ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي ممتاز شيعه عالمن سڳورن علامه زهير عابدي، علامه علي ڪرار نقوي ۽ علامه اطهر مشهدي سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
ننڍي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي اميدوار جي حمايت ڪرڻ تي انهن سمورن عالمن سڳورن جو شڪريو به ادا ڪيو.
لنڊن؛ 21 اپريل 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ممتاز شيعه عالمن سڳورن زهير عابدي، علامه علي ڪرار نقوي ۽ علامه اطهر مشهدي کي فون ڪري ڪنور نويد جميل جي حمايت ڪرڻ تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته عالمن سڳورن جنهن جرت ۽ همت سان حق پرستي جو مظاهرو ڪندي ڪنور نويد جميل جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي. ان تي مان اهان جو شڪر گذار آهيان. ان موقعي تي عالمن سڳورن جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته اوهان دهشت گردي جي خاتمي ۽ فرقي وارانه هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جي لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون آهن ان جا اسان سڀ معترف آهيون ۽ حق پرستي جي ان جدوجهد ۾ ساٿ ڏيڻ اسان جو فرض آهي. جناب الطاف حسين تمام عالمن سڳورن جي خيالن ۽ جذبن جو خير مقدم ڪندي فرمايو ته انشاء الله تعالٰي اسان اهڙي طرح ئي متحد رهي ڪري ۽ هٿن ۾ هٿ وجهي ڪري باطل عناصر جي سازشن جو مقابلو ڪنداسين.