Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسان آزمائش جي وقت ۾ فوج جو هر طرح سان وڌي ڪري ساٿ ڏنو پر پوءِ به اسان جي حب الوطني تي شڪ ڪيو پيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


اسان آزمائش جي وقت ۾ فوج جو هر طرح سان وڌي ڪري ساٿ ڏنو پر پوءِ به اسان جي حب الوطني تي شڪ ڪيو پيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/17/2015
اسان آزمائش جي وقت ۾ فوج جو هر طرح سان وڌي ڪري ساٿ ڏنو پر پوءِ به اسان جي حب الوطني تي شڪ ڪيو پيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اسان کي انڊين ايجنٽ چيو وڃي ٿو ۽ اسان جو قتل عام به ڪيو وڃي ٿو، آخر اسان جو ڪهڙو ڏوھ آهي؟
ايم ڪيو ايم ڪهڙين قومي تنصيبات يا فوج جي هيڊڪوارٽرن تي حملو ڪيو جو ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن ڪيو پيو  وڃي.
جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ جمع ٿيندڙ عوام جي هڪ تمام وڏي  پرجوش اجتماع کي خطاب.
لنڊن؛ 17 اپريل 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان بانيان پاڪستان جون اولادون آهيون جن لکين جانيون ڏيئي ڪري پاڪستان بڻايو، جن جي سامهون انهن جي نوجوان پٽن کي ذبح ڪيو ويو پر انهن سر نه جهڪايو ۽ ورهائجي رهندو هندستان ۽ وٺي رهنداسين پاڪستان، جا نعرا لڳايا، اسان آزمائش جي وقت ۾ فوج جو هر طرح سان وڌي چڙهي ڪري ساٿ ڏنو،ان جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي پر پوءِ به اسان جي حب الوطني تي شڪ ڪيو پيو وڃي، اسان کي انڊين ايجنٽ چيو وڃي ٿو ۽ اسان جو قتل عام به ڪيو وڃي ٿو. انهن فرمايو ته ڀلي ڪيترو ئي ظلم ڪيو وڃي اسان پنهنجي جدوجهد کان پوئتي نه هٽنداسين. جناب الطاف حسين مسلم ليگ ن جي رهنما سليم ضياء جي طرفان مهاجرن جي لاءِ غلط لفظ استعمال ڪرڻ جي سخت مذمت ڪندي فرمايو ته مهاجرن کي غلط چوڻ سليم ضياء جي متعصبانه ۽ نسل پرستانه سوچ جو اظهار آهي. وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ مسلم ليگ ن جي رهنمائن کي گهرجي ته اهي سليم ضياء جي ان بيان جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ مهاجرن کان معافي وٺن نه ته عوام ان متعصبانه ۽ نسل پرستانه بيان تي ڀرپور احتجاج ڪندا. انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ جمع ٿيندڙ عوام جي هڪ تمام وڏي ۽ پرجوش اجتماع کي خطاب ڪندي ڪيو. جن ۾ هزارين نوجوانن ۽ بزرگن سان گڏو گڏ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا.پنڊال جي شرڪاء جي طرفان وقفي وقفي سان جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي حق ۾ نعرا لڳايا ويا ۽ جناب الطاف حسين سان پنهنجي تمام گهڻي محبت جو اظهار به ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته سپريم ڪورٽ تمام جماعتن ۾ ويڙهاڪ ٽولن جو ذڪر ڪيو  پر ڇاپو صرف ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي هنيو ويو ۽ ايم ڪيو ايم جي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. ان تي اسان جڏهن احتجاج ڪيو ته چيو ويو ته لياري گينگ وار۽ طالبان جي خلاف به ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. انهن سوال ڪيو ته لياري جي گينگسٽرن ته اغوا برائي تاوان ۽ ڀتي جون وارداتون ڪيون ۽ طالبان جي دهشت گردن جي ايڇ ڪيو، نيول بيس، ڪامراھ ايئربيس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي هيڊڪوارٽرن تي حملا