ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان حاجي حنيف طيب سان طارق محبوب جي هلاڪت تي تعزيت جو اظهار.
لنڊن؛ 18 اپريل 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين نظام مصطفٰي پارٽي جي صدر ۽ سابق ميمبر قومي اسيمبلي حاجي حنيف طيب کي فون ڪري رينجر جي حراست ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي رهنما طارق محبوب جي هلاڪت تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. جناب الطاف حسين حاجي حنيف طيب کي چيو ته طارق محبوب جي شهادت تي مون کي ۽ منهنجن تمام ساٿين کي وڏو ڏک پهتو آهي ۽ اسان اوهان سان دلي تعزيت ڪريون ٿا. حاجي حنيف طيب جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ان واقعي تي انهن کي تمام گهڻو ڏک ۽ ڳڻتي آهي ۽ پنهنجي سخت بيماري جي باوجود اهي پاڻ به طارق محبوب جي گهر وڃي ڪري انهن جي گهر وارن سان تعزيت ڪندا.