Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لياقت آباد ۾ شاندار جلسو انهن ماڻهن جي منهن تي زوردار چماٽ آهي جيڪي چئي رهيا هئا ته ايم ڪيو ايم ختم ٿي وئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


لياقت آباد ۾ شاندار جلسو انهن ماڻهن جي منهن تي زوردار چماٽ آهي جيڪي چئي رهيا هئا ته ايم ڪيو ايم ختم ٿي وئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/19/2015
لياقت آباد ۾ شاندار جلسو انهن ماڻهن جي منهن تي زوردار چماٽ آهي جيڪي چئي رهيا هئا ته ايم ڪيو ايم ختم ٿي وئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ميوزيڪل پروگرام کي خطاب.
لنڊن؛ 19 اپريل 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته لياقت آباد ۾ ايم ڪيو ايم جو شاندار جلسو انهن سمورن تجزيه نگارن جي منهن تي چماٽ آهي جيڪي اهو چئي رهيا هئا ته ايم ڪيو ايم ختم ٿي وئي آهي ۽ عوام جناب الطاف حسين جو ساٿ ڇڏي ڏنو آهي. اها ڳالھ انهن جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ منعقد ڪيل ميوزيڪل پروگرام کي خطاب ڪندي فرمائي.ان موقعي تي عوام پنهنجين پوري فيملين سان گڏ جناح گرائونڊ ۾ موجود هئا ۽ سڄي رات گذرڻ جي باوجود ماڻهن ۾ وڏو جوش و خروش موجود هو. ان موقعي تي جناب الطاف حسين وڏي خوشگوار موڊ ۾ تمام حاضرين خصوصن نوجوانن کي مخاطب ڪيو ۽ انهن کي پيار سان آئي لو يو چيو، جنهن تي نوجوانن به جناب الطاف حسين کي الطاف ڀاءُ هئي لو يو چيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان اوهان سڀني کي لياقت آباد جلسي جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ جلسي جي انتظامن ۾ حصو وٺندڙ ڪارڪنن کي خراج تحسين به پيش ڪريان ٿو ۽ انهن جي لاءِ دعا ڪريان ٿو الله تعالٰي انهن کي ترقي ۽ خوشحالي عطا فرمائي. انهن فرمايو ته جيڪي متعصب اينڪر پرسن ۽ تجزيه نگار ٽي وين تي ويهي ڪري ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا ۽ عوام کي ڊي مورولائيز ڪرڻ جي لاءِ اهو چوندا رهيا ته ايم ڪيو ايم ختم ٿي وئي آهي اڄ جي تاريخي جلسي انهن جي منهن تي هڪ اهڙي زوردار چماٽ هنئي آهي جو انهن سڀني جا هوش اڏامي ويا آهن.انهن فرمايو ته ڪجھ تجزيه نگارن اهو چيو ته نئين نسل ته الطاف حسين کي سڃاڻي ئي نه ٿي ته اهي الطاف حسين سان گڏ ڪيئن ٿيندا.اهي اچي ڏسي وٺن ته نئين نسل منهنجي لاءِ اهڙي طرح ديواني آهي ڄڻ ته اهي صبح و شام مون سان گڏ رهندا هجن. انهن فرمايو ته منهنجيون امڙيون ۽ ڀينرون صبح کان وٺي شام تائين تمام گهڻڻ مسئلن ۾ وڪوڙيل رهن ٿيون. انهن کي ڪائي به تفريح ميسر نه ٿي اچي. پر جڏهن مان انهن کي خوش ڏسان ٿو ته منهنجو دل وڌي وڃي ٿو.الله تعالٰي منهنجين امڙين ۽ ڀينرن کي خوش رکي ۽ انهن کي نظر بد کان بچائي. آمين. 

7/17/2024 1:17:19 PM