ڪيا. انهن جي خلاف ته ڪاروائي جو جواز بڻجي ٿو پر ايم ڪيو ايم ڪهڙين قومي تنصيبات يا پاڪ فوج جي هيڊڪوارٽرن تي حملا ڪيا جو ان جي خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي. انهن فرمايو ته مهاجرن پاڪستان کي بڻايو ، پاڪستان جي تعمير ڪئي. پر ٻئي ۽ ٽئين درجي جي  شهرين جهڙو سلوڪ به مهاجرن سان ڪيو پيو وڃي. انهن کي نفرت ۽ عصبيت  جو نشانو به بڻايو پيو وڃي. ڪجھ وقت اڳ پي پي جي رهنما ذوالفقار مرزٰي مهاجرن جي باري ۾ چيو هو ته مهاجر بکيا ۽ اگهاڙا آيا هئا. ڪالھ مسلم ليگ ن جي رهنما سليم ضياء هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ مهاجرن کي غلط ۽ غير ملڪي چيو . جڏهن سليم ضياء مهاجرن کي ڪالي ڪلوٽي چيو ته مون 
کي اهي امڙيون ۽ ڀينرون ياد آيون. جن تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد جي دوران پنهنجيون عزتون بچائڻ جي لاءِ ڪوهن ۾ ٽپا ڏيئي ڇڏيا هئا. انهن چيو ته صرف مان ئي نه بلڪه تمام مهاجر امڙيون ، ڀينرون، نوجوان، بزرگ ۽ ٻار به وزير اعظم ميان نواز شريف کان اهو سوال ڪن ٿا ته مهاجرن کي گاريون ڏيڻ ڇا پاڪستان جي خلاف ۽ غداري جو عمل نه آهي؟ وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ مسلم ليگ ن جي رهنمائن کي گهرجي ته اهي سليم ضياء جي ان بيان جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ مهاجرن کان معافي وٺن، نه ته عوام ان متعصبانه ۽ نسل پرستانه بيان جي خلاف ڀرپور احتجاج ڪندا. انهن سوال ڪيو ته جڏهن الطاف حسين جو پيغام ڪراچي کان نڪري ڪري سنڌ جي ڳوٺن، پنجاب، خيبرپختونخواھ، بلوچستان، گلگت بلتستان  ۽ سڄي ملڪ ۾ پکڙيو ۽ پنجابي ، پختون، سنڌي، بلوچي، سرائيڪي، ڪشميري، گلگتي ۽ ٻين قومن جا ماڻهو وڏي جوش و خروش سان ٽولن جي صورت ۾ ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيڻ لڳا ته ايم ڪيو ايم دشمنن ۾ خوف پيدا ٿي ويو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم اهڙي طرح ئي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي ته الطاف حسين پاڪستان کي قائد اعظم جي خوابن جي مطابق ملڪ بڻائي ڇڏيندو. انهي جي ڪري ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون سازشون شروع ڪيون ويون. پر ڀلي ڪيتريون ئي سازشون ڪيون وڃن پر ايندڙ ڏينهن ۾ ماڻهو ڏسندا ته ايم ڪيو ايم جو جهنڊو ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦڙڪندو.انهن فرمايو ته مان ڪنهن به دشمن کان نه ڪالھ ڊنم ۽ نه اڄ ڊڄان ٿو. جيڪڏهن مون کي پنهنجي مقصد جي خاطر جان به ڏيڻي پئي ته مان پنهنجي جان به ڏيئي ڇڏيندس پر حق جي ڳالھ چوڻ نه ڇڏيندس. انهن فرمايو ته جماعت اسلامي وارا اليڪشن تي پيسا خرچ ڪرڻ جي بجاءِ ڪنهن خيراتي اداري کي ڏيئي ڇڏين ڇو ته انهن جو اهو پيسو ضايع ٿي ويندو. انهن فرمايو ته جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف وارا لڳاتار ڌاندلي جو ڳوڙ مچائي رهيا آهن ان جو مطلب آهي ته انهن هاڻي کان ئي شڪست قبول ڪري ورتي آهي. جناب الطاف حسين پنهنجي تعليمي ۽ تحريڪي سفر جون تفصيلات بيان ڪندي فرمايو ته منهنجي خواهش هئي ته مان ڊاڪٽر بڻجان، پر مسلسل غور و فڪر ۾ رهڻ جي ڪري مان پنهنجي تعليم تي گهڻي توجه نه ڏيئي سگهيس ۽ ايتري مارڪون نه کڻي سگهيس جو ايم بي بي ايس ۾ داخلا وٺي سگهان. ان کان پوءِ مان اسلاميه سائنس ڪاليج ۾ بي ايس سي ۾ داخلا ورتي، جتي مان اهي مضمون چونڊيا جن