اهل حديث رابطا ڪائونسل پاڪستان جي طرفان اين اي 246 جي سيٽ تي ايم ڪيو ايم جي حمايت جو اعلان .
ڪراچي؛ 19 اپريل 2015
اهل حديث رابطا ڪائونسل پاڪستان اين اي 246 جي سيٽ تي ايم ڪيو ايم جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي. اهو اعلان انهن ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم علماء ڪميٽي جي انچارج جاويد احمد سان ملاقات ۾ ڪيو. اهل حديث وفد ۾ رابطا ڪائونسل ڪراچي جو صدرعلامه مرتضٰي خان رحماني،قاري انيس الرحمٰن ۽ ٻيا به شامل هئا.ان موقعي تي وفد ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته فرقي وارانه هم آهنگي ، مذهبي رواداري ۽ عوام جي خدمت جي لاءِ جيترو ڪم جناب الطاف حسين ڪيو آهي. ايترو ٻئي ڪنهن به نه ڪيو آهي. ان تي اسان جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم رهنمائن وفد جو حمايت ڪرڻ تي شڪريو به ادا ڪيو.