ڊان اخبار جي ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ ۽ سابق سيڪريٽري جنرل اي پي اين ايس مسعود حامد جي وحشياڻي قتل تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 19 اپريل 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڊفينس ۾ روزاني انگريزي اخبار ڊان جي ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ ۽ سابق سيڪريٽري جنرل اي پي اين ايس مسعود حامد جي قتل تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ انهن مرحوم جي تمام سوگوار پونئرن سان ۽ ڊان اخبار جي اسٽاف سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.