Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو سني اتحاد ڪائونسل جي سربراھ صاحبزاده حامد رضا سان فون تي رابطو.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو سني اتحاد ڪائونسل جي سربراھ صاحبزاده حامد رضا سان فون تي رابطو.
 Posted on: 4/18/2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو سني اتحاد ڪائونسل جي سربراھ صاحبزاده حامد رضا سان فون تي رابطو.
پابندي وڌل تنظيمن جي بجاءِ امن پسند ماڻهن کي نشانو بڻائڻ انصاف جي اصولن جي خلاف آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 18 اپريل 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سني اتحاد ڪائونسل جي سربراھ صاحبزاده حامد رضا سان فون تي رابطو ڪري انهن سان سني اتحاد ڪائونسل جي رهنما طارق محبوب شهيد جي سرڪاري حراست جي دوران هلاڪت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جناب الطاف حسين صاحبزاده حامد رضا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمايو ته منهنجي طارق محبوب جي ڀائرن سان به ڳالھ ٻولھ ٿي آهي ، انهن ٻڌايو ته طارق محبوب تي حراست جي دوران ٿرڊ ڊگري ٽارچر ڪيو ويو، جنهن جي ڪري انهن جي هلاڪت ٿي آهي. انهن فرمايو ته طارق محبوب جي شهادت جو واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي جنهن تي اسان طارق محبوب شهيد جي پونئرن ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي تمام رهنمائن ۽ ڪارڪنن سان دلي تعزيت ڪريون ٿا. ان موقعي تي صاحبزاده حامد رضا جناب الطاف حسين کي ٻڌايو ته سني اتحاد ڪائونسل فيصلو ڪيو هو ته اسان ڪراچي جي ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آئي جي حمايت نه ڪنداسين. ان کان پوءِ طارق محبوب جي گهر تي چاپو هڻي ڪري انهن کي انهن جي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي سميت 6 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو، پهرين چيو ويو ته طارق محبوب جي خلاف ڪوئي به ڪيس نه آهي ۽ اسان ان کي ڇڏي ڏينداسين پر ٻه ڏينهن اڳ جڏهن طارق محبوب کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويوته تڏهن به انهن 
تي ڪائي به فرد جرم عائد نه ڪئي وئي ۽ صرف شڪ جو اظهار ڪيو ويو هو. انهن ٻڌايو ته طارق محبوب تي حراست جي دوران ٿرڊ ڊگري ٽارچر ڪيو ويو، ان جي ڪري انهن جي شهادت جي تحقيقات ٿيڻ گهرجي. صاحبزاده حامد رضا وڌيڪ چيو ته اسان به حمايت ڪئي هئي ته ڪراچي ۾ ڏوهارين جي خلاف آپريشن ٿيڻ گهرجي پر جيڪي حالتون آهن انهن مان صاف ظاهر آهي ته ڪراچي ۾ صرف هڪ جماعت جي خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي. جيڪو غيرمناسب ۽ وڏي زيادتي آهي. انهن چيو ته اسان طالبان ۽ دهشت گردي جي خلاف فوج جو ساٿ ڏيئي رهيا آهيون پر اسان جي خلاف ان قسم جو رويو سمجھ کان ٻاهر آهي. جناب الطاف حسين صاحبزاده حامد رضا جي خيالن سان اتفاق ڪندي فرمايو ته طالبان، القائده، داعش ، لشڪر جهنگوي ۽ ٻين پابندي وڌل تنظيمن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ هڪ امن پسند ۽ هڪ مخصوص سياسي جماعت  کي نشانو بڻائڻ انصاف جي اصولن جي خلاف آهي. صاحبزاده حامد رضا ڏک جي ان گهڙي ۾ همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي قيادت جو شڪريو به ادا ڪيو. انهن جناب الطاف حسين کي پنجاب ايمپلي فائر ايڪٽ جي تحت پنجاب حڪومت جي طرفان اهل سنت سان لاڳاپيل شخصيتن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ انهن تي مقدما قائم ڪرڻ کان به آگاھ ڪيو. جناب الطاف حسين انهن زيادتين جي مذمت ڪئي. 

7/17/2024 1:43:42 PM