جو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڊاڪٽري سان تعلق هو. بي ايس سي جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ مان ڪراچي يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ فارميسي ۾ داخلا ورتي. انهن فرمايو ته عملي زندگي ۾ ڪيترائي اهڙا موقعا آيا جڏهن مون کان ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ منهنجي والد۽ ڏاڏي جي پيدا ٿيڻ جي جاءِ ۽  قوميت پچي ويندي هئي. جڏهن مان پچڻ واري کي چوندو هوس ته منهنجا والد صاحب ۽ ڏاڏو انڊيا ۾ پيدا ٿيا هئا ۽ هجرت ڪري پاڪستان آيا هئا ته مون کي چيو ويندو هو ته پوءِ توهان ته مهاجر آهيو، جنهن تي مان چوندو هوس پر ته مان ته پاڪستان ۾ پيدا ٿيو آهيان. جناب الطاف حسين فرمايو ته 1964 جي صدارتي اليڪشن ۾ مهاجرن محترمه فاطمه جناح جي حمايت ڪئي جنهن جي ڏوھ ۾ ايوب خان ڪاميابي کان پوءِ فتح جو جشن ملهايو ۽ سرحد کان پنهنجن حمايتن کي آڻي پنهنجي پٽ گوهر ايوب جي سربراهي ۾ مهاجرن تي حملا ڪرايا ، گهرن ۽ دڪانن کي باھ ڏياري ۽ مهاجرن کي گوليون هڻي ڪري شهيد ڪرايو. ان وقت مان ننڍو هوس ۽ مهاجر آبادين تي حملن جي ڊپ کان پنهنجن وڏڙن سان گڏ مان به ڄاڳندو هوس ۽ جڏهن اسان کي اها اطلاع ملندي هئي ته اسان جي آبادين تي پٽاڻ حملو ڪرڻ اچي رهيا آهن ته اسان بجلي جا ٿنڀا وڄائي ڪري ماڻهن کي هوشيار ڪندا هئاسين. ان وقت پوري پاڙي جي ماڻهن وٽ صرف ڏنڍا هوندا هئا ۽ صرف هڪ گهر اهڙو هو جنهن وٽ صرف هڪ بندوق هئي پر ڪارتوس به فقط هڪ هو .مان پنهنجن وڏڙن کان سوال ڪندو هوس ته اهي ڪير آهن جيڪي اسان کي ماري رهيا آهن. آخر اسان جو ڏوھ ڪهڙو آهي؟ پر ڪوئي به خاطرخواھ جواب نه ملندو هو. جناب الطاف حسين وڌيڪ فرمايو ته ان کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت آئي ته انهن سنڌ ۾ شهري آبادي جي لاءِ 40 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي واري آبادي جي لاءِ 60 سيڪڙو جي تناسب سان ڪوٽا سسٽم نافذ ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ سنڌي زبان کي سرڪاري زبان قرار ڏيڻ جي لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ لينگوئج بل پاس ڪيو ويو. ان وقت ممتاز ڀٽو سنڌ جا وزير اعلٰي هئا. لساني بل جي معاملي تي سنڌ ۾ فساد ڀڙڪي اٿيو، لاڙڪاڻي، خيرپور ۽ جيڪب آباد سميت پورو اندرون سنڌ مهاجرن تي تشدد ڪري خالي ڪرايو ويو ۽ اهي مهاجرن جا لٽيل قافلا ٻيهر هجرت ڪري ميرپورخاص، نواب شاھ ، حيدرآباد ۽ ڪراچي اچڻ تي مجبور ٿيا. ايوب خان جي زماني ۾ مهاجر آبادين تي حملا ڪيا ويا. ڀٽي جي دور ۾ مهاجرن جو قتل عام ڪيو ويو، انهن ادوار ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا اهلڪار موجود هئا. 1979 ۾ جنرل ضياء الحق جي دور ۾ سمري ملٽري ڪورٽ مون کي ڪوڙي الزام ۾ 9 مهينا قيد ۽ پنجن ڪوڙن جي سزا ٻڌائي. ان کان پوءِ 1986 ۾ قصبه ڪالوني ۽ عليڳڙھ ڪالوني ۾ پهاڙين تان لهڻ وارن حملا ڪيا. مان ان وقت ڪراچي سينٽرل جيل ۾ قيد هيس. ان زماني ۾ سهراب ڳوٺ تي آپريشن ٿي رهيو هو ۽ ڪراچي ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارا اداراموجود هئا. 30 سيپٽمبر 1988 تي حيدرآباد ۾ شام جو پنجين وڳي ڏهن گاڏين ۾ سوار دهشت گردن ڇتي فائرنگ ڪري 200 کان وڌيڪ مهاجرن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ان وقت به پوليس ۽ ٻيا قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا موجود هئا. پر مهاجرن کي بچائڻ جي لاءِ ڪوئي به نه آيو. 1990 ۾ پڪا قلعه آپريشن ڪيو ويو، درجنين بي گناھ ماڻهن کي گوليون هڻي ڪري شهيد ڪيو ويو.