اي آر وائي نيوز چينل جي مالڪ حاجي جان محمد جي گهر واري محترمه مريم بائي جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 18 اپريل 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اي آر وائي نيوز جي مالڪ حاجي جان محمد جي گهر واري محترمه مريم بائي جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ انهن مرحومه جي تمام سوگوار پونئرن سان ۽ اي آر وائي نيوز جي اسٽاف سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومه جا درجات بلند فرمائي ۽ انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي. آمين.