Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خدا جي واسطي اسان جي حب الوطني تي شڪ ڪرڻ ڇڏي ڏيو ۽ غلط فهمين جو خاتمو ڪريو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


خدا جي واسطي اسان جي حب الوطني تي شڪ ڪرڻ ڇڏي ڏيو ۽ غلط فهمين جو خاتمو ڪريو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/18/2015
خدا جي واسطي اسان جي حب الوطني تي شڪ ڪرڻ ڇڏي ڏيو ۽ غلط فهمين جو خاتمو ڪريو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيڪي اسان کان غلطيون ٿيون اوهان انهن کي وساري ڇڏيو، جيڪي اوهان ڪيو ان کي اسان وساري ڇڏيون ٿا، اچو ته محبتن جو نئون سفر شروع ڪريون، اسٽيبلشمينٽ ۽ اختيار رکندڙ ڌرين کي جناب الطاف حسين جو پيغام.
خدا جي واسطي بلوچستان جي ماڻهن جي ڦٽن تي مرهم رکو، انهن سان ڳالھ ڪريو ۽ انهن کي انهن جا حق ڏيو.
انشاء الله تعالٰي 23 هين اپريل تي ڪنور نويد جميل هڪ ڀيرو ٻيهر قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويندا.
ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ لياقت آباد فلائي اوور تي ٿيندڙ جلسي کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 18 اپريل 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اسٽيبلشمينٽ ۽ سمورين اختيار رکندڙ ڌرين کي چيو آهي ته خدا جي واسطي اسان کي به برابر جو پاڪستاني سمجهو، اسان جي حب الوطني تي شڪ ڪرڻ ڇڏي ڏيو ۽ خداجي واسطي غلط فهمين جو خاتمو ڪريو. اچو ته محبت ۽ ڀائيچاري جي هڪ نئين باب جو آغاز ڪريون، جيڪي اسان کان غلطيون ٿيون اوهان انهن کي وساري ڇڏيو، جيڪي اوهان ڪيو ان کي اسان وساري ڇڏيون ٿا. اچو ته محبتن جي نئين سفر جو آغاز ڪريون. انهن خيالن جو اظهار انهن قومي اسيمبلي جي تڪ 246 جي ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ لياقت آباد جي فلائي اوور تي ٿيندڙ جلسي کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪيو. جلسي ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي. جن ۾ نوجوانن ۽ بزرگن سان گڏو گڏ عورتن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ ننڍي چونڊ سان گڏو گڏ سڄي پاڪستان جي عوام ۽ اهل فڪر کي مخاطب ڪري سمورن اهم قومي ۽ بين الاقوامي معاملن تي اهم ڳالھ ٻولھ ڪئي. انهن جلسي ۾ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪرڻ تي لياقت آباد ۽ فيڊرل بي ايريا جي امڙين، ڀينرن، بزرگن ، نوجوانن ۽ ٻارڙن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو ۽ انتهائي مختصر نوٽس تي جلسي جا شاندار انتظام ڪرڻ تي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي به شاباش پيش ڪئي. انهن فرمايو ته اڄ جي تاريخي جلسي ۾ لکين ماڻهن گڏيل طور تي اهو فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي اسان کي طالبان ۽ القائده جون حمايتي جماعتون نه بلڪه لبرل ۽ پروگريسو جماعت ايم ڪيو ايم گهرجي. انهن فرمايو ته ڪجھ ماڻهو چون پيا ته لياقت آباد جي جلسي ۾ ماضي جي مقابلي ۾ وڌيڪ ماڻهو نه ايندا، پر منهنجو چوڻ هو ته جلسي ۾ پهرين کان وڌيڪ ماڻهو شرڪت ڪندا ،ڇو ته پهرين ايم ڪيو ايم جي جلسي ۾ صرف اردو ڳالهائڻ وارا شريڪ ٿيندا هئا پر هاڻي