Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم چين جي صدر جي طرفان پاڪستان جي دوري کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ايم ڪيو ايم چين جي صدر جي طرفان پاڪستان جي دوري کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/22/2015
ايم ڪيو ايم چين جي صدر جي طرفان پاڪستان جي دوري کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
چين جي صدر جي استبقال جي لاءِ سنڌ، خيبرپختونخواھ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن کي ڇو نظر انداز ڪيو ويو؟
جيڪڏهن پاڪستان جي ننڍن صوبن جي شهرن کي ترقي ڏني وڃي ته قومي يڪجهتي ۾ اضافو ٿيندو.
جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ميوزيڪل پروگرام جي شرڪاء کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 21 اپريل 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم چين جي صدر جي طرفان پاڪستان جي دوري کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿي. پر ميڊيا تي ڪجھ تجزيه نگارن جي طرفان اهو سوال اٿاريو پيو وڃي ته چين جي صدر جي استقبال جي لاءِ سنڌ، خيبرپختونخواھ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن کي ڇو نظرانداز ڪيو ويو؟ جيڪڏهن ان تاريخي موقعي تي ننڍن صوبن جي وڏن وزيرن کي به چين جي صدر جي استقبال ۾ شريڪ ڪيو ويو وڃي ها ته پوري دنيا ۾ اهو پيغام وڃي ها ته چين جي صدر جي استقبال جي لاءِ هڪ صوبو نه بلڪه پوري پاڪستان جي نمائندگي موجود آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي تحت ميوزيڪل پروگرام جي شرڪاء کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم چين جي صدر شي 
چن پنگ، انهن جي گهر واري ۽ انهن جي ڪابينا جي ميمبرن جي طرفان پاڪستان جي دوري  کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿي ۽ انهن جو خير مقدم ڪري ٿي.انهن فرمايو ته چين جي صدر جي دوري جي حوالي سان ميڊيا تي ڪجھ تجزيه نگار اهو سوال اٿاري رهيا آهن ته چين جي صدر جي استقبال جي لاءِ سنڌ، خيبرپختونخواھ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن کي ڇو نظر انداز ڪيو ويو؟ انهن فرمايو ته اهو هڪ تاريخي موقعو هو، ڪيترو نه سٺو نه ٿئي ها جو ان موقعي تي معزز مهمانن جي استقبال جي لاءِ پوري ملڪ جي نمائندگي موجود هجي ها ۽ اهو انتهائي مناسب هجي ها ته چيني صدر جو استقبال ڪرڻ وارن ۾ پنجاب جي وڏي وزير سان گڏو گڏ سنڌ جو وزير اعلٰي سيد قائم علي شاھ، ڪي پي ڪي جو وزير اعلٰي پرويز خٽڪ ۽ بلوچستان جو وڏو وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ به شريڪ هجن ها ۽ ان تاريخي موقعي تي پوري دنيا ۾ اهو پيغام وڃي ها ته چين جي صدر جي استقبال جي لاءِ هڪ صوبو نه بلڪه پوري پاڪستان جي نمائندگي موجود آهي.انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي ۽ خوشحالي چاهي ٿي. اسان جي ڪوشش ۽ خواهش آهي ته پنجاب خوب ترقي ڪري، پنجاب جي عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿين، پر ان سان گڏو گڏ ملڪ جي ننڍن صوبن جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي کي به نظر ۾ رکيو وڃي ۽ اهڙو ڪم نه ڪيو وڃي جنهن سان ننڍن صوبن جي عوام ۾ موجود احساس محرومي جي شدت ۾ اضافو ٿئي ۽ قومي يڪجهتي کي نقصان پهچڻ جو خطرو پيدا ٿئي.انهن فرمايو ته اسان پاڪستاني آهيون ۽ پنجاب پاڪستان جو سڀني کان وڏو صوبو آهي، پنجاب ۾ رهڻ وارا بزرگ، امڙيون، ڀينرون منهنجا ڀائر ۽ ٻچا آهن، منهنجي تحريڪ ۾ هزارين پنجابي ڀائر ۽ ڀينرون به شامل آهن. پنجاب ۾ اسان جي ٽن ساٿين کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو، ان تحريڪ ۾ پنجاب جي ڪارڪنن به پنهنجين جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. منهنجي دلي خواهش آهي ته پنجاب ترقي ڪري لاهور دنيا جي ترقي يافته شهرن جي برابر اچي.