Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملڪ جي 22 هن هنڌن تي ننڍي چونڊ ٿي پر ڪٿي به بائيوميٽرڪ سسٽم نه لڳايو ويو.ڪنور نويد جميل.


ملڪ جي 22 هن هنڌن تي ننڍي چونڊ ٿي پر ڪٿي به بائيوميٽرڪ سسٽم نه لڳايو ويو.ڪنور نويد جميل.
 Posted on: 4/17/2015
ملڪ جي 22 هن هنڌن تي ننڍي چونڊ ٿي پر ڪٿي به بائيوميٽرڪ سسٽم نه لڳايو ويو.ڪنور نويد جميل.
اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ اوکائي ميمڻ هال، فيڊرل بي ايريا بلاڪ 14 ۽ ٻين هنڌن تي ڪارنر ميٽنگن کي خطاب.
ڪراچي؛ 17 اپريل 2015 
              اين اي 246 جي حق پرست اميدوار ڪنور نويد جميل چيو آهي ته ملڪ جي 22 هن هنڌن تي ننڍي چونڊ ٿي پر ڪٿي به بائيوميٽرڪ سسٽم نه لڳايو ويو. ننڍي چونڊ ۾ نام نهاد سياسي جماعتن جو ٽولو اين اي 246 جي سيٽ ايم ڪيو ايم کان ڇڻڻ چاهي ٿو پر تڪ جا عوام 23 هين اپريل تي حق پرست اميدوار کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري سازشي ٽولي جي سازشن کي ناڪام بڻائيندا. انهن خيالن جو اظهار انهن اوکائي ميمڻ هال، بلاڪ 3، فيڊرل بي ايريا بلاڪ 14، فيڊرل بي ايريا ريذيڊنس ڪميٽي ۽ فيڊرل بي ايريا بلاڪ بي ۾ اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل ڪارنر ميٽنگن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪارنر ميٽنگن کي رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ٻين به خطاب ڪيو. ڪارنر ميٽنگن ۾ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. انهن خطاب ڪندي چيو ته 246 جي سيٽ تي تڪ جي عوام گذريل اليڪشن ۾ نبيل گبول کي هڪ لک 47 هزار ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرايو هو، ايم ڪيو ايم جي دشمني لياري جي عوام سان نه بلڪه ڏوهاري ماڻهن سان آهي ۽ اهو ئي تاثر ختم ڪرڻ جي لاءِ ۽ بلوچن ۽ سنڌين ۾ محبتون پيدا ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم نبيل گبول کي ان تڪ تان اليڪشن ويڙهايو پر نبيل گبول عوام کي وقت نه ڏيئي رهيا هئا ان جي ڪري انهن کان اسٽعيفٰي ورتو ويو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم تي ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام لڳايا پيا وڃن ۽ تڪ جي عوام جي جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم سان وابستگي کي مشڪوڪ بڻائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. جنهن سان تڪ جي عوام ۾ وڏي بي چيني پاتي وڃي ٿي. انهن تڪ جي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي 23 هين اپريل تي حق پرست اميدوار کي ووٽ ڏيئي ڪري وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائين.

6/30/2024 9:20:40 AM