آل پاڪستان سني تحريڪ جي طرفان اين اي 246 جي سيٽ تي حق پرست اميدوار ڪنور نويد جميل جي ڀرپور حمايت جو اعلان.
ڪراچي؛ 19 اپريل 2015
آل پاڪستان سني تحريڪ جي طرفان اين اي 246 جي سيٽ تي حق پرست اميدوار ڪنور نويد جميل جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو آهي. اهو اعلان انهن اي پي ايس ٽي جي شورٰي ڪميٽي جي اهم اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس جي دوران آل پاڪستان سني تحريڪ ڪنور نويد جميل جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪندي اين اي 246 ۾ مقيم سرائيڪين، پٺاڻڻ، سرائيڪن،هزاري وال ۽ اعواڻ برادري کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجو قيمتي ووٽ ايم ڪيو ايم کي ڏين.آل پاڪستان سني تحريڪ جي چيئرمين مطلوب اعواڻ چيو ته مختلف زبانون ڳالهائڻ وارا ڪنور نويد جميل کي ضرور ڪامياب ڪرائين.ان موقعي تي ڪنور نويد جميل آل پاڪستان سني تحريڪ جي چيئرمين مطلوب اعواڻ ۽ ٻين رهنمائن جو شڪريو به ادا ڪيو.