طارق محبوب جي رينجر جي حراست ۾ هلاڪت جي تحقيقات جي لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت جو مطالبو.
لنڊن؛ 18 اپريل 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت مطالبو ڪيو آهي ته سني اتحاد ڪائونسل جي رهنما طارق محبوب جي رينجر جي حراست جي دوران هلاڪت جي تحقيقيات جي لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪيو وڃي. انهن اهو مطالبو طارق محبوب شهيد جي ڀائرن سان فون تي تعزيت ڪندي ڪيو. نديم نصرت انهن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته طارق محبوب شهيد ڪراچي جا پٽ هئا ۽ انهن جي شهادت سان سني اتحاد ڪائونسل ۽ انجمن نوجوانان اسلام جا ڪارڪن ئي نه بلڪه ايم ڪيو ايم جي تمام ڪارڪنن ۽ ڪراچي جي هڪ هڪ ماڻهو کي دلي صدمو پهتو آهي. طارق محبوب جي ڀائرن نديم نصرت سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته الطاف ڀاءُ ۽ اوهان تمام ماڻهن ڏک جي ان گهڙي ۾ جهڙي طرح سان اسان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ان سان اسان کي وڏو حوصلو ۽ سهارو مليو آهي جن کي اسان لفظن ۾ بيان نه ٿا ڪري سگهون. ان موقعي تي نديم نصرت دعا ڪئي ته الله تعالٰي طارق محبوب شهيد جي مغفرت فرمائي ۽ انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي. آمين.