Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو طارق محبوب جي ڀائرن سان فون تي رابطو. انهن طارق محبوب جي وحشياڻي قتل تي انهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو طارق محبوب جي ڀائرن سان فون تي رابطو. انهن طارق محبوب جي وحشياڻي قتل تي انهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.
 Posted on: 4/18/2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو طارق محبوب جي ڀائرن سان فون تي رابطو. انهن طارق محبوب جي وحشياڻي قتل تي انهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.
لنڊن؛ 18 اپريل 2015 
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رينجر جي حراست ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي ڊپٽي سيڪريٽري طارق محبوب جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته طارق محبوب شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪري انهن کي سخت ترين سزا ڏني وڃي. جناب الطاف حسين طارق محبوب شهيد جي گهر فون ڪري شهيد جي ننڍن ڀائرن عشرت محبوب ۽ نصرت محبوب سان دلي تعزيت ڪئي ۽ سوگوار پونئرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي. ان موقعي تي طارق محبوب جي ڀائرن جناب الطاف حسين کي ٻڌايو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، طارق محبوب تي ٿرڊ ڊگري تشدد ڪيو ويو جنهن جي ڪري اهي شهيد ٿي ويا، عشرت محبوب جناب الطاف حسين کي ٻڌايو ته طارق محبوب سان گڏ مون کي به گرفتار ڪيو ويو هو، منهنجو سياست سان ڪوئي به تعلق نه آهي پر رينجر حراست جي دوران اسان سان توهين وارو سلوڪ ڪيو ۽ اسان  کان مهاجر قوميت جي حوالي سان به سوال ڪيا ويا. انهن چيو ته الطاف ڀاءُ اوهان بانيان پاڪستان جي اولادن کي سڃاڻ ڏني آهي ۽ اوهان جي 40 ساله محنت رائيگان نه ويندي. جناب الطاف حسين تمام سوگوارن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي طارق محبوب شهيد کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي. جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته طارق محبوب جي وحشياڻي قتل جو نوٽس ورتو وڃي ۽ انهن جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته الله تعالٰي وزير اعظم کي توفيق عطا فرمائي ته اهي طارق محبوب شهيد جي سوگوار پونئرن سان رابطو ڪن ۽ انهن جي ڏک کي ونڊين ۽ انهن کي انصاف فراهم ڪن. جناب الطاف حسين سڄي پاڪستان جي حق پرست عوام تي زور ڏنو ته اهي طارق محبوب شهيد جي قتل جي خلاف احتجاج جي آواز بلند ڪن. طارق محبوب جي ڀائرن يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي جناب الطاف حسين جو شڪريو به ادا ڪيو. 

7/17/2024 1:36:52 PM