انهن فرمايو ته چيني صدر، انهن جي ڪابينا ۽ پاڪستان جي وفاقي حڪومت ڪيترن ئي منصوبن جي منظوري ڏني آهي جن جو تعلق صرف وسطي پنجاب جي مختلف علائقن سان آهي.اسان کي خوشي آهي ته پنجاب جي ترقي جي لاءِ موجوده حڪومت ڪم ڪري رهي آهي. اسان جي اها به دعا آهي ته پنجاب ترقي ڪري پر مان اهو به چوڻ چاهيان ٿو ته سرائيڪي علائقا، جنوبي پنجاب ۽ فاٽا جا ماڻهو به ترقي ڪن ۽ خوشحال ٿين، ڪراچي به پاڪستان جو ئي حصو آهي. پشاور به پاڪستان جو حصو آهي، ڪوئيٽا به پاڪستان جو حصو آهي ، گلگت بلتستان ۽ هزاري وال به پاڪستان جو حصو آهي. اهڙي طرح سکر ۽ حيدرآباد به پاڪستان جا حصا آهن. اسان چاهيون ٿا ته لاهور وانگر ملڪ جي ٻين صوبن جي شهرن کي به ترقياتي منصوبن ۾ حصو ملي. انهن فرمايو ته ڪراچي سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪري ٿو. آخر ڪراچي جي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت ڪهڙي منصوبي جي منظوري ڏني آهي. انهن فرمايو ته لاهور ۾ ميٽروبس کان پوءِ هاڻي چيني حڪومت سان ميٽرو ٽرين جو منصوبو به بڻايو ويو آهي. اها وڏي خوشي جي ڳالھ آهي. پر ڪراچي ۽ ملڪ جي ٻين شهرن جي عوام جو ڪهڙو ڏوھ آهي؟ ڪراچي پاڪستان جو سڀني کان وڏو شهر آهي. ڇا پاڪستان جي سڀني کان وڏي آبادي واري شهر ۽ سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيڻ واري شهر کي ماس ٽرانزٽ سسٽم جي ضرورت نه آهي؟ ڇا دهشت گردي کان متاثر ٿيندڙ پشاور ۽ ڪوئيٽا جي عوام جي ڦٽن تي مرهم رکڻ جي ضرورت نه آهي؟ ڪراچي جا عوام اهو سوال ڪرڻ جو حق رکن ٿا ته 46 ارب ڊالرن جي ترقياتي منصوبن ۾ ڪيترا منصوبا هن شهر کي ڏنا ويندا جيڪو سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪري ٿو.جيڪڏهن  پاڪستان جي ننڍن صوبن جي شهرن کي ترقي ڏني ويندي ته قومي يڪجهتي ۾ اضافو ٿيندو. پر جيڪڏهن انهن ننڍن صوبن کي اهڙي ئي طرح ئي نظر انداز ڪيو ويو ته ان سان انهن صوبن جي عوام ۾ پيدا ٿيندڙ احساس محرومي بلڪل فطري هوندي. انهن اختيار رکندڙ ڌرين کي اپيل ڪئي ته اهي خدا جي واسطي پاڪستان جي مستقبل سان نه کيڏن، وسيلن جي تقسيم ۽ ترقي جي معاملن ۾ ننڍن صوبن کي نظر انداز نه ڪن.پاڪستان سڀني جو آهي، سڀ پاڪستاني آهيون ۽ متحد پاڪستان سڀني جي مفاد ۾ آهي.انهن فرمايو ته چين جي صدر جي استقبال جي لاءِ پنجاب جي وزيرن جي پوري فوج ايئرپورٽ تي نظر اچي رهي هئي. پر ٻين صوبن سان تعلق رکڻ وارا وزير ڇو موجود نه هئا. انهن فرمايو ته مان جڏهن پاڪستان جي اتحاد ۽ وفاق جي مضبوطي جي ڳالھ ڪريان ٿو ۽ متحده پاڪستان جي ڳالھ ڪريان ٿو 
ته منهنجين ڳالهين کي عصبيت، تعصب ۽ لسانيت جو نالو ڏنو وڃي ٿو. انهن فرمايو ته مون کي اوهان جيڪو به نالو ڏيو. مون کي غدار چئو، باغي چئو جيڪو ڪجھ به چوڻ چاهيو چئو. جيستائين منهنجي جسم ۾ جان آهي مان سچ ڳالهائيندو رهندس. انهن فرمايو ته مون کي پوري پاڪستان جي يڪجهتي جي لاءِ قوم کي اهو پيغام ڏيڻو هو ۽ پوري ملڪ کي دعوت فڪر ڏيڻي هئي ۽ مان پاڪستان جي يڪجهتي جي لاءِ اها ڪوشش ڪندو رهندس. انهن فرمايو ته جنرل پرويز مشرف جي زماني ۾ پاڪ چين راهداري جو منصوبو شروع ڪيو ويو هو جنهن کي سابق صدر آصف علي زرداري اڳتي وڌايو پر موجوده حڪومت ان راهداري جو هڪ وڏو حصو ڪي پي ڪي کان ڪڍي ڪري پنجاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي. انهن فرمايو ته مان ڪي پي ڪي جي وزير اعلٰي پرويز خٽڪ، بلوچستان جي وزير اعلٰي ڊاڪٽر عبدالمالڪ ، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ سابق صدر آصف علي زرداري کي چوان ٿو ته اهي به پنهنجن جائز حقن جي لاءِ آواز اٿارين، اهو پاڪستان اسان سڀني جو آهي ۽ ان تي اسان سڀني جو برابر حق آهي. 

6/30/2024 7:29:36 AM