پنجابي، سنڌي، پختون، بلوچي، سرائيڪي، هزاري وال، ڪشميري، گلگتي بلتستاني ۽ سمورين قومن ۽ برادرين جا ماڻهو شريڪ ٿيندا. منهنجي ڳالھ درست ثابت ٿي ۽ اڄ جي جلسي ماضي جي سڀني جلسن جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي ۽ ان جلسي ۾ هر مسلڪ، فقه ۽ مذهبن سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو شامل آهن جيڪي هٿن ۾ هٿ وجهي چئي رهيا آهن ته هن جهنڊي جي هيٺان اسان سڀ هڪ آهيون. انهن اينڪر پرسنن ۽ تجزيه نگارن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان ايمانداري سان ڪم وٺو ۽ جلسي جي حاضري جي باري ۾ صحيح تعداد ٻڌايو. انهن اين اي 246 کان ايم ڪيو ايم جي اميدوار ڪنور نويد جميل کي ايم اين اي چونڊجڻ جي اڳواٺ ئي مبارڪباد پيش ڪئي. انهن فرمايو ته 23 هين اپريل تي امن ، پيار ۽ ڀائيچاري جي ڳالھ ٿيندي. ملڪ  جي بهتري جي لاءِ هٿن ۾ هٿ وجهي ڪري ڪم ڪرڻ جي ڳالھ ٿيندي. انهن پاڪستان جي اختيار رکندڙ ڌرين، تمام سياسي و مذهبي رهنمائن ۽ اڪابرن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اسان بانيان پاڪستان جون اولادون آهيون ، اسان جي بزرگن 20 لک جانين جي قرباني ڏيئي ڪري پاڪستان بڻايو. اسان پاڪستان کي بچائڻ جي لاءِ 1971 ۾ وري ست لک جانين جي قرباني ڏني. هن وطن جي بنيادن ۾ اسان جي بزرگن جو رت شامل آهي.اسان چاهيون ٿا ته اسان جو هي پيارو وطن قائم رهي، پاڪستان مضبوط ٿئي ۽ ترقي ڪندي سپر پاور جي لائين ۾ شامل ٿئي. انهن فرمايو ته مان لياقت آباد جي هن تاريخي هنڌ تي وري پوري پاڪستان کي دعوت ڏيئي رهيو آهيان ته خدا جي واسطي اسان کي به برابر جو پاڪستاني سمجهو. خدا جي واسطي اسان جي حب الوطني تي شڪ ڪرڻ ڇڏي ڏيو. خدا جي واسطي غلط فهمين جو خاتمو ڪريو، اسان جا دل زخمي آهن. اسان جي گهرن ۾ سڏڪا آهن، اڄ مان هڪ ڀيرو ٻيهر چوان ٿو ته اچو ته نفرتن کي وساريون ۽ محبت ۽ ڀائيچاري جي هڪ نئين باب جو آغاز ڪريون. جيڪي اسان کان غلطيون ٿيون آهن اوهان انهن کي وساري ڇڏيو، جيڪي اوهان ڪيو ان کي اسان وساري ڇڏيون ٿا. اهو وطن اسان سڀني جو آهي. خدا جي واسطي ڪنهن جي پاڪستانيت تي شڪ نه ڪريو. اچو ته اسان تمام تر سياسي ۽ نظرياتي اختلافن کي هڪ پاسي رکي ڪري هن پياري وطن کي مضبوط ڪريون. الله تعالٰي پاڪستان کي تيل، گيس، سون، پيٽرول ۽ ٻين طرح طرح جي قدرتي وسلين سان مالا مال ڪيو آهي. انهن فرمايو ته پاڪستانين ۾ صلاحيتن جي  ڪابه ڪمي نه آهي .هڪ ڀيرو حق پرستن جي حڪومت اچڻ ڏيو انشاء الله تعالٰي چورين ۽ خزاني جي لٽ مار جو سلسلو ختم ٿي ويندو. انهن فرمايو ته جيڪي ماڻهو ايم ڪيو ايم جي ماڻهن کي چائينا ڪٽنگ جو طعنو ڏين ٿا مان انهن کي چوان ٿو ته مون ۾ ايتري اخلاقي جرت ۽ همت آهي جو منهنجو ڀاءُ يا تحريڪ جو ڪوئي به ذميوار چوري ڪري ته مان رابطا ڪميٽي جو اجلاس گهرائي اهو چئي سگهان ٿو ته فلاڻي ساٿي چوري ڪئي آهي ان کي سزا ڏني وڃي.جناب الطاف حسين حڪمرانن ۽ اختيار رکندڙ ڌرين کي مخاطب ڪندي فرمايو ته خدا جي واسطي ڪراچي جي 
