Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اين اي 246 جي سيٽ تي سياسي و مذهبي جماعتن جي رهنمائن جي طرفان کٽڻ جا کوکلا دعوٰي کل جوڳا آهن. حيدر عباس رضوي ۽ ڪنور نويد جميل.


اين اي 246 جي سيٽ تي سياسي و مذهبي جماعتن جي رهنمائن جي طرفان کٽڻ جا کوکلا دعوٰي کل جوڳا آهن. حيدر عباس رضوي ۽ ڪنور نويد جميل.
 Posted on: 4/17/2015
اين اي 246 جي سيٽ تي سياسي و مذهبي جماعتن جي رهنمائن جي طرفان کٽڻ جا کوکلا دعوٰي کل جوڳا آهن. حيدر عباس رضوي ۽ ڪنور نويد جميل.
ريلوي ڪالوني، گوهر آباد، ايوب منزل ۽ ٻين هنڌن تي ڪارنر ميٽنگن کي خطاب.
ڪراچي؛ 17 اپريل 2015 
            ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدرعباس رضوي ۽ اين اي 246 جي حق پرست اميدوار ڪنور نويد جميل چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اين اي 246 جي سيٽ وڏي اڪثريت سان کٽندي ۽ هن سيٽ تي ٻين سياسي و مذهبي جماعتن جي رهنمائن جي طرفان  کٽڻ جا کوکلا نعرا کل جوڳا آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن فيڊرل بي ايريا جي علائقن ريلوي ڪالوني، گوهر آباد، ايوب منزل، دربار سلطاني، پراڻو ڪريم آباد، لياقت جي علائقن جامو چوڪ، زينت اسڪوائر، اسحاق آباد، شريف آباد ۽ ٻين هندن تي ڪارنر ميٽنگن کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي اسيمبلين جا ميمبر به انهن سان گڏ هئا.ڪارنر ميٽنگن ۾ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. انهن چيو ته نام نهاد سياسي و مذهبي جماعتن جي رهنمائن جي طرفان هڪ سازشي منصوبي جي تحت اهڙا بيان ڏنا پيا وڃن جنهن سان تڪ جي عوام جا جذبا بري طرح سان مجروح ٿي رهيا آهن پر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اپيل تي اهي صبر کان ڪم وٺي رهيا آهن ۽ اهڙو ڪوئي به عمل ڪرڻ نه ٿا چاهن جنهن سان مخالفن کي ڀڄڻ جو موقعو ملي. انهن چيو ته سياست يا اليڪشن جي ماحول ۾ ڪنهن جماعت يا ان جي ليڊر تي بي بنياد الزام هڻڻ جو عمل جمهوري روايتن جي خلاف آهي ۽ جيڪي اهڙو ڪري رهيا آهن ان جو اليڪشن ڪميشن کي سخت نوٽس وٺڻ گهرجي. انهن 246 جي حق پرست عوام کي اپيل ڪئي ته اهي ننڍي چونڊ ۾ حق پرست اميدوار کي ووٽ ڏيئي ڪري وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائين.

7/17/2024 1:35:41 PM