگ ۽ منهنجيون امڙيون  ئي منهنجي طاقت آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
تنظيمي ترانا ڳائڻ وارن فنڪارن خالد عمر، مراد علي مراد ۽ آفتاب احمد خان کي عوام جي طرفان زبردست خراج تحسين  پيش.
لنڊن؛ 21 اپريل 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته منهنجا ساٿي، منهنجا بزرگ ۽ منهنجيون امڙيون ۽ ڀينرون ئي منهنجي طاقت آهن.اها ڳالھ انهن جناح گرائونڊ ۾ ميوزيڪل پروگرام کي خطاب ڪندي فرمائي. ان موقعي تي جناب الطاف حسين اجتماع ۾ موجود پنهنجي وڏي ڀيڻ محترمه سائره بيگم کي درخواست ڪئي ته اهي اسٽيج تي اچن ۽ هڪ بزرگ جي حيثيت سان منهنجن ساٿين، امڙين ۽ ڀينرن کي دعائون ڏين. جناب الطاف حسين تنظيمي ترانا ڳائڻ وارن  خالد عمر ۽ مراد علي مراد کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته مان انهن جي دل سان عزت ڪريان ٿو، ڇو ته تحريڪ جي ابتدائي ڏينهن ۾ جڏهن مان موٽر سائيڪل تي تحريڪ جو ڪم ڪندو هيس ۽ تحريڪ جي پهرين ڪيسٽ جي تياري جي دوران مان اڪثر بک تي هوندو هيس ته اهي به بکيا رهي ڪري ڪم ڪندا هئا. ماڻهو سٺن وقتن جي ساٿين کي ته ياد رکن ٿا پر جڏهن ته انهن کي بري وقتن جي ساٿين کي به ياد رکڻ گهرجي. خالد عمر ۽ مراد علي مراد منهنجي بري وقت جا ساٿي آهن ۽ مان انهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان. مان انهن کي دل سان پيار ڪريان ٿو. ان موقعي تي محترمه سائره بيگم ٻنهي ساٿين جي مٿن تي هٿ ڦيري انهن کي دعا به ڏني. آپريشن جي دوران تنظيمي ترانا ڳائڻ وارو آفتاب خان به جڏهن اسٽيج تي آيا ته جناب الطاف حسين انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو ۽ عوام کي چيو ته اهي هڪ منٽ تائين تاڙيون وڄائي ڪري آفتاب خان کي خراج تحسين پيش ڪن. جناب الطاف حسين مشهور ترانو “جيئي سدا جيئي الطاف حسين” ڳائڻ واري گلوڪار محمد حسين کي به شاباش پيش ڪئي. ان کان علاوه انهن ميوزيڪل پروگرام ۾ تمام فنڪارن کي به شاباش پيش ڪئي.  ان کان پوءِ جناب الطاف حسين شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي سوشل ميڊيا جي ٽيم، ايم ڪيو ايم جي ويب ٽي وي جي ٽيم ۽ ميڊيا جي ٽيم کي به زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. 

7/17/2024 11:13:38 AM