مسئلن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ڪراچي جي مسئلي جو حل صرف آپريشن نه آهي بلڪه ڪراچي کي ان جا سياسي ۽ معاشي حق ڏنا وڃن، اهڙي طرح حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص، نواب شاھ، ٺٽي، بدين، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد ۽ سنڌ جي تمام شهرن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن کي به انهن جا جائز حق ڏنا وڃن. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان جو هڪ صاحب اسان کي ته برو ڀلو چئي ويو پر اسان جو اوهان کي اهو ئي چوڻ آهي ته خدا جي واسطي بلوچستان جي ماڻهن جي ڦٽن تي مرهم رکو. انهن سان ڳالھ ڪريو. انهن کي انهن جا جائز حق ڏيو ۽ انهن کي قومي وهڪري ۾ واپس آڻيو. وزيرستان ۾ آپريشن جي ڪري لکين آئي ڊي پيز هن مهل تائين ڪيمپن ۾ طرح طرح جي مسئلن جو شڪار آهن. انهن جي گهرن ڏانهن واپسي کي جلد کان جلد يقيني بڻايو وڃي. گلگت بلتستان جي ماڻهن کي انهن جا جائز حق ڏنا وڃن، ڦاٽا جي ماڻهن کي انهن جا حق ڏنا وڃن. جيڪڏهن اهي صوبو گهري رهيا آهن ته انهن کي صوبو ڏنو وڃي. انهن حڪومت کي چيو ته ڪشمير جي مسئلي تي ڪوشش ڪري اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس گهرايو وڃي ۽ اتي ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن تي آواز اٿاري وڃي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم اهڙي خارجه پاليسي چاهي ٿي جنهن ۾ پاڪستان جي وقار تي ڪوئي به تئو نه اچي. پاڪستان جي ترتي ۽ خوشحالي ۽  پائيدار امن جي لاءِ پاڙيسري ملڪن سان عزت وارا ۽ دوستانه رابطا قائم ٿين. اسان کي دشمن جي نه بلڪه دوستن جي ضرورت آهي. اسان کي جنگ جي نه بلڪه واپار جي گهرج آهي. جيڪڏهن يورپي ملڪَ پهرين جنگ عظيم ۽ ٻئي جنگ عظيم کان پوءِ دوستي ڪري سگهن ٿا ۽ يورپي يونين بڻائي سگهن ٿا ته اسان پاڙيسري ملڪن سان دوستي ڪري ايشين يونين ڇو نه ٿا بڻائي سگهون. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم فرقي وارانه هم آهنگي چاهي ٿي. فرقي واريت جي بنياد تي ڪنهن کي قتل ڪرڻ سراسر جاهلانه ۽ غير اسلامي آهي. منهنجي تمام مسلڪن جي مڃڻ وارن کي اپيل آهي ته اهي خدا جي واسطي مسلڪ ۽ فرقي واريت جي بنياد تي قائم دشمني ڇڏي هڪ ٻئي جو سهارو ۽ محافظ بڻجن. اسان جي ملڪ جا لکين ٻار روڊن تي ڪارون صاف ڪري رهيا آهن ۽ ڪِن جا ڍير چونڊي رهيا آهن. انهن وٽ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ وسيلا نه آهن. اسان کي گهرجي ته اسان انهن ٻارن کي تعليم ڏيارڻ جي لاءِ اسڪول کوليون. انهن ميڊيا جي نمائندن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي جيتري به چاهيو تنقيد ڪريو، تنقيد ڪرڻ اوهان جو حق آهي. اسان اوهان جي حق جو احترام ڪريون ٿا. پر خدا جي واسطي پنهنجي ريٽنگ وڌائڻ جي لاءِ ۽ پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ننڍا ننڍا الزام لڳائي ڪري ماڻهن جا پٽڪا نه لاهيو. انهن فرمايو ته پاڪستان سميت  پوري دنيا شاهد آهي ته جڏهن ايم ڪيو ايم وٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مڪاني حڪومت هئي ته ايم ڪيو ايم انهن شهرن ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇائي پوري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو هو. جيڪڏهن پاڪستان جي عوام ايم ڪيو ايم کي ووٽ ڏيئي ڪري قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت ڏياري ۽ ايم ڪيو ايم وفاق ۾  حڪومت بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته انشاء الله تعالٰي اسان پنجن سالن ۾ پاڪستان کي يورپي يونين جي لائين ۾ بيهاري ڇڏينداسين. انهن انگريزي زبان ۾ خطاب ڪندي فرمايو ته ايم ڪيو ايم سڄي پاڪستان جي عوام کي بغير ڪنهن  رنگ و نسل ، زبان ، مسلڪ ۽ مذهب جي هڪ جهنڊي هيٺان گڏ ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ملڪ ۾ سچو جمهوري نظام قائم ڪرڻ چاهي ٿي، جتي معاشري جي هر ماڻهو کي زندگي جي هر شعبي ۾ برابر جا حق حاصل هجن ۽ سمورا فيصلا دوستي ۽ مٽي مائٽي جي بجاءِ بلڪل ميرٽ تي ڪيا وڃن. ايم ڪيو ايم سمورن مذهبن ۽ عقيدن جو احترام ڪري ٿي ۽ جيئو ۽ جيئڻ ڏيو تي يقين رکي ٿي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ صحت ۽ تعيلم جي نظام کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿي ۽ چاهي ٿي ته صرف شهرن ۾ ئي نه بلڪه پري وارن ڳوٺن ۾ به اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ٿين. ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ جاري اسٽيٽس ڪو جو خاتمو چاهي ٿي ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ تبديليون آڻڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي ته جيئن غريب عوام به عزت واري ماني، پيئڻ جو صاف پاڻي، بجلي، گيس ، روزگار ۽ ٻيون بنيادي سهولتون حاصل ڪري سگهن.جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم هڪ ٻئي جي وجود کي برداشت ڪرڻ جي پاليسي تي يقين رکي ٿي. ايم ڪيو ايم لفظ نفرت کي نه بلڪه پيار، محبت ، امن ۽ عزت کي پيار ڪري ٿي. ايم ڪيو ايم هر قسم جي دهشت گردي ۽ تشدد جي خلاف آهي ۽ ايم ڪيو ايم سماج دشمن سرگرمين ۾ ملوث هجڻ تي پنهنجن گهڻڻ ئي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي ايم ڪيو ايم کان خارج ۽ معطل ڪري چڪي آهي. ايم ڪيو ايم هڪ منظم عوامي قوت آهي ۽ لکين عوام جي اجتماع کي ڪنٽرول ڪري ٿي. انهن فرمايو ته مان هن جلسي جي توسط سان رينجر جي آفيسرن ۽ جوانن کي چوان ٿو ته جيڪڏهن انهن کي ڪوئي گهربل آهي ته ان کي بيشڪ گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪن ۽ عدالت ۾ ڏوھ ثابت ٿي وڃي ته انهن کي سخت ترين سزا ڏني وڃي. اسان ان تي اف به نه ڪنداسين. پر گرفتار ٿيلن سان غير انساني ۽ غير قانوني سلوڪ نه ڪيو وڃي ۽ انهن تي تشدد نه ڪيو وڃي. انهن ايم ڪيوايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته پاڪستان جي پاڪ فوج طالبان، القائده ۽ داعش جي دهشت گردن جي خلاف ضرب عضب جي جنگ ۾ مصروف آهي. پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان پنهنجيون جانيون ٿري تي رکي ڪري دهشت گردن جو صفايو ڪري رهيا آهن . ان جي ڪري ڪارڪن ۽ همدرد دعا ڪن ته الله تعالٰي پاڪ فوج جي تما دوستن کي دهشت گردن جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي عطا فرمائي. انهن لياقت آباد ۽ فيڊرل بي ايريا جي ڪارڪنن ۽ همدردن تي زور ڏنو ته اهي مخالفن جي اشتعال انگيز ڳالهين تي صبر کان ڪم وٺن. جيڪڏهن ڪوئي گار ڏيئي  يا اوهان تي طنز ڪري ته اوهان ان جي جواب ۾ برداشت کان ڪم وٺو، الله تعالٰي اوهان کي صبر جو ڦر 23 هين اپريل تي اوهان جي کٽڻ جي صورت ۾ ڏيندو.

7/17/2024 1:29:44 PM