، انهن جي تدفين ڪرڻ جي به اجازت نه ڏني وئي ۽ انهن شهيدن کي پڪي قلعي ۾ ئي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيدن جو ذڪر ڪندي جناب الطاف حسين پنهنجن جذبن تي قابو نه رکي سگهيا ۽ زاروقطار روئڻ لڳا. انهن ڏکويل آواز ۾ فرمايو ته حق پرستانه جدوجهد جي دوران ايم ڪيو ايم جي هزارين ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو، شهيدن جا قبرستان ڀرجي ويا ته الڳ شهداء قبرستان ٺاهڻو پيو اهو به شهيدن سان ڀرجي ويو. ان وقت به قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا، عدالتون، انساني حقن جون انجمنون ۽ وڪيلن جو تنظيمون موجود هيون پر مهاجرن تي ظلمن جي خلاف ڪنهن به آواز نه اٿاري. ان ظلم جو ڪنهن به عدالت پاڻ مرادو نوٽس نه ورتو. مون تي ڪيترائي ڀيرا قاتلاڻه حملا ٿيا پر جڏهن مون تي هينڊ گرينڊ حملو ڪيو ويو ته ساٿين چيو ته اسان اوهان کي گولين جي سامهون اچي ڪري ته بچائي سگهون ٿا پر بم ڌماڪن کان محفوظ رکي نه ٿا سگهون. ان جي ڪري اوهان ٻاهرين ملڪ هليا وڃو ۽ اتي رهي ڪري اسان جي رهنمائي ڪريو. ان جي ڪري 1992 ۾ مان لنڊن هليو آيس ۽ هتي به مان ڏينهن رات تحريڪي ڪمن ۾ مصروف رهيس. انهن فرمايو ته حق پرستي جي جدوجهد جي دوران منهنجا اعصاب ٽوڙڻ جي لاءِ 1995 ۾ منهنجي 66 سالن جي ڀاءُ ناصر حسين ۽ 28 سالن جي ڀائيٽي عارف حسين کي شهيد ڪيو ويو. ان ظلم تي مان الله تعالٰي کان صرف اها ئي دعا ڪئي ته اي الله سائين مون کي حوصلو ۽ همت عطا ڪر. الله سائين جو ڪرم آهي ته اهو ظلم به مون کي نه ٽوڙي سگهيو. انهن فرمايو ته مهاجر بانيان پاڪستان جون اولادون آهن پر اسان کي مڪڙ، تلير، مٽروي، ڀيا ۽ مهاجر چيو ويو. جنرل ايوب خان جي طرفان چيو ويو ته مهاجرن کي سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي. قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن مهاجرن جي گهرن تي ڇاپا هڻندي بزرگن ۽ عورتن جي بي حرمتي ڪئي وئي ۽ انهن کي اندرا گاندي جي اولاد، را جو ايجنٽ ۽ ڀارتي ايجنٽ چيو ويو، بزرگن ۽ نوجوانن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ اگهاڙو ڪيو ويندو هو ۽ پوءِ انهن جون قميصون لاهي انهن جي اکين تي ٻڌي ڪري  ميدان ۾ جنگي قيدين وانگر ويهاريو ويندو هو. انهن فرمايو ته اسان بانيان پاڪستان جون اولادون آهيون جن لکين جانين جون قربانيون ڏيئي ڪري پاڪستان بڻايو هو. جن جي سامهون انهن جي نوجوان پٽن کي ذبح ڪيو ويو. پر انهن پنهنجو سر نه جهڪايو ۽ بٽ کي رهي گا هندستان لي کي رهين گي پاڪستان جا نعرا لڳايا. اسان آزمائش جي وقت ۾ فوج جو هر طرح سان وڌي ڪري ساٿ ڏنو، انهن جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي پر پوءِ به اسان جي حب الوطني تي شڪ ڪيو پيو وڃي، اسان کي انڊين ايجنٽ چيو وڃي ٿو ۽ اسان جو قتل عام به ڪيو وڃي ٿو. انهن فرمايو ته ڀلي ڪيترو ئي ظلم ڪري وٺن پر اسان پنهنجي جدوجهد کان پوئتي نه هٽنداسين. انهن عوام کي چيو  ته اهي صبر ڪن ڇو ته الله تعالٰي صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي. جناب الطاف حسين ٽي وي اينڪر پرسنن ۽ تجزيه نگارن کي چيو ته اهي ايم ڪيو ايم تي تنقيد ضرور ڪن پر ايم ڪيو ايم تي ڪوڙن الزامن، مهاجرن کي گاريون ڏيڻ ۽ تعصب وارا جملا چوڻ کان پاسو ڪن.

7/17/2024 1:27:14 PM